صلاح الدين تنيو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
== حوالا == {{حوالا|2}} {{ڪچو}} اسٽائيل کي بهتر ڪيو
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
م خودڪار: اضافو زمرا : + زمرو:سنڌي ماڻھو
سِٽَ 2:
صلاح الدين تنيو پوري پاڪستان ۾ ٽيليويزن جي ڊرامن وسيلي سڃاتو وڃي ٿو. هن شروع ۾ ريڊيو تي ڪم ڪيو، ان کان پوءِ پي ٽي وي ڊرامن جي سلسلي ”ناٽڪ سڀا“ ۾ پيش ٿيندڙ ڊرامي ”ناسور“ ۾ ڪردار ادا ڪيائين. اهو سندس پهريون ڊرامو هو. ان کان پوءِ هن کي ڪافي عرصو ننڍا ننڍا ڪردار ملندا رهيا، اڄ هو سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي سينيئر اداڪارن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. شوڪت شوري جي لکيل ۽ فيض ٻگهيي جي پروڊيوس ڪيل سنڌي ڊرامي ”باک“ ۾ مولوءَ جي ڪردار ۾ گهڻو مشهور ٿيو. سندس سنڌي ڊراما تمام گهڻا آهن، پر هن کي مرزا قليچ بيگ جي ڪلاسڪ ناول ”انڪوائري آفيسر“، کان سواءِ ”ڄار“، ”ملڪيت“، ”مور اڏاڻا مور“، ”دنيا ديواني“، ”قربتون“، ”آس“ ڊرامن جي ڪري گهڻي پذيرائي ملي.
کيس ڊرامي ”آس“۾ پي ٽي وي پاران 1999ع جو بهترين ريجنل اوارڊ مليو. تنيي صاحب 25 سالن ۾ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي. پروڊيوسر منظور مگسيءَ جي ڊرامي ”دراڙين“ ۾ نيشنل اوارڊ لاءِ منتخب ٿيو. صلاح الدين جو پهريون اردو ڊرامو، پروڊيوسر هارون رند جو پروڊيوس ڪيل ”ڇوٽي سي دنيا“ هو، جنهن جو ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو هو. ان کان پوءِ پروڊيوسر سيد علي رضويءَ پاران عبدالقادر جوڻيجي جو سال 1991ع ۾ پيش ٿيندڙ ڊرامو ”ڇوٽي بڙي لوگ“ شامل آهي، جنهن کي سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن پاران اوارڊ به مليو. ان سال ئي ٻيو ڊرامو ”جنرل هوش محمد“ جيڪو پروڊيوسر فيض ٻگهيي پروڊيوس ڪيو. ان کان سواءِ ”آسمان تڪ ديوار“، ”جهنگل“ ۽ ”زرد پتون ڪا پن“ ۾ به هن ڪم ڪيو. هن 1997ع ۾ ڊرامي ”سب سي بڙا رپيا“ جي هدايتڪاري به ڪئي. ان کان سواءِ سندس ئي پيشڪش ۾ رحمت الله ماڃوٺيءَ جو ڊرامو ”ڪالي چادر“ ڪيترن ئي ٽي وي چينلن تي هلڻ کان سواءِ اين. ٽي. وي تي به هليو. صلاح الدين تنيي اٽڪل پنجن فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي. جن ۾ غفار تبسم جي سنڌي فلم ”برسات“، ايس. گل جي فلم ”سهڻا سائين“، محمود صديقيءَ جي فلم ”علي گوهر“ ۽ ”آخري گولي“ وغيره شامل آهن. هن جو چهرو اداڪار وحيد مراد سان ملندو آهي، ۽ جڏهن فلم ”هيرو“ جي فلمبنديءَ دوران وحيد مراد وفات ڪري ويو ته هدايتڪار اقبال يوسف ان فلم کي مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪندي، وحيد مراد سان ملندڙ چهرن جو انٽرويو ڪيو. جنهن ۾ صلاح الدين کي چونڊيو ويو، پر پوءِ کيس ان اردو فلم جو ڪم نه ڏنو ويو. پاڻ اسٽيج ڊرامن جو بهترين اداڪار ۽ پروگرام آرگنائيزر به آهي. هن ڪيترن ئي ضلعن ۾ شاندار ورائٽي پروگرام پڻ ڪيا آهن. هن وقت به صلاح الدين تنيو مختلف ٽي. وي چئنلن تي ڊرامن ۾ بهترين اداڪاري ڪري رهيو آهي. سندس ٻه پٽ به اداڪاريءَ طرف راغب ٿيا آهن. پاڻ هن وقت سنڌي پرائيويٽ ٽي. وي چينلن تي ڊراما ڊائريڪٽر جي حيثيت سان به ڪم ڪري ٿو
 
 
== حوالا ==
{{حوالا|2}}
 
{{ڪچو}}
 
[[زمرو:سنڌي ماڻھو]]