سرائيڪي ٻولي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 34:
'''سرائيڪي '''يا '''سرائڪي''' ٻولي:
'''Saraiki'''({{lang|skr|{{Nastaliq|سرائیکی}}}} ''{{transl|skr|Sarā'īkī}}'', also spelt '''Siraiki''', or less often '''Seraiki''') ھڪ [[انڊو آرين ٻولي]] آهي جيڪا [[پاڪستان]] جي [[ڏکڻ پنجاب]] ۾ ڪثرت سان ڳالھائي ويندي آھي.<!--<ref>{{harvnb|Lewis|Simons|Fennig|2016}}: "Until recently it was considered a dialect of Panjabi."; {{harvtxt|Masica|1991|p=443}} defines Saraiki as a "new literary language"; see also {{harvtxt|Shackle|2003|pp=585–86}}</ref>--> .ھن ٻولي جي ڳالھائيندڙن ۽ [[اسٽينڊرڊ پنجابي]] ٻولي جي ڳالھائيندڙن لاء ٻئي ٻوليون باھمي طور تي ھڪٻئي لاء سمجھ ۾ ايندڙ ٻوليون آھن.<ref>{{harvnb|Rahman|1995|p=16}}; {{harvnb|Shackle|2014b}}</ref> سرائيڪي [[پاڪستان]] جي ٻہ ڪروڙ ماڻهن جي مادري زبان آهي{{sfn|Lewis|Simons|Fennig|2016}}{{efn|2013 estimate}}
 
'''سرائڪي ٻولي''' (Siraaiki bboli) معنا سنڌ توڙي سنڌو نديءَ جي سري يعني مٿئين ڀاڱي جي ٻولي، سنڌ جو سرو يا اتر وارو ڀاڱو. [[سنڌ]] ۾ '''جت''' گهڻو ڪري سرائيڪي ڳالهائيندا آهن، تنهنڪري اها '''جتڪي''' به سڏجي ٿي. <ref>[http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Lasaniyat/Book1/Book_page5.html سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي] پاران سنڌي ادبي بورڊ</ref>
 
== سرائڪي ۽ اُڀي جي ٻولي ==
’لهندو‘لفظ اصل ۾ آهي’اُلهندو‘۽ خاص طرح معنيٰ اٿس ’پنجاب جو الهندو طرف‘، ۽ اتي جي ٻولي ’لهندا‘ يعني پنجاب جي الهندي طرف جي ٻولي سڏجي ٿي. اها ملتان ڏي ملتاني، بهاولپور ڏي بهاولپوري، ۽ سنڌ ۾ سرائڪي سڏجي ٿي.
 
سرائڪيءَ جو ٻيو نمونو آهي '''’اُڀي جي ٻولي‘''' (Ubhay jee bboli). پنجاب جو ڏاکڻون ڀاڱو، بهاولپور جي حد کان وٺي سنڌ جي اتر واري ڀاڱي (اُٻاوڙي ۽ گهوٽڪيءَ طرف) تائين.’اُڀو‘ سڏجي ٿو.’اُڀو‘ معنيٰ مٿيون پاسو(درياءَ جي وهڪ جو). ان جو ضد آهي ’لمو‘ معنيٰ ڏاکڻو يا هيٺاهون ڀاڱو. اُڀي جي ٻولي اُٻاوڙي، گهوٽڪي ۽ ميرپورماٿيلي طرف چالو آهي، جتي اٽڪل ڏهه هزار ٻروچ ڪن ڪسابن کان بهاولپور کان لڏي اچي رهيا آهن. <ref>لنگئسٽڪ سروي، جلد 8، ڀاڱو1: صفحو 360</ref> اها اُڀي جي ٻولي سرائڪيءَ کانٿوري ڦريل آهي. [[ڪراچي]] ۽ [[حيدرآباد]] ۾ ڀاڳناري ۽ [[جيڪب آباد]] ۽ [[شڪارپور]] طرف جا ڀاڳي، ناريوال، ڇاٽي، روپاهي ۽ ٻيا ڪيترا هندو، جي اصل قلات طرفان آيا آهن، سي اڄ تائين زالين مڙسين، ٻارين ٻچين، سرائڪي ۽ [[سنڌي]] ٻيئي ٻوليون ڳالهائيندا آهن. اهڙيءَ طرح [[سنڌ]] ۾ جملي هڪ لک کن ماڻهو سرائڪي ۽ اُڀي جي ٻولي ڳالهائين ٿا. <ref>لنگئسٽڪ سروي جلد 8، ڀاڱو 1، صفحو 5</ref>
 
