پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 263:
 
===ذوالفقار علي ڀٽو جو دؤر===
اقتدار جي منتقلي ۽ صدر پاڪستان ٿيڻ بعد ذوالفقار علي ڀٽو کي درپيش سڀ کان وڏو چئلينج ھڪ متفقه نئين آئين جي تشڪيل ھيو.
 
باقي چار صوبن ۾ نئين حڪومت آئي ۽ سياسي ء قانوني سڌارا آندا ويا ۽ ملڪ ۾ نئون آئين ٺاھي 1973ع ۾ نافذ ڪيو ويو. جنرل يحي خان ملڪ جي صدارت تان استعيفا ڏئي۽ عھدو نائب وزيراعظم [[پاڪستان پيپلز پارٽي]] جي قائد [[ذوالفقار علي ڀٽو]] جي حوالي ڪيو جيڪو ھن نئين پاڪستان جو صدر ۽ پھريون سويلين چيف مارشلا ايڊمنسٽريٽر ٿيو. وزيراعظم نورالامين 20 ڊسمبر 1971 تي ان عھدي تان فارغ ٿي ويو ء کيس ملڪ جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو. ذولفقار علي ڀٽي ملڪ جي نئين آئين ٺاھڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ پاڪستان م ھر قسم جا سڌارا اندا. 1973ع م پاڪستان جو نئون آئين ٺھيو جنھن ذريعي ٻيھر پارلياماني نظام آندو ويو ۽ ٻن ايوانن واري پارليامينٽ متعارف ڪرائي وئي جنھن جو مٿيون ايوان سينيٽ ۽ ھيٺيون ايوان قومي اسيمبلي ھيو. 14 آگسٽ 1973 تي نئين آئين تحت ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي نائين وزيراعظم طور قسم کنيو. سنڌ، پنجاب ۽ اتر-اولھ سرحدي صوبي م پيپلزپارٽي جون حڪومتون ٺھيون ۽ بلوچستان م نعپ جي حڪومت ٺھي. سرحد صوبي جي وزيراعلي [[حيات محمد شيرپائو]] جي بم ڌماڪي ۾ جان بحق ٿيڻ جي ڪري ۽ بلوچستان م نعپ جي مشڪوڪ سرگرمين جي الزام تحت ڀٽو سرڪار بلوچستان جي نعپ حڪومت کي معزول ڪري سپريم ڪورٽ ذريعي نعپ تي بندش وڌي جنھن ڪري مينگل ء مري. قبيلن جي سياسي قيادت مزاحمت ڪئي ۽ بلوچستان م گھرو ويڙھ جي شروعات ٿي. نعپ جي سموري گرفتار قيادت تي خان ولي خان سميت حيدرآباد جي سينٽرل جيل م حيدرآباد سازش ڪيس ھلايو ويو. ملڪ م ذولفقار علي ڀٽو جي خلاف پاڪستان قومي اتحاد ٺھيو ۽ 1977 ۾ عام چونڊون ٿيون جن م پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان کٽي آئي. پاڪستان قومي اتحاد ڌانڌلي جو الزام لڳايو ۽ ٻيھر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ملڪ گير تحريڪ شروع ڪئي.
 
=== ٻين مارشلا ===
5 جولاءِ 1977 تي ملڪ م چيف آف آرمي اسٽاف [[جنرل ضياءَ الحق]] فوجي بغاوت ذريعي ڀٽو سرڪار کي معزول ڪري اقتدار تي قبضو ڪي، ۽ پوء ملڪ جو صدر بڻجي ويو. ذولفقار علي ڀٽو تي ھڪ سياسي اڳواڻ جي پيء جي قتل جي جاچ ۾ شامل ڪري گرفتار ڪري ان تي [[لاھور ھاء ڪورٽ]] م خون جو مقدمو ھلايو ويو جنھن م کيس موت جي سزا ڏني وئي ۽ ان جي سپريم ڪورٽ م اپيل پڻ رد ٿي وئ. اھڙي طرح ذولفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي. ملڪ ۾ پرويژنل ڪانسٽيٽيوشنل آرڊر يا پي سي او جي نالي سان عبوري آئين ڏئي سياسي نظام ھلايو ويو. 1985 م [[پاڪستان ۾ ريفرينڊم، 1985|ريفرينڊم]] ڪرايو ويو جنھن تحت جنرل ضياءَ الحق ملڪ جو صدر برقرار رھڻ جو حق حاصل ڪيو ۽ ائين ۾ ھڪ وڏي ترميم ڪئي جيڪا اٺين ترميم جي نالي سان مشھور ٿي. جنھن تحت ملڪ جو نظام نيم پارلياماني ۽ نيم صدارتي ٿي ويو ء صدر کي بي پناھ اختيار ڏنا ويا. ملڪ م غيرجمائتي بنيادن تي چونڊون پڻ ڪرايون ويون. اھڙي طرح 24 مارچ 1985 تي [[محمد خان جوڻيجو]] ملڪ جو ڏھون وزيراعظم ٿيو. 1973 جي آئين کي نئين ترميم سان بحال ڪيو ويو. 1987 ۾ [[اوجڙي ڪيمپ وارو واقعو]] ٿيو جنھن جي جاچ واري معاملي تي اختلاف سبب 29 مئي 1988 تي جنرلل ضياءَ الحق محمد خان جوڻيجو جي حڪومت سميت سڀ صوبائي حڪومتون برطرف ڪري سڀ قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ملڪ م جماعتن بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. آگسٽ 1988 ۾ جنرل ضياءَ الحق پنھنجي لڳ ڀڳ سموري فوجي قيادت سميت [[بھاولپور وارو سانحو، 1988|سي 130 جھاز جي حادٽي]] م بھاولپور ڀرسان مارجي ويو. سينيٽ چيئرمين [[غلام اسحاق خان]] ملڪ جو صدر ٿيو.۽ [[جنرل مرزا اسلم بيگ]] چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ٿيو.<br>