پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 348:
پاڪستان ۾ ڪيترا اهڙا هنڌ آهن، جتي درياهن ۽ نهرن مان آبشارن ذريعي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ [[مالاڪنڊ- درگئي منصوبو]]، [[پن بجلي]] رسول منصوبو، [[وارسڪ ڊئم]] منصوبو ۽ [[منگلا ڊئم]] کان سواءِ پنجاب ۾ ڪيترن هنڌن تي آبشار ٺاهي بجلي پيدا ڪئي وئي آهي. توانائيءَ جي پيداوار ۾ ڪوئلو بہ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوئلي جا ذخيرا سنڌ جي [[ٿرپارڪر]] ضلعي ۾ لڌا ويا آهن، جڏهن تہ پنجاب جي [[مڪڙوال]]، بلوچستان جي [[خوست]]، [[مچ]] ۽ [[هرنائي]] واري علائقن ۽ سنڌ ۾ ٿر کان علاوه [[جهمپير]] ۽ [[لاکڙا]] ۾ بہ ڪوئلو ملي ٿو. پنجاب ۾ 0.257 (ارب ٽن)، بلوچستان ۾ 0.196 (ارب ٽن)، [[خيبر پختونخوا]] ۾ 0.082 (ارب ٽن) ۽ سنڌ ۾ 184.123 (ارب ٽن) ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن. سنڌ ۾ لاکڙا، ضلعي [[دادو]] ۾ 1.328 (ارب ٽن)، [[جهرڪ]]، جهمپير ۽ [[ميٽنگ]]، ضلعي ٺٽي ۾ 7.112 (ارب ٽن)، ضلعي بدين ۾0.16 (ارب ٽن) ۽ [[ٿرپارڪر]] ۾ سڀ کان وڌيڪ 175.505 (ارب ٽن) ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن.
 
=== ٿر جو ڪوئلو ===
 
 
1988ع ۾ [[برٽش اوورسيز ڊيولپمينٽ ايجنسي|برٽش اوورسيز ڊيولپمينٽ ايجنسيءَ]] (ODA) اسلام ڪوٽ کان اٽڪل 15 ڪلوميٽر اوڀرندي طرف ڳوٺ [[ٿهاريي هاليپوٽا]] ۾ ڪوئلي جي ڳولا ۾ ڪامياب ٿي. 1989ع ۾ هڪ تنظيم ‘GSP/ UGS’ [[ڇاڇرو|ڇاڇري]] جي ڀرسان [[سازدا]] طرفان کوٽايل پاڻيءَ جي کوهه جو ارضي ۽ طبعي جائزو ورتو ۽ ٻڌايو تہ ٿر واري رڻ پٽ ۾ ڪوئلي جو وسيع ذخيرو موجود آهي. فيبروري 1992ع ۾ ٿر ۾ ڪوئلي جي موجودگيءَ لاءِ ڊرلنگ وسيلي چار سوراخ ڪيا ويا. هن وقت تائين ٿر ۾ 9100 چورس ڪلوميٽرن کان مٿي ايراضيءَ ۾ 224 ڊرل سوراخ ڪيا ويا آهن ۽ مجموعي طور ٿر مان 175 ارب ٽن ڪوئلي ملڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي، جنهن سان دنيا ۾ ڪوئلي جي پيداوار وارن ملڪن ۾ پاڪستان ستون نمبر وڏو ملڪ شمار ٿيندو. ٿر ۾ ڪوئلي جي ايراضيءَ جو وچور هن ريت آهي:
 
