پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 195:
|}
 
== نالو ۽ قومي ترانو ==
پاڪستان لفظ ٻن لفظن پاڪ ۽ ستان ( جاء يا ملڪ) مان نڪتل آھي. پاڪستان لفظ جي معني آهي پاڪ جاء. اھو نالو 28 جنوري 1933 ۾ برطانيا م ھڪ مسلمان شاگرد چوڌري رحمت علي پاران ھڪ پمفليٽ "ھاڻي يا ڪڏھن بہ نه" ۾ ڏنو ھيو<ref name="nowornever">{{cite web|url=http://www.columbia.edu/itc/mealac/pritchett/00islamlinks/txt_rahmatali_1933.html|title=Now or never: Are we to live or perish for ever?|author=Choudhary Rahmat Ali|publisher=Columbia University|date=28 January 1933|accessdate=4 December 2007}}</ref>.<br>
پاڪستان جي قومي تراني لاءِ ڏسو:
 
===*[[پاڪستان جو قومي ترانو===]]
*[[پاڪستان جو ترانو]]
 
پاڪستان جي قومي تراني جي پھرين ڌن تيار ٿي ھئي بعد ۾ ان ڌن سان مطابقت ۾ مختلف شاعرن کان ٽي سال بعد لکايو ويو جن مان [[حفيظ جالنڌري]] وارو لکيل موجوده ترانو '''پاڪ سرزمين شادباد''' منظور ڪيو ويو. تراني جي ڌن سنڌ جي ھڪ موسيقار [[ احمد غلام علي ڇاڳلا]] تيار ڪئي جيڪا 21 آگسٽ 1949ع تي پاڪستان جي حڪومت منظور ڪئي. پاڪ سرزمين شادباد جي ان ڌن سان بھترين مطابقت ٿيڻ بعد گورنر جنرل ملڪ غلام محمد 4 آگسٽ 1954ع تي احمد جي ڇاڳلا جي ڌن ۽ ابوالاثر حفيظ جالنڌري جي پاڪ سرزمين شادباد کي پاڪستان جو قومي ترانو ڪري منظور ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 13 آگسٽ 1954ع تي اھو ترانو پھريون دفعو ريڊيو پاڪستان تي نشر ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>.
 
===قومي جھنڊو===
پاڪستان جو موجوده جھنڊو [[سيد اميرالدين قدوائي]] ڊزائين ڪيو. ان جو بنياد مسلم ليگ جي اصل جھنڊي کي بڻايو ويو. آزادي کان ڪجھ ڏينھن اڳ 8 آگسٽ 1947 ع تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ان جي قومي پرچم طور منظوري ڏني<ref name = " پاڪستان "/>. جھنڊي ۾ اڇو رنگ غير مسلم اقليت جي ۽ تيز سائو رنگ مسلم اڪثريت جي نمائندگي ڪري ٿو. ھلال ترقي جي ۽ پنج ڪنڊو تارو روشني ۽ علم جي نمائندگي ڪري ٿو.