محمد ايوب خان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +صفائي (14.9 core): + زمرو:1974ع جون فوتگيون
ڳنڍڻن کي شامل/بهتر ڪيو
 
سِٽَ 1:
{{صندوق معلومات شخص}}
 
'''محمد ايوب خان''' 14 [[مئي]] 1907 تي صوبي [[خيبر پختونخوا|سرحد]] جي ڳوٺ ريحانه ۾ ڄائو. [[رايل ملٽري ڪالج]] [[انگلينڊ|انگلستان]] مان فوجي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ فوج ۾ مختلف عهدن تي رهيو. 1951ع ۾ بري فوج جو پهريو [[پاڪستان|پاڪستاني]] ڪمانڊر انچيف ٿيو. 1954 ۾ [[محمد علي بوگره]] کيس [[وزارت دفاع]] جو اهم عهدو سونپيو. [[اسڪندر مرزا]] جڏهن 1958ع ۾ مارشل لا نافذ ڪئي ته چيف مارشل لا ايڊمنٽريٽر ايوب خان کي ڪيائين ۽ انهن ڏيهن ۾ پرامن فوجي انقلاب زريعي ملڪ جو واڳون سنڀاليون. [[آڪٽوبر]] 1959ع ۾ کيس اعليٰ ترين فوجي عهدو [[فيلڊ مارشل]] ڏنو ويو. ايوب خان [[مارچ]] 1962 ۾ نئون [[صدارتي آئين]] نافذ ڪيو. [[جنوري]] 1965ع ۾ نئين [[آئين]] تحت عام چونڊون ٿيون. ۽ ايوب خان [[مسلم ليگ]] جي صدر جي حيثيت سان [[فاطمه جناح|فاطمه جيڻا]] کان وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي. 1965ع واري جنگ ۾ به ايوب خان [[پاڪستان فوج|پاڪستاني فوج]] جي اڳواڻي ڪئي. 1967ع ۾ سڀني سياسي پارٽين سندس حڪومت خلاف اتحاد ٺاهيو. هڪ وڏي تحريڪ شروع ڪئي وئي ۽ نيٺ 25 [[مارچ]] [[1969ع|1969]]ع تي ايوب خان ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي پاڻ استعفيٰ ڏئي ملڪ [[يحييٰ خان|يحيٰ خان]] جي حوالي ڪيو. ان کان پوءِ هو گهڻو وقت گهر ۾ ئي گذاريندو هو. هن پنهنجي [[سوانح عمري]] [[انگريزي ٻولي|انگريزي]] زبان ۾ لکي جنهن جو [[اردو]]ءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ايوب خان 1974ع ۾ دل ٽٽڻ سبب فوت ٿي ويو.
 
== تفصيل ==
سِٽَ 7:
پاڪستان جو اڳوڻو صدر ۽ فيلڊ مارشل -ايوب خان-. 14 مئي 1907ع تي هزارا جي هڪ ڳوٺ ريحانه جي هڪ وچولي درجي واري فوجي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مير داد خان رسالدار ميجر هو. ابتدائي -تعليم- ڳوٺ مان حاصل ڪئي. 1922ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ داخل ٿيو. جون 1926ع ۾ رايل ملٽري ڪاليج سينٽ هرسٽ مان فوجي تربيت حاصل ڪئي. 1932ع ۾ کيس ڪميشن ملي، پنجاب رجمينٽ ۾ ڪرنل ڪمانڊر رهيو، -ٻي عالمي جنگ- دوران -برما- جي محاذ تي موڪليو ويو، -جتي- پنهنجي دستي جو ڪمانڊر رهيو. 1947ع ۾ کيس ڪرنل جي عهدي تي -ترقي- ملي. -پاڪستان- قائم ٿيڻ کانپوءِ وزيرستان ۾ برگيڊيئر رهيو. ڊسمبر 1948ع ۾ مشرقي -پاڪستان- ۾ ميجر جنرل طور رهيو. 17 -جنوري- 1951ع تي جنرل سر ڊگلس گريسيءَ جي جاءِ تي -پاڪستان- آرميءَ جو پهريون مسلمان ڪمانڊر -ان- چيف مقرر ٿيو. هي پهريون پاڪستاني هو جنهن کي اهو اعزاز مليو هو. -ايوب خان- کي فوج جي سربراهه جو عهدو -ان- ڪري ڏنو ويو هو ته بظاهر هو ڪنهن لابيءَ سان واڳيل نه هو ۽ نه ئي ڪو سياسي مقصد هئس پر -ترقي- ملڻ جي ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ -ايوب خان- ملڪ جي سگهاري سياسي شخصيت بڻجي ويو. -ايوب خان- -آمريڪا- کان فوجي ۽ معاشي امداد وٺڻ ۽ عالمي معاملن ۾ -پاڪستان- کي -ان- جو اتحادي بنائڻ لاءِ ذميوار آهي. 1954ع ۾ آرمي چيف ۽ وزير دفاع هئڻ ڪري هي -ان- پوزيشن ۾ هو ته حڪومت جي ڪنهن به فيصلي کي رد ڪري ڇڏي.
