پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 262:
 
===ذوالفقار علي ڀٽو جو دؤر===
اقتدار جي منتقلي ۽ صدر پاڪستان ٿيڻ بعد ذوالفقار علي ڀٽو کي درپيش سڀ کان وڏو چئلينج ھڪ متفقه نئين آئين جي تشڪيل ھيو. 23 جنوري 1972 تي ليفٽيننٽ جنرل گل حسن کي ٽن سالن لاء پاڪستاني فوج جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو ويو بعد ۾ 3 مارچ 1972 تي ان سميت ايئرفورس جي ڪمانڊر ايئر مارشل رحيم خان ھٽائي انھن جي جاء تي ترتيبوار جنرل ٽڪا خان ۽ ايئر مارشل ظفر چوڌري کي مقرر ڪيو ويو. 10 مارچ تي ٽڪا خان ڊيلي ٽيليگراف کي انٽرويو ۾ ٻڌايو تہ 30000 بنگالي فوج سان مقابلي ۾ مارجي ويا ھئا ۽ ان کان وڌيڪَ انگ اکر وڌاءُ ھو. 11 اپريل تي عبوري آئين جو مسودو پارلياماني ليڊرن ۾ ورھايو ويو ۽ 17 اپريل 1972ع تي نيشنل اسيمبلي منظوري ڏني مخالف ڌر ووٽنگ ۾ شامل نه ٿي <ref name = " پاڪستان "/>. ساڳي تاريخ تي پاڪستان جي آئين جي تياري لاء قومي اسيمبلي جي 25 رڪنن جي محمود علي قصوري جي سربراهي ۾ ھائوس ڪميٽي جوڙي وئي پر بعد ۾ 4 آڪٽوبر تي قصوري اختلافن جي ڪري ان ذميواري تان استعيفا ڏئي<ref name = " پاڪستان "/>. 21 اپريل تي صدر عبوري آئين جي توثيق ڪئي ۽ 3 سال ۽ 26 بعد مارشل لا ختم ڪئي وئي ۽ آئين جي حاڪميت جي بحالي ٿي. صدر ۽ چيف جسٽس حمود الرحمان راولپنڊي ۾ ان آئين تحت قسم کنيا<ref name = " پاڪستان "/>.25 اپريل 1972 تي پھرين مئي کي مزدورن جو ڏينھن ڪري ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ پھرين مئي 1972 تي پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو اھو ڏينھن ملھايو ويو. ساڳي ڏينھن ممتاز ڀٽو، سردار عطاءُ الله خان مينگل، مولانا مفتي محمود سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جا وزير اعليَ مقرر ڪيا ويا جڏهن ته پنجاب لاء ملڪ معراج خالد کي نامزد ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 38 جون تي شملا سمٽ ۾ ڀٽو ۽ اندراگانڌي پنھنجن ايڊيز کان سواءِ ملاقات ڪئي. مذاڪرات جاري رھيا ۽ 3 جولاءِ تي ٻنھي شملا معاھدي تي صحيحون ڪيون. ٻنھي اڳواڻن طئي ڪيو تہ ٻنھي ملڪن جون فوجون پنھنجي پراڻي سرحدي پوزيشن تي اينديون، تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪيو ويندو، ڪشمير ڪنٽرول لائين ۾ مداخلت ۽ انحرافي نہ ڪئي ويندي، واپاري ۽ ثقافتي تعلق بحال ڪيا ويندا<ref name = " پاڪستان "/>. 7 جولاء تي سنڌ اسيمبلي سنڌي کي اردو وانگر صوبي جي سرڪاري ٻولي بڻائڻ جي منظوري ڏني جنھن تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اردو جي حق ۾ پرتشدد مظاھرا شروع ٿي ويا جنھن ڪري ڪرفيو لڳائڻو پيو. ھڪ دفعو ٻيھر جنگ اخبار بم رئيس امروهي جو شعر ''اردو کا جنازہ ہے ذرا دھوم سے نکلے'' ڇاپيو ويو. فسادن ۾ پوليس جي فائرنگ چ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا 150 زخمي ٿيا. 16 جولاءِ 1972 تي گورنر سنڌ ٽيچنگ، پروموشن اينڊ يوز آف سنڌي لينگويج بل 1972ع جي توثيق ڪئي.
.<ref name = " پاڪستان "/>. 8 جولاءِ 1972 ۾ حمود الرحمان واري جنگي ڪميشن جي رپورٽ تي ميمبرن سپريم ڪورٽ جي چيمبر ۾ صحيحون ڪيون ۽ 13 جولاءِ تي چيف جسٽس حمود الرحمان اھا رپورٽ صدر کي پيش ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>.
14 جولاء 1972 تي نيشنل اسيمبلي شملا معاهدي جي منظوري ڏني جڏھن ته ڀارتي لوڪ سڀا ان جي توثيق پھرين آگسٽ تي ڪئي ۽ 29 آگسٽ بتي نيو دھلي ۾ ٻنھي ملڪن شملا معاهدي تي عملدرآمد واري ايگريمينٽ تي صحيحون ڪيون<ref name = " پاڪستان "/>.
.