جنڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1:
'''جنڊ''' ([[انگريزي]]:Grinder) ھڪ قسم جي چڪي آهي جيڪو هٿ سان هلائي آڳاٽي زماني ۾ [[ڪڻڪ]]، [[جوئر]] يا [[ٻاجهري]] پينهي اٽو ڪرڻ يا اٽو پينهڻ لاءِ ڪم ايندو هو. جنڊ تي اٽو اڪثر ڪري عورتون پيهنديون هيون.  جنڊ کان پوءِ جانڊھ ڪم اچڻ لڳو جنهن ۾ جانور جوٽيو ويندو هو. اڄ به ٻهراڙين ۾ جنڊ يا جانڊھ[[جانڊهه]] جو رواج موجود آهي.<ref>{{حوالو_ويب|url=http://dic.sindhila.edu.pk/index.php?txtsrch=%D8%AC%D9%86%DA%8A|title=جنڊ {{!}} Online Sindhi Dictionaries {{!}} آن لائين سنڌي ڊڪشنريون|website=dic.sindhila.edu.pk|access-date=2021-01-07}}</ref>
 
==بناوت==
جنڊ جا ٻه پُڙ ٿيڻ جيڪي پٿر جا هوندا آهن. هيٺئين پڙ ۾ لوھ جو ڪِير يا ڪِل هوندو آهي. مٿئين پُڙ ۾ سوراخ ويڪرو هوندو آهي جنهن ۾ ڪاٺ جي مڪڙي هوندي آهي. ان مڪڙي ۾ سوراخ ٿئي ٿو جنهن ۾ هيٺئين پُڙ جو ڪير ايندو آهي. مٿئين پُڙ ۾ ڪاٺ جو هٿيو پوندو آهي جنهن ۾ هٿ وجهي جنڊ ڪاهبو آهي.<ref>{{حوالو_ويب|url=http://dic.sindhila.edu.pk/index.php?txtsrch=%D9%87%D9%BF%D9%8A%D9%88%D8%8C%20%D9%85%D9%BA%D9%8A%D9%88%20%D8%AC%D9%86%DA%8A%20%D8%AC%D9%88|title=هٿيو، مٺيو جنڊ جو {{!}} Online Sindhi Dictionaries {{!}} آن لائين سنڌي ڊڪشنريون|website=dic.sindhila.edu.pk|access-date=2021-01-07}}</ref> مڪڙي وٽان کليل حصي ۾ ان وجهبو آهي جنهن کي ٻُڪِي چئبو آهي. جنڊ ماٽ ۾ رکبو آهي جنهن ۾ اٽو گڏ ٿيندو ويندو آهي. ماٽ اڪثر ٺڪر جي ٺهيل هوندي آهي.