* ٿر جي ڪوئلي وارو علائقو سنڌ جي اوڀرندي طرف ٿر واري رڻ پٽ ۾ آهي ۽ اهو علائقو ويڪرائي ڦاڪ 24030’ اُتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 7003’ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي آهي.
ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن جو تخمينو 175 ارب ٽن آهي. 1947ع ۾ پاڪستان ۾ کاڻين جي ڳولا جا فقط 5 ماهر هئا، پر هن وقت انهن ماهرن جو تعداد هزارن تائين پهچي ويو آهي.
* ٿر جي ڪوئلي واري ايراضيءَ جي پکيڙ اٽڪل 9100 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. (اها ايراضي ٿر جي ڪل ايراضي 22000 چورس ڪلوميٽرن مان آهي) ۽ اها (اتر- ڏکڻ) طرف 140 ڪلوميٽر ۽ (اوڀرندي- اولهندي) طرف 65 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي.
* ٿر جي ڪوئلي وارو علائقو ٿرپارڪر ضلعي جي [[مٺي]]، ڇاڇري ۽ [[ننگرپارڪر]] تعلقن ۾ آهي.
* ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن جو تخمينو 175 ارب ٽن آهي.
* ڪوئلي جي هن ذخيري جي حساب سان ڪوئلي جي پيداوارن وارن وڏن 12 ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان ستون نمبر بيهي ٿو.
* ٿر جي ڪوئلي جو معيار [[لگنئيٽ]] A کان B آهي، جيڪو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ مناسب آهي.
پاڪستان جي قيام وقت ڪوئلو، ڪچو لوهه ۽ ٻي معدنيات ڀارت جي حصي ۾ آيون. پاڪستان ۾ معدني کاڻيون نه هئڻ جي برابر هيون ۽ انهن جي پيداوار ملڪي ضرورت ۾ ناڪافي هئي. انهيءَ ڪري ٻاهران گهرائڻ ۾ گهڻو سرمايو ضايع ٿيندو هو.<br /> گذريل 25/30 سالن ۾ [[معدنيات]] جي ڳولا ۾ جيڪي قدم کنيا ويا، ان جو خاطر خواهه نتيجو نڪري رهيو آهي. 1947ع ۾ پاڪستان ۾ کاڻين جي ڳولا جا فقط 5 ماهر هئا، پر هن وقت انهن ماهرن جو تعداد هزارن تائين پهچي ويو آهي.
1967ع ۾ پاڪستان ۾ تيل جي پيداوار ساڍا چار لک ٽن هئي، جنهن مان ملڪ جي 12 سيڪڙو ضرورت پوري ٿيندي هئي. هن خطي ۾ تيل جو پهريون کوهه 1886ع ۾ [[ڪُنڊل]] (پنجاب) ۾ کوٽيو ويو هو ۽ 1915ع ۾ [[پوٽوهار]] ۾ تيل جو ذخيرو معلوم ٿيو. ورهاڱي کان ٿورو اڳ خيرپور ضلعي مان تيل نڪتو. قيام پاڪستان بعد تيل جي ڳولا جاري رهي. 1949ع ۾ چڪوال ۾ تيل ملڻ ۾ ڪاميابي ٿي، 1950ع ۾ [[برما آئل ڪمپني|برما آئل ڪمپنيءَ]] جي شراڪت سان پاڪستان پئٽروليم لميٽيڊ جو قيام عمل ۾ آيو. هن ڪمپنيءَ 1952ع ۾ سُئي جي ڳوٺ (بلوچستان) وٽ گئس ڳولي لڌي. هن وقت ڪيترن ئي ملڪن جون ڪمپنيون تيل جي ڳولا ۾ مصروف آهن. سنڌ جي [[بدين]]، دادو، حيدرآباد ۽ [[سانگهڙ]] وارن علائقن ۾ تيل جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيا آهن. [[اٽڪ آئل ڪمپني]]، راولپنڊيءَ جو تيل صاف ڪرڻ جو ڪارخانو ڪم ڪري رهيو آهي. گذريل 50 سالن ۾ ٻيو ڪارخانو 1962ع ۾ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيو. ٽيون ڪارخانو 1966ع ۾ قائم ٿيو. ٻنهي ڪارخانن جي پيداوار 41 لک ٽن سالياني آهي. هن وقت ملڪ جي ڪيترن ئي هنڌن تي تيل دريافت ٿيو آهي، جتي پلانٽ لڳائي تيل جي صفائي ڪري توانائي طور ڪتب آڻجي ٿو. سنڌ ۾ [[خيرپور]] کانسواءِ دادوءَ جي [[جوهي]] تعلقي ([[ڀت جبل]])، بدين ضلعي جي [[گولاڙچي]]، [[ٽنڊو محمد خان|ٽنڊي محمد خان]] لڳ [[ڌارو]] ۽ ضلعي [[گھوٽڪي|گهوٽڪيءَ]] جي [[عادلپور]] واري علائقن ۾ بہ تيل جا کوهه دريافت ٿيا آهن (وڌيڪ ڏسو: [[پيٽروليم]]).
مغربي پاڪستان ۾ گئس جا 7 ذخيرا دريافت ٿيا آهن، جن مان هن وقت تقريباً 82 ارب [[مڪعب]] فوٽ گئس سالياني نڪري ٿي. ان جو 47 سيڪڙو ڪيميائي ڀاڻ جي تياريءَ ۾ ڪچي مال طور استعمال ٿيندو آهي ۽ 48 سيڪڙو گئس گهرو استعمال ۾ ايندي آهي. گئس جو وڏو ذخيرو بلوچستان جي ’[[سُئي]]‘ واري علائقي ۾ آهي، جتان پاڪستان جو اڪثر حصو گئس جي سهولت ماڻي رهيو آهي. سنڌ ۾ [[ڀِت جبل]]، [[قادرپور]] ۽ [[حيدرآباد]] مان بہ گئس لڌي وئي آهي.