1958ع ۾ فيلڊ مارشل جنرل -ايوب خان- ۽ سندس ساٿي جنرلن فيصلو ڪيو ته ”نااهل سياستدانن“ مان ماڻهن جي جان آجي ڪرائجي، سندس دور حڪومت ذاتي ۽ آمراڻي دور طور سڃاڻپ رکي ٿو. -ايوب خان- ملڪ کي معاشي، قانوني، سياسي ۽ آئيني ادارا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. -ايوب خان- حڪومت ۾ اچڻ شرط بليڪ مارڪيٽنگ اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي خلاف سخت قدم کنيا. رشوت ۽ بدعنوانين ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروايون ڪيون. جنهن سان کيس شروعاتي طور عوام وٽان مڃتا ملي. پنهنجي خلاف سياسي مخالفت کي روڪڻ لاءِ پروڊا لاڳو ڪيو، جنهن موجب هن سياستدانن تي 15 سالن جي لاءِ پابندي وجهي ڇڏي هئي. هڪ ٻيو ”قانون ايبدو“ (Elective Bodies Disqualification Order) پڻ لاڳو ڪيو ويو، جنهن جو مقصد اڳوڻن حاڪم سياستدانن خلاف بدعنوانين ۽ ٻين اهڙن الزامن هيٺ ڪيس هلائڻ هو، پر کين -ان- صورت ۾ معافي ملي پئي سگهي ته هو ايندڙ ستن سالن تائين ڪنهن به قانون ساز اداري جي چونڊن ۾ اميدوار نه هوندا. اٽڪل 7 هزار ماڻهو ايبڊو جي لپيٽ ۾ آيا. اهو قانون محمد ايوب کهڙي تي به لاڳو ڪيو ويو هو. پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس لاڳو ڪري پريس تي پابنديون وڌيون ويون. سندس ئي ڏينهن ۾ نئون شهر -اسلام- -آباد- اڏي، ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچيءَ مان اتي منتقل ڪيو ويو. 1959ع ۾ زرعي سڌارا آندا ۽ قانون لاڳو ڪري زمين جي وڌ ۾ وڌ حد ملڪيت 200 -ايڪڙ- مقرر ڪئي ويئي. جيتوڻيڪ وڏن زميندارن، ڪجهه نوڪر شاهي سان گڏجي ته ڪجهه وري سياسي اثر استعمال ڪندي پنهنجون زمينون بچايون پر پوءِ به اٽڪل 40 لک -ايڪڙ- زمين سرڪار حاصل ڪئي، جنهن مان وڏي ايراضي سنڌ ۾ هئي، بعد ۾ اها زمين گهڻي ڀاڱي سول ۽ فوجي آفيسرن ۾ ورهائي وئي. 1958ع ۾ نام نهاد شريف ڪميشن ذريعي تعليمي پاليسي لاڳو ڪئي وئي، جنهن موجب مادري زبانن خاص ڪري سنڌي زبان جي پڙهائيءَ کي پرائمري تائين محدود ڪيو ويو، جنهن خلاف سنڌي زبان سوسائٽي، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جي محب وطن سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تحريڪ هلائي، ۽ ايوب رجيم کي مجبور ٿي 14 -آڪٽوبر- 1962ع تي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو ۽ سنڌيءَ جي ذريعه -تعليم- واري اڳوڻي حيثيت بحال ٿي. -ايوب خان- 1959ع ۾ ”بنيادي -جمهوريت- جو نئون سياسي نظام“ لاڳو ڪيو ۽ 1962ع ۾ نئون -آئين- ڏنو، جيڪو صدارتي نظام وارو هو. هن جي وقت ۾ پرڏيهي پاليسي -آمريڪا- جي حامي رهي پر پوءِ به هن چين ۽ سوويت يونين سان ناتا بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. 