پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 260:
===سياسي بحران ۽ بينگال جي علحدگي ===
 
3 جنوري 1971 تي مجيب الرحمان اعلان ڪيو تہ ملڪ جو نئون آئين اولھ پاڪستان جي نمائندن جي صلاح سان ان جي ڇھ نقاطي پروگرام جي بنياد تي ٺاهيو ويندو. 13 جنوري تي مجيب الرحمان صدر سان ملاقات ڪئي. 14 جنوري تي صدر يحي خان ڍاڪا ۾ پڌرو ڪيو تہ مجيب الرحمان ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو<ref name = " پاڪستان "/>. 17 جنوري تي صدر يحي ذولفقار علي ڀٽو سان لاڙڪاڻي واري رھائشگاھ تي مذاڪرات ڪيا<ref name = " پاڪستان "/>. 27 جنوري تي مجيب الرحمان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ڍاڪا ۾ آئين ٺاھڻ لاء مذاڪرات ڪيا<ref name = " پاڪستان "/>. 13 فيبروري تي يحي خان 3 مارچ 1971 تي ڍاڪا ۾ آئين ٺاھڻ لاء قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 16 فيبروري تي ذوالفقار علي ڀٽو پھرين پرڏيهي واپار، ڪرنسي ۽ محصولن متعلق سمجھوتو ٿيڻ تائين قومي اسيمبلي جي ان اجلاس جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 18 فيبروري تي جماعت اسلامي جي مولانا مودودي ان بائيڪاٽ جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو تہ اڪثريت حاصل ڪندڙ جماعت کي آئين جو مسودو پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ ٻيا ان جي ڪمزورين تي بحث ڪن<ref name = " پاڪستان "/>.24 فيبروري تي مجيب الرحمان پنھجن ڇھن نقطن تي سمجھوتو ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو<ref name = " پاڪستان "/>. 28 فيبروري تي عوامي ليگ مغربي پاڪستان جي ميمبرن کي اجلاس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. ذوالفقار علي ڀٽي ٻہ متبادل ڏنا تہ يا قومي اسيمبلي جي اجلاس کي ملتوي ڪيو وڃي يا وري آئين ٺاھڻ لاء رکيل مدت کي ختم ڪيو وڃي<ref name = " پاڪستان "/>. صدر يحي پھرين مارچ 1971 تي 3 مارچ واري اجلاس کي سياستدانن وچ ۾ آئين ٺاھڻ لاء معقول افھام تفھيم ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو<ref name = " پاڪستان "/>. نتيجي ۾ مشرقي پاڪستان ۾ عوامي ليگ ھڙتالون ۽ مظاھرا شروع ڪري ڇڏيا جنهن ڪري ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳائڻو پيو<ref name = " پاڪستان "/>. 3 مارچ تي صدر ڍاڪا ۾ 10 مارچ تي سڀني چونڊ کٽيندڙ سياسي جماعتن جي 12 اڳواڻن کي آئيني مشاورت لاء گھرايو پر عوامي ليگ ان گڏجاڻيءَ جو بائڪاٽ ڪيو ۽ پرامن عدم تعاون واري تحريڪ شروع ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>. 6 مارچ 1971ع تي جنرل ٽڪا خان کي مشرقي پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. صدر 25 مارچ 1971ع تي قومي اسيمبلي جو ڍاڪا ۾ اجلاس سڏايو<ref name = " پاڪستان "/>. 16 مارچ 1971 تي شيخ مجيب الرحمان ماڻھن کي نجات حاصل ڪرڻ لاء جدوجهد جو سڏ ڏنو<ref name = " پاڪستان "/>. 21 مارچ 1971 تي مجيب الرحمان کي گرفتار ڪيو ويو ۽ عوامي ليگ جي پوئلڳن جي خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 26 مارچ 1971 تي صدر عوامي ليگ تي بندش وڌي<ref name = " پاڪستان "/>. 4 اپريل 1971 تي آنڌرا گانڌي مشرقي پاڪستان جي عوام جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 4 مئي 1971ع تي ذوالفقار علي ڀٽو لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چونڊيل نمائندن کي اقتدار منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. 28 جون 1971 تي يحي خان آئين تيار ڪرڻ لاءِ ماھرن جي ڪاميٽي جوڙي<ref name = " پاڪستان "/>. 5 آگسٽ 1971 تي حڪومت ايسٽ پاڪستان جي تنازعي تي 125 صفحن تي مشتمل وائيٽ پيپر جاري ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 4 سيپٽمبر 1971 تي صدر يحي پھرين مارچ کان پنج سيپٽمبر تائين اوڀر پاڪستان ۾ ڏوھ ڪندڙن يا ڏوھن جي الزامن ۾ آيلن کي عام معافي ڏيڻ جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 5 سيپٽمبر تي پاڪستان انڊيا طرفان نئين دھلي ۾ نامنھاد بنگلاديش مشن قائم ڪرڻ خلاف انڊيا جي حڪومت سان سخت احتجاج ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 9 آڪٽوبر 1971 تي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ملڪ مان سياسي سرگرمين تان بندش ھٽائي ڇڏي<ref name = " پاڪستان "/>. 