داس ڪيپيٽل: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
حوالو ڄاڻايو۔
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
حوالو ڄاڻايو۔
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1:
داس ڪيپيٽال (Das Kapital): ڪارل مارڪس جو هيءُ جڳ مشهور ڪتاب سرمائيداري نظام جو تنقيدي جائزو پيشڪري ٿو.<ref>{{Cite book|url=http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16922&BookTitle=Syasat%20Samaj%20Azadi|title=سياست، سماج ۽ آزادي}}</ref> 1867ع ۾ شايع ٿيل هن ڪتاب جو جرمن ٻوليءَ مان انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ته رياست ۽ معيشت سان لاڳاپيل حلقن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڪارل مارڪس جي زندگيءَ ۾ ئي شايع ٿيو هو، جڏهن ته ڪتاب جي ٻئي ۽ ٽئين جلد جو مواد به تيار هو، جيڪو مارڪس جي دوست فريڊرڪ اينجلز ترتيبوار 1885ع ۽ 1894ع ۾ ڇپرايو.داس ڪيپيٽال جو چوٿون جلد 10-1905ع ڌاري ڪارل ڪوٽسڪيءَ شايع ڪيو. داس ڪيپيٽال ۾ ڪارل مارڪس واضح ڪيو آهي ته ڪهڙيءَ ريت سرمائيداري نظام ۾ معاشي سرگرميون جاري رهنديون آهن ۽ ڪهڙيءَ ريت سرمائيدار ٻين طبقن جو استحصال ڪندا آهن، جنهن ۾ مزدور طبقي جو استحصال بنيادي حيثيت رکي ٿو، ڇو ته سرمائيدار ڪنهن به شيءِ جي تياريءَ عيوض مزدور کي ان جي مارڪيٽ اگهه موجب ادائگيءَ ڪندو آهي، پر پاڻ انشيءِ کي وڏي اگهه سان مارڪيٽ ۾ وڪڻي سمورو فائدو پنهنجي کيسي ۾ وجهندو آهي. داس ڪيپيٽال ڪتاب ۾ معيشت جي سماجي پهلوءَ تي مارڪس جو مفيد بحث آهي. هن عوام کي اهڙي معاشري جو خواب ڏيکاريو آهي، جنهن ۾ سمورا انسان برابر هجن ۽ سندن طرز زندگي ۽ معاشي حيثيت هڪجهڙي هجي، ٻئي پاسي اشتراڪيت تي اعتراض ڪندڙ مبصرن جوچوڻ آهي ته هي نظام فطرت جي اصولن جي خلاف آهي، ڇو ته سندن نظر ۾ معاشري جا سمورا فرد هڪجهڙين صلاحيتن وارا نه هوندا آهن، ان ڪري کين هڪجهڙي اُجرت نه ٿي ڏئي سگهجي.<ref>{{حوالو_ويب|url=http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=داس%20ڪيپيٽال|title=داس ڪيپيٽال : (Sindhianaسنڌيانا)|website=www.encyclopediasindhiana.org|language=sd|access-date=2021-01-13}}</ref>