پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 254:
 
===مارشلا ۽ صدارتي نظام===
اسڪندر مرزا جو تعلق بينگال جي شھر مرشد آباد سان ھيو ۽ [[سراج الدوله]] سان 1757 ۾ [[جنگ پلاسي]] ۾ غداري ڪندڙ [[مير جعفر]] جو پڙپوٽو ھيو . پھرين برٽش آرمي م آفيسر ھيو ۽ سندس مقرريون بطور پوليٽيڪل ايجنٽ پرنسلي رياستن م ٿيون. پاڪستان ٺھڻ وقت پاڪستاني فوج ۾ ڪرنل جي عھدي تي ھيو ۽ ميجر جنرل ٿي رٽائر ٿيو ھو. اسڪندر مرزا جي وقت 1956 وارو پھريون آئين نافذ ٿيو ۽ ڊومينين پاڪستان جو خاتمو آيو ۽ پاڪستان پھريون دفعو ريپبلڪ يا جمھوريه بڻيو. ان جو نالو اسلامڪ ريپبلڪ آف پاڪستان رکيو ويو. ان آئين تحت ملڪ م [[پارلياماني نظام]] لاڳو ڪيو ويو. ملڪ م رياستي سربراھ صدر ۽ حڪومتي سربراهه وزيراعظم کي بڻايو ويو. ملڪ جي [[پاڪستان جي پارليامينٽ|پارليامينٽ]] ھڪ ايواني ھئي يعني سينيٽ جو ايوان ڪونہ ھيو صرف قومي اسيمبلي ھئي جنھن م [[مشرقي پاڪستان]] ء [[مغربي پاڪستان]] کي برابر نمايندگي ڏني وئي ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس سال م اڌ ڪراچي م ۽ اڌ ڍاڪا ۾ ٿيندا ھيا. اسڪندر مرزا ڊومينين جي خاتمي تي صدر واري نئين عھدي تي مقرر ٿيو. ملڪ م سياسي عدم استحڪام عروج تي ھيو. ملڪ م صدر جي نئين مدي جي لاءِ چونڊ ٿيڻي ھئي پر 1958 م بغير ڪنھن غير معمولي سبب جي اسڪندر مرزا ملڪ جي پھرين آئين کي منسوخ ڪري ملڪ م مارشل لا لڳائي چيف آف آرمي اسٽاف [[جنرل ايوب خان]] کي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو. بعد ۾ جنرل ايوب اسڪندر مرزا کان زبردستي استعيفا ان بنياد تي ورتي تہ صدر جو عھدو 1956ع جي آئين تحت ھيو ۽ آئين جي منسوخي سان اھو عھدو بہ ختم ٿي چڪو ھو ۽ ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو صرف [[چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر]] ئي ھيو تنھن ڪري [[اسڪندر مرزا]] جو عھدو غيرقانوني ھيو. اسڪندر مرزا کي گرفتار ڪري ڪوئيٽا آندو ويو جتان کيس [[يونائيٽيڊ ڪنگڊم]] ۾ جلاوطن ڪيو ويو ۽ سندس باقي زندگي لنڊن م گذري. ,7 آڪٽوبر 1957 جي مارشلا بعد حسين شھيد سھروردي 12 آڪٽوبر تي استعفي ڏئي ۽ آء آء چندريگر وزيراعظم ٿيو جنھن 14 ڊسمبر تي استعفي ڏئي جنھن بعد اسڪندر مرزا ملڪ فيروز خان نون کي ڪابينه ٺاھڻ لاء چيو. ان 16 ڊسمبر چ1957ع تي بطور وزير اعظم قسم کنيو. 24 ڊسمبر تي اسٽيٽ بينڪ 100 روپئي جو ڪرنسي نوٽ جاري ڪيو جنھن ۾ پھريون ڀيرو قائداعظم جي تصوير ڏني وئي<ref name = " پاڪستان "/>. 4 سيپٽمبر 1958 تي قومي اسيمبلي ايندڙ فيبروري 1959 ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏني ۽ 20 سيپٽمبر تي صدر پاڪستان 15 فيبروري 1959تي چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏني<ref name = " پاڪستان "/>. 7 سيپٽمبر 1958 تي عمان پنھنجو گوادر پرڳڻو پاڪستان کي چار لک برطانوي پائونڊ ۾ وڪرو ڪرڻ لاء راضي ٿي ويو<ref name = " پاڪستان "/>. ست آڪٽوبر 1958ع تي اسڪندر مرزا ملڪ ب۾ مارشل لا لاڳو ڪئي، 1956ع وارو آئين منسوخ ڪيو، نيشنل اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون، سڀني سياسي پارٽين کي منسوخ ڪري ڇڏيو<ref name = " پاڪستان "/>. آرمي چيف جنرل محمد ايوب خان کي ملڪ جو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو. 24 آڪٽوبر تي صدر 12 وزيرن تي مشتمل مرڪزي ڪابينه جوڙي جنرل ايوب خان کي ملڪ جو وزيراعظم مقرر ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪابينه چو وزير بڻايو<ref name = " پاڪستان "/>. 27 آڪٽوبر تي صدر جو عهدو ڇڏي اختيار ايوب خان جي حوالي ڪيا. 28 آڪٽوبر تي ايوب خان بطور صدر صدارتي ڪابينه آرڊر جاري ڪري وزيراعظم جو عھدو ختم ڪري صدارتي ڪابينه جوڙي. 2 نومبر تي اسڪندر مرزا کي لنڊن روانو ڪري جلاوطن ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 4 آگسٽ 1959ع ۾ ايوب خان بنيادي جمھوريت جو نظام آندو جنھن تحت ملڪ ۾ 8000 بنيادي يونٽ قائم ڪيا ويا. ھر يونٽ م 10 ميمبر ھر بالغ راء واري ووٽ جي بنياد تي چونڊي ڪل 80000 ھزار ميمبر چونڊي انھن ڻجظ ووٽ تي صدر جي چونڊ ڪرڻي ھئي<ref name = " پاڪستان "/>. 27 آڪٽوبر 1959 تي صدر بيسڪ ڊيموڪريسز آرڊر جاري ڪيو ۽ ساڳي تاريخ تي ايوب خان فيلڊ مارشل ٿي ويو. 2 جنوري 1960ع تي ملڪ ب۾ بيسڪ ڊيموڪريسي يونٽن جون چونڊون ٿيون<ref name = " پاڪستان "/>. 14 فيبروري 1960ع تي بنيادي يونٽن جي 80 ھزار ميمبرن ملڪ جي صدر تي اعتماد ھجڻ يا اعتماد نہ ھجڻ لاء ووٽنگ ۾ حصو ورتو. 15 فيبروري تي اليڪشن ڪميشن پڌرو ڪيو تہ غالب اڪثريت سان ميمبرن صدر ايوب تي اعتماد جو اظھار ڪيو اھڙي طرح 17 فيبروري 1960 تي ايوب خان صدر جي عھدي لاء قسم کنيو ۽ ساڳي تاريخ تي صدر ملڪ بجي نئين آئين تيار ڪرڻ لاءِ يارھن رڪني ڪميٽي جسٽس محمد شھاب الدين جي سربراهي ۾ جوڙي<ref name = " پاڪستان "/>. 19 فيبروري تي جسٽس منير جي رٽائرمينٽ تي جسٽس شھاب الدين کي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 24 فيبروري 1960 تي صدارتي ڪابينه ملڪ جو نئون گادي جو هنڌ راولپنڊي جي ڀرسان اسلام آباد جي نالي سان ٺاھڻ جي منظوري ڏني<ref name = " پاڪستان "/>. پھرين آگسٽ تي راولپنڊي کي پاڪستاني حڪومت جي مکيه گادي قرار ڏنو ويو. 28 نومبر 1960 تي ويسٽ پاڪستان بجي 11 انتظامي ڊويزنن ۾ ورھايو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 23 اپريل 1961 تي اسلام آباد شھر جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو<ref name = " پاڪستان "/>. 15 جولاءِ 1961 تي گل ياسمين کي پاڪستان جو قومي گل قرار ڏنو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 28 آگسٽ تي ڊاڪٽر عبدالسلام کي صدر جو سائنسي معاملن جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 23 مارچ 1962 تي ملڪ ۾ نئون ائين متعارف ڪرايو ويو جنھن بم صدر کي تمام گھڻا اختيار ڏنا ويا ھئا<ref name = " پاڪستان "/>. ڪنھن بہ قومي اسيمبلي يا صوبائي اسيمبلي جي اميدوار جي لاء سياسي وابستگي غيرقانوني ھئي. 6 مئي 1962ع تي ملڪ ۾ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ٿيون. 8 جون 1962ع تي صدر ايوب مارشل ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيوب۽ ساڳي تاريخ تي 1962ع جي آئين تحت چونڊيل قومي اسيمبلي جو پھريون اجلاس ٿيو ۽ ايوب خان نئين آئين تحت ملڪ جي صدر لاء قسم کنيو<ref name = " پاڪستان "/>. 