10 نومبر 1971 تي انڊيا پاڪستان تي حملو ڪيو، ان جي فوج بيلونيا لڳ پاڪستاني سرحد م داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. جنگ ۾ 74 ڀارتي فوجي مارجي ويا ۽ 130 زخمي ٿيا. 16 نومبر تي انڊيا جي فوج اوڀر پاڪستان ۾ ڊاڪا طرف پيشقدمي ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>. اوڀر پاڪستان ۾ ڀارتي فوجي مداخلت تي صدر يحي 23 نومبر تي ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائي<ref name = " پاڪستان "/>. 3 ڊسمبر تي فوج کي ڀارت تي حملي جو حڪم ڏنو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 7 ڊسمبر 1971 م يحي خان بينگال سان تعلق رکندڙ نورالامين کي پاڪستان جو اٺون وزيراعظم مقرر ڪيو ۽ ذولفقار علي ڀٽو پاڪستان جو نائب وزيراعظم سميت پرڏيهي وزير بڻائي مخلوط حڪومت ٺاهي وئي<ref name = " پاڪستان "/>.8 ڊسمبر 1971 تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ھڪ قرارداد وسيلي ھڪدم جنگبندي ۽ فوجن کي پنھنجي پنھنجي سرحد طرف ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 12 ڊسمبر1971 تي يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي صدر رچرڊ نڪسن انڊيا کان پاڪستان تي فوجي حملو ھڪدم روڪڻ جو مطالبو ڪيو ۽ فوجي پيشقدمي جي تسلسل کي عالمي راء جي انحرافي قرار ڏنو<ref name = " پاڪستان "/>. يونائيٽيڊ اسٽيٽس سيڪيورٽي ڪائونسل جي ٻيھر اجلاس جو مطالبو ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 14 ڊسمبر تي سويت يونين يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي انھن رٿن کي ٽيون دفعو ويٽو ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. ساڳي ڏينھن ذوالفقار علي ڀٽو سڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس مان اٿي آيو. 16 ڊسمبر تي پاڪستاني فوج اوڀر پاڪستان ۾ پيش پئي<ref name = " پاڪستان "/>. جنرل جگجيت سنگھ اروڙا ۽ ليفٽيننٽ جنرل امير عبدالله خان نيازي ۽ ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ جنگبندي طئي ڪئي وئي. ٻارتي فوج ڍاڪا ۾ داخل ٿي<ref name = " پاڪستان "/>. پاڪستاني فوج جا 95000 فوجي ڍاڪا ۾ ٿيل ھڪ تقريب ۾ ڀارتي فوج آڏو ھٿيار ڦٽا ڪيا<ref name = " پاڪستان "/>. 17 ڊسمبر تي پاڪستاني صدر جنگبندي جو اعلان ڪيو. 28 ڊسمبر 1971ع تي يحي خان اقتدار ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي ڪيو جيڪو ملڪ جو نئون صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو<ref name = " پاڪستان "/>. 22 ڊسمبر تي ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪم تي شيخ مجيب الرحمان کي جيل مان ڪڍي گھر ۾ نظربند ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 23 ڊسمبر تي صدر ڀٽو پنھنجي ڏھ رڪني صدارتي ڪابينه جوڙي ين ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن، شيخ محمد رشيد، غلام مصطفي جتوئي ۽ حفيظ پيرزادو شامل ھيا<ref name = " پاڪستان "/>. 24 ڊسمبر تي ڀٽو اوڀر پاڪستان ۾ شڪست جي جاچ لاء چيف جسٽس حمود الرحمان جي سربراھي ۾ ڪميشن جوڙي. ڪميشن جا رڪن چيف جسٽس آف پاڪستان حمود الرحمان، چيف جسٽس سنڌ بلوچستان ھاء ڪورٽ جسٽس طفيل علي عبدالرحمان ھيا جن کي ٽن مھينن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ لاء چيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 31 ڊسمبر تي ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان ائٽامڪ ڪميشن کي پنھنجي ذمي ورتو<ref name = " پاڪستان "/>. پھرين جنوري 1942ع تي تحريڪ استقلال جي ايئر مارشل اصغر خان لاھور م پريس ڪانفرنس ذريعي مارشل لا ختم ڪرڻ، مجيب الرحمان کي آزاد ڪرڻ ۽ يحي خان کي گرفتار ڪري ان خلاف کليل مقدمو ھلائڻ جو مطالبو ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 9 جنوري 1972ع تي عوامي ليگ جي مجيب الرحمان کي آزاد ڪري پي آء اي جي جھاز م لنڊن روانو ڪيو وي<ref name = " پاڪستان "/> 26 جنوري 1972ر تي سويت يونين بنگلاديش کي تسليم ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>.