1960ع ۾ انڊس واٽرس ٽريٽي (سنڌو طاس ٺاهه) عالمي -بئنڪ- ۽ -آمريڪا- جي مدد سان ڪيو ويو، جنهن موجب اولهه وارا ٽي درياهه يعني سنڌو درياهه، جهلم ۽ چناب -پاڪستان- کي ڏنا ويا ۽ -اوڀر- وارا ٽي درياهه راوي، -بياس- ۽ ستلج ڀارت کي ڏنا ويا، جنهن جي بنياد تي اڳتي هلي پاڻيءَ جي معاملي تي پنجاب سنڌ سان زيادتي ڪئي ۽ سنڌ جي اجازت کان سواءِ ڊئم تيار ڪرائي، سنڌوءَ جو -پاڻي- روڪيو ۽ سنڌ کي معاشي طرح تباهه ڪيو. جنهن خلاف سنڌي قوم بنا تميز پارٽيءَ جي وڏي جدوجهد هلائي ڪالاباغ ڊئم رٿا رد ڪرائي آهي.
لڳاتار سرحدي چڪرين بعد [[انڊو-پاڪستاني جنگ 1965ع|1965ع ۾ ڀارت ۽ -پاڪستان-]] جي وچ ۾ ڪشمير جي سرحد ۽ رڻ ڪڇ ۽ -ٿر- وارن علائقن ۾ [[انڊو-پاڪستاني جنگ- 1965ع|جنگ]] لڳي، سوويت يونين -ٽياڪڙي- ڪري 1966ع ۾ ٻنهي ملڪن ۾ صلح ڪرايو، -ايوب خان- ۽ ڀارتي وزيراعظم لال -بهادر- شاستري -تاشقند- ٺاهه تي صحيحون ڪيون. ايوب ڪابينا جي پرڏيهي معاملن واري وزير [[ذوالفقار علي ڀٽو|ذوالفقار علي ڀُٽي]] -ان- ٺاهه جي مخالفت ڪئي ۽ وزارت -تان- استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي. ڀارت سان -جنگ- ۽ -تاشقند- ٺاهه ايوب حڪومت لاءِ فيصلي ڪن موڙ ثابت ٿيو.
فيبروري 1966ع ۾ لاهور ۾ مخالف ڌر جي سياسي جماعتن طرفان ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي. هن ڪانفرنس ۾ -اوڀر- -پاڪستان- ۾ حمايت رکندڙ عوامي ليگ ڇهه نڪتا پيش ڪيا. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شاگردن ۽ مزدورن جون تحريڪون شروع ٿيون. 4 مارچ 1967ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن احتجاج ڪيو جنهن ۾ اڳ ئي هلندڙ ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ کي وڌيڪ سگهارو ڪري ڇڏيو هو. هن ئي دؤر ۾ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي مداخلت تي علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽيءَ مان استعيفيٰ ڏني. -ٽڪا خان- پنهنجي ڪنهن عزيز جي ناپاس ٿيڻ تي سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ جو مضمون ختم ڪرايو، جنهن خلاف وڏو احتجاج ٿيو.
1968ع ۾ -ايوب خان- حڪومت جي ڏهن سالن جي ڪارڪردگي جو جشن ملهارايو پر اهو جشن فائدي ڏيڻ بدران سياسي طور نقصانڪار ثابت ٿيو. 1969ع ۾ مختلف سياسي جماعتن ڊيموڪريٽڪ ايڪشن ڪميٽي (ڊيڪ) ٺاهي جنهن -جمهوريت- جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو.