هندوڌرم: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 5:
[[فائل:Aum Om navy blue circle coral.svg|thumb|ديوناگري اسڪرپٽ ۾ لکيل اوم ھندوازم جي ڌرمي نشان سمجھيو ويندو آھي]]
 
هندو ڌرم ڪنهن جاري ڪيو، ۽ ان جي شروعات ڪڏهن ٿي، تنهن جي ڪنهن کي به ڪل ڪانهي. جيئن عيساين جي مذهب جو بنياد وجهندڙ [[حضرت عيسيٰ عليه سلام]] مسيحن پاران مسيحت جا سربراھه سمجھا وڃن ٿا مسلمان جو بنياددين وجهندڙ محمّد صلی اللہ علیہ و آلہ وسلم،وسلم کڙىين تشريف آندي، پارسين جي مذهب جو بنياد وجهندڙ زردشت يا [[زرتشت]] (زورئسٽر) ليکيا وڃن ٿا، تيئن هندو ڌرم ڪنهن به بني بشر جي نالي پٺيان ڪونه سڏجي ٿو. ”هندو ڌرم جو مول ”ست“ آهي، ۽ ستيه سروپ ايشور پاڻ ليکي ٿو. هندو ائين وسهن ٿا ته ”جڏهن جڏهن ڌرم جي هاڃي ٿئي ٿي، ۽ اڌرم زور وٺي ٿو، تڏهن تڏهن ڌرم جي رکيا ڪرڻ لاءِ ايشور پاڻ اوتار ڌاري اچي ٿو“. هندن ۾ سري رامچندر، سري ڪرشن ۽ ٻيا ڪيترا اوتار ٿيا آهن، جن کي هندو اڄ تائين پوڄين ٿا، ته به اهي هندو ڌرم جا باني نٿا ليکجن، ۽ نڪا انهن پاڻ ڪڏهن ڪا اهڙي دعويٰ ڪئي. هندو ڌرم کانئن گهڻو گهڻو اڳي هو، ۽ عام طرح ”سناتن“ (آڳاٽو) ڌرم سڏيو وڃي ٿو، جيئن مٿي اڳي چيو ويو آهي. هندو ڌرم جو بنياد جن اصولن تي ٻڌل آهي، سي به ڪنهن هڪ ڄڻي جا جاري ڪيل ۽ ڦهلايل ڪينهن. اهو ويدڪ ڌرم آهي ۽ ويدن جون رچائون گهڻن رشين جون چيل آهن. جيئن جيئن کين الهام ٿي ٿيو، يا سرسوتيءَ ٿي ٻولايو، تيئن تيئن ٿي ٻوليائون. آڳاٽن رشين مان ڪي اول سنڌونديءَ جي ڪنٺي تي، ته ڪي سرسوتيءَ ۽ پنجاب جي ندين جي ڪنٺن تي رهندا هئا، تنهنڪري هندو ڌرم ۽ هندو سڀيتا جا اوائلي ماڳ سنڌ ۽ پنجاب آهن، جن مان به سنڌو نالو اهڙو برک هو، جو هندو ڌرم، هندو جاتي ۽ سڄو هندستان اڄ تائين ”سنڌو“ (هندو) نالي پٺيان سڏجن ٿا.
 
سنڌو ندي جهڙي پاڻ ڪشادي آهي، تهڙي ئي ڪشاده خيالي آڳاٽن رشين ۾ پيدا ڪيائين. ڪهڙو به هندو ڪهڙي به عقيدي تي هلي، ۽ ڪهڙي به نموني جي پوچا ڪري، ته ان لاءِ کيس کلي آزادي آهي. علحده عقيدن ۽ متن تي هلڻ ڪري ڀلي ته ڪو هندو ڪهڙي به پنٿ جو پاڻ کي سڏائي، ته به هو هندو آهي. ”پنٿ“ لفظ اهو ساڳيو آهي، جنهن جو اُچار ”سنڌيءَ ۾ ”پنڌ“ به آهي. جيڪي به پنٿ آهي“ آهن، سي سڀ سچي سائينءَ سان ملڻ لاءِ ”پنڌ“ يا واٽون آهن. جنهن کي جيڪا به واٽ وڻي سا ڀلي وٺي، جو سڀ واٽون آخر انهيءَ تائين پهچائين ٿيون، جو سڀني جو سرجڻهار آهي، ۽ جنهن سان آخر سڀني جو ڪم آهي. شريمد ڀاڳوت گيتا ۾ سري ڪرشڻ به ارجن کي ائين ئي چيو آهي.