سرائڪيءَ ۽ اُڀي جي ٻوليءَ جو جگري ناتو پنجاب جي ’لهندا‘ ٻوليءَ سان آهي، اهي سڀ داردڪ بنياد جون آهن ۽ پئشاچ لوڪن جي پئشاچي پراڪرت مان پيدا ٿيل آهن، تنهن ڪري اسان جي [[سنڌي ٻولي]]ءَ سان جگري ناتو ڪو نه اٿن. پر ’لهندا‘ ۽ ’سنڌي‘ ٻئي هندستان جي بنهه اتر اولهه طرف چالو آهن. <ref name="autogenerated1">[http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Lasaniyat/Book1/Book_page5.html Sindhi Adabi Board Online Library (Lasaniyat)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
سرائيڪي ۽ سنڌي ٻولي ۾ هڪجهڙايون
سنڌيءَ ۾ ٻه، ڄ، ڏ ۽ ڳ اهي چار نج سنڌي اکر ليکيا وڃن ٿا. انهن مان ڪو به اکر جنهن لفظ ۾ ايندو آهي سو نج سنڌي ليکيو ويندو آهي. مثلاً: ڄڃ، ٻڌڻ، ڏيڻ، ڳڱ. اهي چارئي اکر نڪي سنسڪرت ۾ نڪي ڪنهن پراڪرت ٻوليءَ ۾ آهن. ته پوءِ اسان ڪٿان آندا؟ پڌرو پيو آهي، ته سرائڪي ڳالهائيندڙن سان نهايت قديم زماني کان وٺي، ويندي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبين تائين، گهڻو لڙهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري کانئن سکيا آهيون. سرائڪي ۾ چارئي اکر آهن. مثلاً:
 
دم دم سان ڏي دل تي سڄڻان ديان ڳالهيان،
ڏاڍا فــــراق لــڳــــڙا، بــرهه باهــيــان ٻــالـيــــان. (بيڪس)
 
هتي ڏسو ته ’ٻاليان‘ ۾’ٻ‘، سڄڻان‘ ۾ ’ڄ‘ ’اسان ڏي ۽ ڏاڍي‘ لفظن ۾ ’ڏ‘ ۽ ’ڳالهيان‘ ۾ ’ڳ‘ آهي. ٻيا مثال:
هندي سرائڪي سنڌي
دينا ڏيوڻ ڏيڻ
دانت ڏند ڏند
ديکنا ڏيکڻ ڏسڻ
 
اهڙا به ڪيترا مثال آهن جن ۾ ’ڙ‘ بدران سنڌي توڙي سرائڪيءَ ۾’ڏ‘ جو اُچار آهي. مثلاً: هندي لفظن ’گاڙي‘ ۽ ڪؤڙي بدران سرائڪيءَ توڙي سنڌيءَ ۾ چون ’گاڏي‘ ۽ ’ڪوڏي‘. سرائڪي ڳالهائيندڙ انهيءَ ريت ’ر‘ کي به مٽي ’ڏ‘ ڪندا آهن. مثلاً: هندستاني ’ميرا‘ ۽ ’تيرا‘ بدران چون ’ميڏا‘ ۽ ’تيڏا‘. هن مان ظاهر آهي، ته اها عادت سرائڪيءَ ۾ زور آهي. ديري اسماعيل خان پاسي به ’د‘ بدران ’ڏ‘ چوندا آهن. مثلاً: دادا، دال ۽ دو بدران چون ڏاڏا، ڏال ۽ ڏون معنيٰ ٻه. اهو ساڳو نمونو ملتاني، سرائڪي ۽ سنڌيءَ ۾ به آهي:
 
’ڏينهن مڙيئي ڏون،اُٿي لوچ لطيف چوي‘ (شاهه). <ref name="autogenerated1"/>
 
== حوالا ==
{{حوالا|2}}
{{Incubator|skr}}
 
[[زمرو:انڊيا جون ٻوليون]]
[[زمرو:پاڪستان]]
[[زمرو:تاريخ]]
[[زمرو:تواريخ]]
[[زمرو:سنڌ]]
[[زمرو:سنڌي ٻولي]]
[[زمرو:لسانيات]]
[[زمرو:ٻوليون]]