 
 
 
7 ڊسمبر 1971 م يحي خان بينگال سان تعلق رکندڙ نورالامين کي پاڪستان جو اٺون وزيراعظم مقرر ڪيو ۽ ذولفقار علي ڀٽو پاڪستان جو نائب وزيراعظم ٿيو ڊسمبر 1971 م ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو جنھن سان [[پاڪ-ڀارت جنگ 1971|جنگ]] ڇڙي پئي جنھن جي نتيجي م پاڪستان جي فوجي قيادت جي حڪم تي مشرقي پاڪستان ۾ [[جنرل اي ڪي نيازي]] ھٿيار ڦٽا ڪيا. جنرل نيازي رسمي طريقي سان ھڪ تقريب م پنھنجو ريوالور ڀارتي فوج جي چيف جنرل اروڙا سامھون پيش ڪيو. مشرقي پاڪستان م موجود 90000 پاڪستاني فوجي گرفتار ٿي ويا جن کي ڀارت منتقل ڪيو ويو. مشرقي پاڪستان علحده ٿي [[بنگلاديش]] بڻجي ويو. مجيب الرحمان کي آزاد ڪري ڍاڪا وڃن ڏنو ويو. اولھ واري پاڪستاني حصي ۾ نئين سر شروعات ڪئي وئي
1970 ۾ ون يونٽ کي ختم ڪري مغربي پاڪستان صوبي کي ٽوڙي پراڻا چار صوبا بحال ڪيا ويا. 1971ع م عام چونڊون ڪرايون ويون جنھن بعد سياسي حالات خراب ٿيندا ويا ۽ اقتدار جي منتقلي نہ ٿي سگھڻ جي ڪري مشرقي پاڪستان صوبي ۾ تحريڪ شروع ٿي وئي جنھن کي دٻائڻ لاء فوجي آپريشن ڪيو ويو اھڙي طرح 1972 م مشرقي پاڪستان علحده ٿي بنگلاديش جي نالي سان ھڪ خودمختيار رياست بڻجي ويو.
اڳوڻي [[اوڀر پاڪستان]] جي 90 سيڪڙو زمين سنوت واري هئي، جنهن کي ”گنگا واديءَ واري زمين“ چيو ويندو آهي. هن واديءَ ۾ ٽي مکيه درياهه آهن: [[گنگا]] ([[پدما]])، [[برهمپترا]]([[جمنا]]) ۽ [[مينگهنا]]. ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ [[چٽگام]] جون پهاڙيون آهن، جيڪي [[آسام]] جي جبلن ۽ [[برما]] جي پهاڙن جون شاخون آهن. انهن پهاڙين جي لهواري حصي ۾ تمام گهڻي برسات پوندي آهي. هن علائقي جي مشهور ندي ’[[ڪرنافلي]]‘ آهي. پاڪستان سان اوڀر بنگال جي شرڪت 24 سال رهي، ان بعد [[پاڪ- ڀارت جنگ]] جي نتيجي ۾ 16 ڊسمبر 1971ع تي ”[[بنگلاديش]]“ جي نالي سان نئون ملڪ وجود ۾ آيو. هن ملڪ کي قديم تاريخي پسمنظر اڳ ئي هو. پاڪستان کان [[بنگلاديش]] جي ڌار ٿيڻ جا ڪيترائي سبب هئا، جن ۾ پهريون وڏو سبب هڪ هزار ميلن جو فاصلو هو، جنهنڪري ان علائقي جي سرحدن جي صحيح طرح سنڀال نه پئي ٿي سگهي. ٻيو سبب سياسي ادارن ۾ اڻبرابريءَ جو هو. اولهه پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو [[جاگيردار]] ۽ وڏا زميندار چونڊجي ٿي آيا، جڏهن تہ اوڀر پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو وچولي طبقي جا نمائندا اسيمبلين ۾ چونڊبا هئا. ان ڪري ڪنهن بہ معاملي تي منجهن هم آهنگي پيدا نه ٿي سگهي، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب ڀارتي مداخلت هو، جنهن پاڪستان خلاف اوڀر پاڪستان ۾ ماحول پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو.<br />
 
===ذوالفقار علي ڀٽو جو دؤر===