پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 262:
 
===ذوالفقار علي ڀٽو جو دؤر===
اقتدار جي منتقلي ۽ صدر پاڪستان ٿيڻ بعد ذوالفقار علي ڀٽو کي درپيش سڀ کان وڏو چئلينج ھڪ متفقه نئين آئين جي تشڪيل ھيو. 23 جنوري 1972 تي ليفٽيننٽ جنرل گل حسن کي ٽن سالن لاء پاڪستاني فوج جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو ويو بعد ۾ 3 مارچ 1972 تي ان سميت ايئرفورس جي ڪمانڊر ايئر مارشل رحيم خان ھٽائي انھن جي جاء تي ترتيبوار جنرل ٽڪا خان ۽ ايئر مارشل ظفر چوڌري کي مقرر ڪيو ويو. 10 مارچ تي ٽڪا خان ڊيلي ٽيليگراف کي انٽرويو ۾ ٻڌايو تہ 30000 بنگالي فوج سان مقابلي ۾ مارجي ويا ھئا ۽ ان کان وڌيڪَ انگ اکر وڌاءُ ھو. 11 اپريل تي عبوري آئين جو مسودو پارلياماني ليڊرن ۾ ورھايو ويو ۽ 17 اپريل 1972ع تي نيشنل اسيمبلي منظوري ڏني مخالف ڌر ووٽنگ ۾ شامل نه ٿي <ref name = " پاڪستان "/>. ساڳي تاريخ تي پاڪستان جي آئين جي تياري لاء قومي اسيمبلي جي 25 رڪنن جي محمود علي قصوري جي سربراهي ۾ ھائوس ڪميٽي جوڙي وئي<ref name = " پاڪستان "/>. 21 اپريل تي صدر عبوري آئين جي توثيق ڪئي ۽ 3 سال ۽ 26 بعد مارشل لا ختم ڪئي وئي ۽ آئين جي حاڪميت جي بحالي ٿي. صدر ۽ چيف جسٽس حمود الرحمان راولپنڊي ۾ ان آئين تحت قسم کنيا<ref name = " پاڪستان "/>.25 اپريل 1972 تي پھرين مئي کي مزدورن جو ڏينھن ڪري ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ پھرين مئي 1972 تي پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو اھو ڏينھن ملھايو ويو. ساڳي ڏينھن ممتاز ڀٽو، سردار عطاءُ الله خان مينگل، مولانا مفتي محمود سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جا وزير اعليَ مقرر ڪيا ويا جڏهن ته پنجاب لاء ملڪ معراج خالد کي نامزد ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>.
اقتدار جي منتقلي ۽ صدر پاڪستان ٿيڻ بعد ذوالفقار علي ڀٽو کي درپيش سڀ کان وڏو چئلينج ھڪ متفقه نئين آئين جي تشڪيل ھيو.
 
 
 
 
 
باقي چار صوبن ۾ نئين حڪومت آئي ۽ سياسي ء قانوني سڌارا آندا ويا ۽ ملڪ ۾ نئون آئين ٺاھي 1973ع ۾ نافذ ڪيو ويو. جنرل يحي خان ملڪ جي صدارت تان استعيفا ڏئي۽ عھدو نائب وزيراعظم [[پاڪستان پيپلز پارٽي]] جي قائد [[ذوالفقار علي ڀٽو]] جي حوالي ڪيو جيڪو ھن نئين پاڪستان جو صدر ۽ پھريون سويلين چيف مارشلا ايڊمنسٽريٽر ٿيو. وزيراعظم نورالامين 20 ڊسمبر 1971 تي ان عھدي تان فارغ ٿي ويو ء کيس ملڪ جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو. ذولفقار علي ڀٽي ملڪ جي نئين آئين ٺاھڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ پاڪستان م ھر قسم جا سڌارا اندا. 1973ع م پاڪستان جو نئون آئين ٺھيو جنھن ذريعي ٻيھر پارلياماني نظام آندو ويو ۽ ٻن ايوانن واري پارليامينٽ متعارف ڪرائي وئي جنھن جو مٿيون ايوان سينيٽ ۽ ھيٺيون ايوان قومي اسيمبلي ھيو. 14 آگسٽ 1973 تي نئين آئين تحت ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي نائين وزيراعظم طور قسم کنيو. سنڌ، پنجاب ۽ اتر-اولھ سرحدي صوبي م پيپلزپارٽي جون حڪومتون ٺھيون ۽ بلوچستان م نعپ جي حڪومت ٺھي. سرحد صوبي جي وزيراعلي [[حيات محمد شيرپائو]] جي بم ڌماڪي ۾ جان بحق ٿيڻ جي ڪري ۽ بلوچستان م نعپ جي مشڪوڪ سرگرمين جي الزام تحت ڀٽو سرڪار بلوچستان جي نعپ حڪومت کي معزول ڪري سپريم ڪورٽ ذريعي نعپ تي بندش وڌي جنھن ڪري مينگل ء مري. قبيلن جي سياسي قيادت مزاحمت ڪئي ۽ بلوچستان م گھرو ويڙھ جي شروعات ٿي. نعپ جي سموري گرفتار قيادت تي خان ولي خان سميت حيدرآباد جي سينٽرل جيل م حيدرآباد سازش ڪيس ھلايو ويو. ملڪ م ذولفقار علي ڀٽو جي خلاف پاڪستان قومي اتحاد ٺھيو ۽ 1977 ۾ عام چونڊون ٿيون جن م پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان کٽي آئي. پاڪستان قومي اتحاد ڌانڌلي جو الزام لڳايو ۽ ٻيھر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ملڪ گير تحريڪ شروع ڪئي.