پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 260:
===سياسي بحران ۽ بينگال جي علحدگي ===
 
3 جنوري 1971 تي مجيب الرحمان اعلان ڪيو تہ ملڪ جو نئون آئين اولھ پاڪستان جي نمائندن جي صلاح سان ان جي ڇھ نقاطي پروگرام جي بنياد تي ٺاهيو ويندو. 13 جنوري تي مجيب الرحمان صدر سان ملاقات ڪئي. 14 جنوري تي صدر يحي خان ڍاڪا ۾ پڌرو ڪيو تہ مجيب الرحمان ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو<ref name = " پاڪستان "/>. 17 جنوري تي صدر يحي ذولفقار علي ڀٽو سان لاڙڪاڻي واري رھائشگاھ تي مذاڪرات ڪيا<ref name = " پاڪستان "/>. 27 جنوري تي مجيب الرحمان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ڍاڪا ۾ آئين ٺاھڻ لاء مذاڪرات ڪيا<ref name = " پاڪستان "/>. 13 فيبروري تي يحي خان 3 مارچ 1971 تي ڍاڪا ۾ آئين ٺاھڻ لاء قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 16 فيبروري تي ذوالفقار علي ڀٽو پھرين پرڏيهي واپار، ڪرنسي ۽ محصولن متعلق سمجھوتو ٿيڻ تائين قومي اسيمبلي جي ان اجلاس جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 18 فيبروري تي جماعت اسلامي جي مولانا مودودي ان بائيڪاٽ جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو تہ اڪثريت حاصل ڪندڙ جماعت کي آئين جو مسودو پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ ٻيا ان جي ڪمزورين تي بحث ڪن<ref name = " پاڪستان "/>.24 فيبروري تي مجيب الرحمان پنھجن ڇھن نقطن تي سمجھوتو ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو<ref name = " پاڪستان "/>. 28 فيبروري تي عوامي ليگ مغربي پاڪستان جي ميمبرن کي اجلاس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. ذوالفقار علي ڀٽي ٻہ متبادل ڏنا تہ يا قومي اسيمبلي جي اجلاس کي ملتوي ڪيو وڃي يا وري آئين ٺاھڻ لاء رکيل مدت کي ختم ڪيو وڃي<ref name = " پاڪستان "/>. صدر يحي پھرين مارچ 1971 تي 3 مارچ واري اجلاس کي سياستدانن وچ ۾ آئين ٺاھڻ لاء معقول افھام تفھيم ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو<ref name = " پاڪستان "/>. نتيجي ۾ مشرقي پاڪستان ۾ عوامي ليگ ھڙتالون ۽ مظاھرا شروع ڪري ڇڏيا جنهن ڪري ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳائڻو پيو<ref name = " پاڪستان "/>. 3 مارچ تي صدر ڍاڪا ۾ 10 مارچ تي سڀني چونڊ کٽيندڙ سياسي جماعتن جي 12 اڳواڻن کي آئيني مشاورت لاء گھرايو پر عوامي ليگ ان گڏجاڻيءَ جو بائڪاٽ ڪيو ۽ پرامن عدم تعاون واري تحريڪ شروع ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>. 6 مارچ 1971ع تي جنرل ٽڪا خان کي مشرقي پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. صدر 25 مارچ 1971ع تي قومي اسيمبلي جو ڍاڪا ۾ اجلاس سڏايو<ref name = " پاڪستان "/>. 16 مارچ 1971 تي شيخ مجيب الرحمان ماڻھن کي نجات حاصل ڪرڻ لاء جدوجهد جو سڏ ڏنو<ref name = " پاڪستان "/>. 21 مارچ 1971 تي مجيب الرحمان کي گرفتار ڪيو ويو ۽ عوامي ليگ جي پوئلڳن جي خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 26 مارچ 1971 تي صدر عوامي ليگ تي بندش وڌي<ref name = " پاڪستان "/>. 4 اپريل 1971 تي آنڌرا گانڌي مشرقي پاڪستان جي عوام جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 4 مئي 1971ع تي ذوالفقار علي ڀٽو لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چونڊيل نمائندن کي اقتدار منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. 28 جون 1971 تي يحي خان آئين تيار ڪرڻ لاءِ ماھرن جي ڪاميٽي جوڙي<ref name = " پاڪستان "/>. 5 آگسٽ 1971 تي حڪومت ايسٽ پاڪستان جي تنازعي تي 125 صفحن تي مشتمل وائيٽ پيپر جاري ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 4 سيپٽمبر 1971 تي صدر يحي پھرين مارچ کان پنج سيپٽمبر تائين اوڀر پاڪستان ۾ ڏوھ ڪندڙن يا ڏوھن جي الزامن ۾ آيلن کي عام معافي ڏيڻ جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 5 سيپٽمبر تي پاڪستان انڊيا طرفان نئين دھلي ۾ نامنھاد بنگلاديش مشن قائم ڪرڻ خلاف انڊيا جي حڪومت سان سخت احتجاج ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 9 آڪٽوبر 1971 تي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ملڪ مان سياسي سرگرمين تان بندش ھٽائي ڇڏي<ref name = " پاڪستان "/>.