پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 262:
3 جنوري 1971 تي مجيب الرحمان اعلان ڪيو تہ ملڪ جو نئون آئين اولھ پاڪستان جي نمائندن جي صلاح سان ان جي ڇھ نقاطي پروگرام جي بنياد تي ٺاهيو ويندو. 13 جنوري تي مجيب الرحمان صدر سان ملاقات ڪئي. 14 جنوري تي صدر يحي خان ڍاڪا ۾ پڌرو ڪيو تہ مجيب الرحمان ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو. 17 جنوري تي صدر يحي ذولفقار علي ڀٽو سان لاڙڪاڻي واري رھائشگاھ تي مذاڪرات ڪيا. 27 جنوري تي مجيب الرحمان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ڍاڪا ۾ آئين ٺاھڻ لاء مذاڪرات ڪيا. 13 فيبروري تي يحي خان 3 مارچ 1971 تي ڍاڪا ۾ آئين ٺاھڻ لاء قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو اعلان ڪيو. 16 فيبروري تي ذوالفقار علي ڀٽو پھرين پرڏيهي واپار، ڪرنسي ۽ محصولن متعلق سمجھوتو ٿيڻ تائين قومي اسيمبلي جي ان اجلاس جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو. 18 فيبروري تي جماعت اسلامي جي مولانا مودودي ان بائيڪاٽ جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو تہ اڪثريت حاصل ڪندڙ جماعت کي آئين جو مسودو پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ ٻيا ان جي ڪمزورين تي بحث ڪن.24 فيبروري تي مجيب الرحمان پنھجن ڇھن نقطن تي سمجھوتو ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو. 28 فيبروري تي عوامي ليگ مغربي پاڪستان جي ميمبرن کي اجلاس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. ذوالفقار علي ڀٽي ٻہ متبادل ڏنا تہ يا قومي اسيمبلي جي اجلاس کي ملتوي ڪيو وڃي يا وري آئين ٺاھڻ لاء رکيل مدت کي ختم ڪيو وڃي. صدر يحي پھرين مارچ 1971 تي 3 مارچ واري اجلاس کي سياستدانن وچ ۾ آئين ٺاھڻ لاء معقول افھام تفھيم ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ مشرقي پاڪستان ۾ عوامي ليگ ھڙتالون ۽ مظاھرا شروع ڪري ڇڏيا جنهن ڪري ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳائڻو پيو. 3 مارچ تي صدر ڍاڪا ۾ 10 مارچ تي سڀني چونڊ کٽيندڙ سياسي جماعتن جي 12 اڳواڻن کي آئيني مشاورت لاء گھرايو پر عوامي ليگ ان گڏجاڻيءَ جو بائڪاٽ ڪيو ۽ پرامن عدم تعاون واري تحريڪ شروع ڪئي. 6 مارچ 1971ع تي جنرل ٽڪا خان کي مشرقي پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
 
===1971 واري جنگ ۽ بنگلاديش جو قيام===
 
 
1970 ۾ مغربي پاڪستان واري [[ون يونٽ]] کي ٽوڙي پراڻن صوبن کي نئين حدبندين سان بحال ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون. مشرقي پاڪستان صوبي ۾ عوامي ليگ مڪمل اڪثريت سان کٽي آئي جنھن جي قائد [[شيخ مجيب الرحمان]] ڇھن نقطن جو پروگرام ڏنو ھيو ۽ جيڪو ملڪ جو آئين انھن نقطن تي ٺاھڻ چاھي پيو. پنجاب ۽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي اڪثريت سان کٽي آئي ۽ اتر-اولھ سرحدي صوبي ۽ بلوچستان م قومپرست جماعت [[نيشنل عوامي پارٽي]] يا نعپ سادي اڪثريت سان کٽي آئي. ملڪ م ھڪ نئين سياسي بحران جنم ورتو. يحي خان جي ڪمان م ملڪ جي سول ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ چاھيو پئي تہ مجيب الرحمان اقتدار ملڻ کان اڳ پنھنجي ڇھ نقطن واري پروگرام تي نظرثاني ڪري ۽ ھو ايئن ڪرڻ لاء تيار نہ ھيو. اقتدار جي منتقلي نہ ٿيڻ جي ڪري پيدا ٿيل سياسي بحران مشرقي پاڪستان م ھڪ زبردست تحريڪ کي جنم ڏنو جنھن کي فوجي حڪومت طاقت جي ذريعي چيڀاٽڻ شروع ڪرڻ لاء فوجي اپريشن جي شروعات ڪئي جنھن جي نتيجي م اھا تحريڪ پرتشدد ٿي وڃڻ جي ڪري بغاوت ۾ تبديل ٿي وئي. مجيب الرحمان گرفتار ٿي چڪو ھيو ء کيس راولپنڊي منتقل ڪيو ويو ھو. عوامي تحريڪ جي قيادت پاڪستان کان علحدگي جو نعرو ڏنو اھڙي طرح مشرقي پاڪستان م گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي 7 ڊسمبر 1971 م يحي خان بينگال سان تعلق رکندڙ نورالامين کي پاڪستان جو اٺون وزيراعظم مقرر ڪيو ۽ ذولفقار علي ڀٽو پاڪستان جو نائب وزيراعظم ٿيو ڊسمبر 1971 م ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو جنھن سان [[پاڪ-ڀارت جنگ 1971|جنگ]] ڇڙي پئي جنھن جي نتيجي م پاڪستان جي فوجي قيادت جي حڪم تي مشرقي پاڪستان ۾ [[جنرل اي ڪي نيازي]] ھٿيار ڦٽا ڪيا. جنرل نيازي رسمي طريقي سان ھڪ تقريب م پنھنجو ريوالور ڀارتي فوج جي چيف جنرل اروڙا سامھون پيش ڪيو. مشرقي پاڪستان م موجود 90000 پاڪستاني فوجي گرفتار ٿي ويا جن کي ڀارت منتقل ڪيو ويو. مشرقي پاڪستان علحده ٿي [[بنگلاديش]] بڻجي ويو. مجيب الرحمان کي آزاد ڪري ڍاڪا وڃن ڏنو ويو. اولھ واري پاڪستاني حصي ۾ نئين سر شروعات ڪئي وئي
7 ڊسمبر 1971 م يحي خان بينگال سان تعلق رکندڙ نورالامين کي پاڪستان جو اٺون وزيراعظم مقرر ڪيو ۽ ذولفقار علي ڀٽو پاڪستان جو نائب وزيراعظم ٿيو ڊسمبر 1971 م ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو جنھن سان [[پاڪ-ڀارت جنگ 1971|جنگ]] ڇڙي پئي جنھن جي نتيجي م پاڪستان جي فوجي قيادت جي حڪم تي مشرقي پاڪستان ۾ [[جنرل اي ڪي نيازي]] ھٿيار ڦٽا ڪيا. جنرل نيازي رسمي طريقي سان ھڪ تقريب م پنھنجو ريوالور ڀارتي فوج جي چيف جنرل اروڙا سامھون پيش ڪيو. مشرقي پاڪستان م موجود 90000 پاڪستاني فوجي گرفتار ٿي ويا جن کي ڀارت منتقل ڪيو ويو. مشرقي پاڪستان علحده ٿي [[بنگلاديش]] بڻجي ويو. مجيب الرحمان کي آزاد ڪري ڍاڪا وڃن ڏنو ويو. اولھ واري پاڪستاني حصي ۾ نئين سر شروعات ڪئي وئي
1970 ۾ ون يونٽ کي ختم ڪري مغربي پاڪستان صوبي کي ٽوڙي پراڻا چار صوبا بحال ڪيا ويا. 1971ع م عام چونڊون ڪرايون ويون جنھن بعد سياسي حالات خراب ٿيندا ويا ۽ اقتدار جي منتقلي نہ ٿي سگھڻ جي ڪري مشرقي پاڪستان صوبي ۾ تحريڪ شروع ٿي وئي جنھن کي دٻائڻ لاء فوجي آپريشن ڪيو ويو اھڙي طرح 1972 م مشرقي پاڪستان علحده ٿي بنگلاديش جي نالي سان ھڪ خودمختيار رياست بڻجي ويو.
