عمران خان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Zromeron (بحث) پاران سنوارون واپس Savh جي آخري مسودي ڏانھن ڪيون ويون
ٽيگَ: واپس ورايل SWViewer [1.4]
ٽيگَ: موٽايل موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 146:
}}
عمران احمد خان نيازي (Imran Ahmed Khan Niyazi) پاڪستان جو سياستڪار، اڳوڻو ڪرڪيٽ جو رانديگر، پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اَڳوڻو ڪپتان، شوڪت خانم ميموريل اسپتال جو باني ۽ تحريڪ انصاف پارٽيءَ جو سرواڻ 25 نومبر 1952ع ۾ لاهور ۾ اڪرام الله جي گھر ۾ پيدا ٿيو هو. عمران خان 1971ع کان 1992ع تائين پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کيڏندو رهيو آهي.
 
== ذاتي زندگي ۽ تعليم ==
عمران خان (Imran Khan) جو لاڳاپو پشتونن جي نيازي قبيلي سان آهي. پر سندس ماءُ شوڪت خانم پنهنجي زندگيءَ جو گھڻو تڻو وقت ميانوالي ۾ گذاريو. عمران خان، اڪرام الله خان نيازيءَ جو اڪيلو پُٽ هو. هن شروعاتي تعليم لاهور جي ڪيٿيڊرل اسڪول ۽ ايچيسن ڪاليج مان ماڻي، ان کانپوءِ وڌيڪ پڙهائي لاءِ انگلينڊ هليو ويو. اُتي رائل گرامر اسڪول ۾ تعليم پرائي ۽ پوءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اَي جي ڊگري ورتي. عمران خان 1974ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان پڻ رهيو.
 
== شوڪت خانم ميموريل اسپتال ==