راجا وڪرمادتيا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مضمون کي بهتر بڻايو
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
←‏گُرُو گورَکناٿَ جِي ڌُوڻِي: ڳنڍڻن کي شامل/بهتر ڪيو
سِٽَ 17:
وِيرُ وِڪرَمادِتِيَ جو ڏاڍو وَڏو ۽ سونَهَرِي اِتِهاسُ آھي ۔ ڀارَتَ ۾ ھَلَندَڙَ سَنوَتِ کي "وِڪرَمِي سَنوَتِ" چَوَندا آھِنِ، جيڪا عِيسائِي سَنوَتِ کانّ 57 وَرِيَھَ اَڳُ کانّ ھَلَندِي اَچي ٿِي. ڪِنِ اِتِهاسڪارَنِ لِکِيو آھي تَ ڀارَتَ جو قُطُب مِينارُ ۽ مَڪي - مَدِيني ۾ شِوَ جو مَندَرُ ٺاھِرايو هو.
 
ٻَئِي ڀائُرَ سِنڌُ ۾ آيا هُئا. اِنھَننِ جا آسٿانَ اَڄُ بِ سِنڌُ ۾ آھِنِ. وِيرُ وِڪرَمادِتِيَ جو هِڪُ عالِيشانُ ڪُٻو (سَماڌِي) ۽ مَندَرُ ٺَهِيَلُ آھي، جيڪو ڳوٺَ ٽَنڊي فضَل جي اوڀَرَ ۾ اَٽِڪَلَ 8 ميلَ پَري ۽ ٽَنڊي مُھَمَدخانَ کانّ اولَھَ ۾ 10 ميلَ پَري، ضِلعي [[حيدرآباد، سنڌ|حَيدرآباد]] ۾ آھي. ھِنَ آسٿانَ ۾ هِڪُ هالُ آھي، جَنھِنجي ٻِنهِينّ پاسي ٻَ ڪَمرا آھِنِ ۔ ھِڪَ ۾ سَماڌِي ۽ ٻي ۾ مَندَرُ آھي ۔ مَندَرَ ۽ سِماڌِيءَ ۾ اَکَنڊُ جوتِ ٻَرَندِي ھُئِي. هَرِ سالِ ميلو لَڳَندو هو. ماڻهُونّ پَرِيانّ - پَرِيانّ کانّ دَرشَنُ ڪَرِڻَ اِيندا هُئا، اَچَڻَ وارَنِ جي مَنَ جُونّ آشونّ - مُرادُونّ پورِيُونّ ٿِيندِيُونّ ھُيُونّ.
 
اِيھو ڏِسِي ڳوٺَ جي شيخ مُسَلمانَنِ سَماڌِيءَ واري ڪَمري تي ڪَبجو ڪَري، قَبرَ جو رُوپُ ڏِنو ۽ چَيائُونّ تَ هي اَسانجو پِيرُ "شيخُ ڀِرڪِيو" آھي. اَنگريزَنِ جي راڄَ ۾ ڪورَٽ ۾ ڪيسُ هلايو وَيو. ڪورَٽ جي فيصلي کانّ پو قَبرَ وارو ڪَمرو شيخنِ کي ۽ مَندَرَ وارو ڪَمرو هِندُو سِنڌِنِ کي ڏِنو وَيو.
سِٽَ 23:
وِڪرَمادِتِيَ جو وَڏو ڀاءُ راجا ڀَرٿَرِي هو ۔ ھُنَ کي ويراڳُ جاڳِيو ۽ تَپَسِيا ڪَرِڻَ لاءِ وِڪرَمادِتِيَ کي راڄُ ڏَئِي، جھَنگَ ۾ هليو وَيو. راجا ڀَرٿَرِيءَ جِي سَماڌِي سِنڌُ ۾ ضِلعي دادُوءَ جي [[سيوھَڻَ]] ۾ ھُئِي ۔ جيڪا پِيرُ لالُ شَهبازُ قلَندَرَ (اُسمانشاھ مَروَندِي) جي ڪُٻي وارِي ايراضِيءَ ۾ آھي.
 
سِنڌُ ۾ [[ڪراچي|ڪَراچِي]] ضلعي جي جھُوني نَنگَرَ ٺَٽي ۾ "پِيرَ پَٺي" وَٽِ، وِڪرَمادِتِيَ جي ڀاڻيجي راجا گوپِيچَندَ جِي راڄَڌانِي اَڄُ بِ ڦِٽَلَ - کَنڊَھَرَ جي رُوپَ ۾ آھي. گوپِيچَندَ جو ڏوھِٽرو "گوگلُ وِيرُ" هو، جَنھِنجي نالي سانّ گوگِڙي - گوگِئي جو ڏِڻُ مَلھائِبو آھي، اِنھَنّ ڏِڻَ کي "ناگپَنچمِي" نالي سانّ ڀارَتَ ۾ بِ مَلھائِبو آھي. "گوگَل وِيرَ" جِي ھِڪَ ڪَٿا بِ مَشَهُورُ آھي.
 
==گُرُو گورَکناٿَ جِي ڌُوڻِي==
نَنگَرَ ٺَٽي ۾ ڪَڏَھِنّ [[سنڌ|سِنڌُ]] جِي گادِي ھُئِي ۔ جِتانّ گھَڻَنِي سِنڌِي راجائُنِ راڄُ هَلايو. اِنھَنّ جھُوني نَنگَرَ ۾ ناٿ - پَنٿُ هَلائِڻَ واري گُرُو گورَکناٿَ جِي ڌُوڻِي آھي. اِنھَنّ ڌُوڻِيئَنّ جِي ڀَڀُوتِي - رَکَ لَڳائِڻَ سانّ ڪيئِي روڳَ مِٽِي ويندا هُئا، اِنھَنّ ڪَري عامُ ماڻهُونّ، گھَڻائِي راجا ۽ ساڌُو - سَنتَ بِ اِيندا هُئا. اِنھَنّ ڪَري ٺَٽو هِڪُ تِيرَٿُ بَڻِجِي وَيو هو ۔ گورَکناٿُ وِڪرَمادِتِيَ ۽ ڀَرٿَرِيءَ جو گُرُو هو. گورَکناٿُ [[ھنگلاج|ھِنگلاج]] ماتا جا دَرِشَنُ ڪَرِڻَ سِنڌُ وَيو هو.
 
اُجَين ڀارَت جي مَنجھائينّ پرَديشَ M.P. ۾ آھي ۔ اُجَين ۽ آسپاس ۾ "سَينڌَوَ" جاتِ جا ھَجارينّ پَرِيوارَ آھِنِ ۔ هِتانّ جو راڄُ پَرِيوارُ "سِنڌِيا" چَوائِيندو آھي ۔ جِنِ جو چَوَڻُ آھي تَ هُنَنِ جا وَڏا ڪَڏَھِنّ سِنڌُ مانّ آيا هُئا، اِنھَنّ ڪَري هُو 'سَينڌَوَ' ۽ 'سِنڌِيا' معنا "سِنڌُ جا" چَوائِيندا آھِنِ.