پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 260:
===سياسي بحران ۽ بينگال جي علحدگي ===
 
3 جنوري 1971 تي مجيب الرحمان اعلان ڪيو تہ ملڪ جو نئون آئين اولھ پاڪستان جي نمائندن جي صلاح سان ان جي ڇھ نقاطي پروگرام جي بنياد تي ٺاهيو ويندو. 13 جنوري تي مجيب الرحمان صدر سان ملاقات ڪئي. 14 جنوري تي صدر يحي خان ڍاڪا ۾ پڌرو ڪيو تہ مجيب الرحمان ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو<ref name = " پاڪستان "/>. 17 جنوري تي صدر يحي ذولفقار علي ڀٽو سان لاڙڪاڻي واري رھائشگاھ تي مذاڪرات ڪيا<ref name = " پاڪستان "/>. 27 جنوري تي مجيب الرحمان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ڍاڪا ۾ آئين ٺاھڻ لاء مذاڪرات ڪيا<ref name = " پاڪستان "/>. 13 فيبروري تي يحي خان 3 مارچ 1971 تي ڍاڪا ۾ آئين ٺاھڻ لاء قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 16 فيبروري تي ذوالفقار علي ڀٽو پھرين پرڏيهي واپار، ڪرنسي ۽ محصولن متعلق سمجھوتو ٿيڻ تائين قومي اسيمبلي جي ان اجلاس جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 18 فيبروري تي جماعت اسلامي جي مولانا مودودي ان بائيڪاٽ جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو تہ اڪثريت حاصل ڪندڙ جماعت کي آئين جو مسودو پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ ٻيا ان جي ڪمزورين تي بحث ڪن<ref name = " پاڪستان "/>.24 فيبروري تي مجيب الرحمان پنھجن ڇھن نقطن تي سمجھوتو ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو<ref name = " پاڪستان "/>. 28 فيبروري تي عوامي ليگ مغربي پاڪستان جي ميمبرن کي اجلاس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. ذوالفقار علي ڀٽي ٻہ متبادل ڏنا تہ يا قومي اسيمبلي جي اجلاس کي ملتوي ڪيو وڃي يا وري آئين ٺاھڻ لاء رکيل مدت کي ختم ڪيو وڃي<ref name = " پاڪستان "/>. صدر يحي پھرين مارچ 1971 تي 3 مارچ واري اجلاس کي سياستدانن وچ ۾ آئين ٺاھڻ لاء معقول افھام تفھيم ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو<ref name = " پاڪستان "/>. نتيجي ۾ مشرقي پاڪستان ۾ عوامي ليگ ھڙتالون ۽ مظاھرا شروع ڪري ڇڏيا جنهن ڪري ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳائڻو پيو<ref name = " پاڪستان "/>. 3 مارچ تي صدر ڍاڪا ۾ 10 مارچ تي سڀني چونڊ کٽيندڙ سياسي جماعتن جي 12 اڳواڻن کي آئيني مشاورت لاء گھرايو پر عوامي ليگ ان گڏجاڻيءَ جو بائڪاٽ ڪيو ۽ پرامن عدم تعاون واري تحريڪ شروع ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>. 6 مارچ 1971ع تي جنرل ٽڪا خان کي مشرقي پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>.