اڳوڻي [[اوڀر پاڪستان]] جي 90 سيڪڙو زمين سنوت واري هئي، جنهن کي ”گنگا واديءَ واري زمين“ چيو ويندو آهي. هن واديءَ ۾ ٽي مکيه درياهه آهن: [[گنگا]] ([[پدما]])، [[برهمپترا]]([[جمنا]]) ۽ [[مينگهنا]]. ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ [[چٽگام]] جون پهاڙيون آهن، جيڪي [[آسام]] جي جبلن ۽ [[برما]] جي پهاڙن جون شاخون آهن. انهن پهاڙين جي لهواري حصي ۾ تمام گهڻي برسات پوندي آهي. هن علائقي جي مشهور ندي ’[[ڪرنافلي]]‘ آهي. پاڪستان سان اوڀر بنگال جي شرڪت 24 سال رهي، ان بعد [[پاڪ- ڀارت جنگ]] جي نتيجي ۾ 16 ڊسمبر 1971ع تي ”[[بنگلاديش]]“ جي نالي سان نئون ملڪ وجود ۾ آيو. هن ملڪ کي قديم تاريخي پسمنظر اڳ ئي هو. پاڪستان کان [[بنگلاديش]] جي ڌار ٿيڻ جا ڪيترائي سبب هئا، جن ۾ پهريون وڏو سبب هڪ هزار ميلن جو فاصلو هو، جنهنڪري ان علائقي جي سرحدن جي صحيح طرح سنڀال نه پئي ٿي سگهي. ٻيو سبب سياسي ادارن ۾ اڻبرابريءَ جو هو. اولهه پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو [[جاگيردار]] ۽ وڏا زميندار چونڊجي ٿي آيا، جڏهن تہ اوڀر پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو وچولي طبقي جا نمائندا اسيمبلين ۾ چونڊبا هئا. ان ڪري ڪنهن بہ معاملي تي منجهن هم آهنگي پيدا نه ٿي سگهي، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب ڀارتي مداخلت هو، جنهن پاڪستان خلاف اوڀر پاڪستان ۾ ماحول پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو.<br />
 
===ذوالفقار علي ڀٽو جو دؤر===
باقي چار صوبن ۾ نئين حڪومت آئي ۽ سياسي ء قانوني سڌارا آندا ويا ۽ ملڪ ۾ نئون آئين ٺاھي 1973ع ۾ نافذ ڪيو ويو. جنرل يحي خان ملڪ جي صدارت تان استعيفا ڏئي۽ عھدو نائب وزيراعظم [[پاڪستان پيپلز پارٽي]] جي قائد [[ذوالفقار علي ڀٽو]] جي حوالي ڪيو جيڪو ھن نئين پاڪستان جو صدر ۽ پھريون سويلين چيف مارشلا ايڊمنسٽريٽر ٿيو. وزيراعظم نورالامين 20 ڊسمبر 1971 تي ان عھدي تان فارغ ٿي ويو ء کيس ملڪ جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو. ذولفقار علي ڀٽي ملڪ جي نئين آئين ٺاھڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ پاڪستان م ھر قسم جا سڌارا اندا. 1973ع م پاڪستان جو نئون آئين ٺھيو جنھن ذريعي ٻيھر پارلياماني نظام آندو ويو ۽ ٻن ايوانن واري پارليامينٽ متعارف ڪرائي وئي جنھن جو مٿيون ايوان سينيٽ ۽ ھيٺيون ايوان قومي اسيمبلي ھيو. 14 آگسٽ 1973 تي نئين آئين تحت ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي نائين وزيراعظم طور قسم کنيو. سنڌ، پنجاب ۽ اتر-اولھ سرحدي صوبي م پيپلزپارٽي جون حڪومتون ٺھيون ۽ بلوچستان م نعپ جي حڪومت ٺھي. سرحد صوبي جي وزيراعلي [[حيات محمد شيرپائو]] جي بم ڌماڪي ۾ جان بحق ٿيڻ جي ڪري ۽ بلوچستان م نعپ جي مشڪوڪ سرگرمين جي الزام تحت ڀٽو سرڪار بلوچستان جي نعپ حڪومت کي معزول ڪري سپريم ڪورٽ ذريعي نعپ تي بندش وڌي جنھن ڪري مينگل ء مري. قبيلن جي سياسي قيادت مزاحمت ڪئي ۽ بلوچستان م گھرو ويڙھ جي شروعات ٿي. نعپ جي سموري گرفتار قيادت تي خان ولي خان سميت حيدرآباد جي سينٽرل جيل م حيدرآباد سازش ڪيس ھلايو ويو. ملڪ م ذولفقار علي ڀٽو جي خلاف پاڪستان قومي اتحاد ٺھيو ۽ 1977 ۾ عام چونڊون ٿيون جن م پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان کٽي آئي. پاڪستان قومي اتحاد ڌانڌلي جو الزام لڳايو ۽ ٻيھر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ملڪ گير تحريڪ شروع ڪئي.