13 جون 1962 تي محمد علي بوگرہ ملڪ جو پرڏيهي معاملن جو وزير ۽ ذوالفقار علي ڀٽو صنعتن جي وزير طور ڪابينه م شامل ٿيا. بوگرہ 23 جنوري 1963 تي دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو ، 24 جنوري تي ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو پرڏيهي معاملن وارو وزير ٿيو. 22 اپريل 1963 تي ايوب خان مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ۽ 19 آگسٽ 1964ع تي مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان صدراتي چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو. 17 سيپٽمبر 1964ع تي محترمه فاطمه جناح گڏيل مخالف جماعتن جي درخواست تي صدارتي اميدوار ٿيڻ لاء راضپو ڏيکاريو ۽ 20 سيپٽمبر تي کيس اميدوار نامزد ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. پھرين جنوري 1965ع تي ملڪ ۾ 1962ع واري آئين ھيٺ پھرين صدارتي چونڊ واقع ٿي جيڪا ايوب خان اڪثريت سان کٽي. ايوب خان 49647 ووٽ کنيا (ويسٽ پاڪستان مان 28927 ۽ ايسٽ پاڪستان مان 20720) جڏھن تہ محترمه فاطمه جناح 28343 ووٽ کنيا (ويسٽ پاڪستان مان 10263 ۽ اوڀر پاڪستان مان 18080) گڏيل مخالف پارٽين اليڪشن ڪميشن جي انھن نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 4 جنوري ڪي ايوب خان جي پٽ گوھر ايوب ڪراچي ۾ ايوب خان جي مسلم ليگ جي تعاون سان فتح جي پريڊ ڪئي جيڪا تشدد ۾ تبديل ٿي وئي ۽ 23 ڄڻا جھڳڙن ب۾ مارجي ويا. فوج شھر جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو. 21 مارچ تي ملڪ م قومي اسيمبلي جي چونڊ ٿي. اسيمبلي جي 150 سيٽن مان 120 پاڪستان مسلم ليگ ۽ باقي مخالف جماعتن کٽيون.23 مارچ تي ايوب خان پنجن سالن لاء صدر طور قسم کنيو، ان سان گڏ شعيب ۽ ذوالفقار علي ڀٽو پڻ ترتيبوار صنعت ۽ پرڏيھي معاملن جي وزير طور قسم کنيو. 26 مارچ 1965 م ذولفقار علي ڀٽو پاڪستان مسلم ليگ جو سيڪريٽري جنرل ٿيو. 23 اپريل تي رڻ ڪڇ ۾ پاڪ فوج ۽ ڀارتي فوج ۾ ويڙھ ڪئي. 6 سيپٽمبر 1965 تي انڊيا اولھ پاڪستان جي سرحدن تي حملو ڪري جنگ شروع ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>. ملڪ م ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. 7 سيپٽمبر تي چين ڀارت جي مذمت ڪئي. 10 سيپٽمبر تي ميجر عزيز ڀٽي لاھور واري محاذ تي شھيد ٿيو<ref name = " پاڪستان "/>. 22 سيپٽمبر تي صدر ايوب قوم کي خطاب ڪندي عالمي امن جي مفاد خاطر فوج کي 23 سيپٽمبر تي 3:00 بجي رات جو جنگ بندي جو حڪم ڏنو. انڊيا پڻ سڪيورٽي ڪائونسل جي جنگ بندي واري قرارداد کي غيرمشروط قبول ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. ملائيشيا پاڪستان جي سيڪيورٽي ڪائونسل م مخالفت ڪئي ھئي جنھن ڪري 5 آڪٽوبر تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو پريس ڪانفرنس ڪندي ملائيشيا سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. سويت يونين جي ٽياڪڙي سان 10 جنوري 1966 تي نو نقطن واري تاشقند واري معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون<ref name = " پاڪستان "/>. 12 فيبروري 1966 تي مجيب الرحمان پنھنجي پارٽي جو 6 نقاطي پروگرام پڌرو ڪندي صوبائي خودمختياري جو مطالبو ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 18 جون 1966 تي ذوالفقار علي ڀٽو وزارت ڇڏي بيماري واري موڪل تي ھليو ويو ۽ ان جو ڇڏيل پرڏيهي کاتو ايوب خان پاڻ سنڀاليو<ref name = " پاڪستان "/>. 20 جولاءِ تي شريف الدين پيرزادو. پرڏيھي وزير ٿيو<ref name = " پاڪستان "/>. 17 سيپٽمبر 1966 تي جنرل محمد یحییٰ پاڪستاني فوج جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ٿيو<ref name = " پاڪستان "/>. 31 ڊسمبر 1966 تي ايوب خان سياستدانن تان [[ايبڊو]] (EBDO) جون پابنديون ھٽائي ڇڏيون<ref name = " پاڪستان "/>. 9 جولاءِ 1967 تي محترمه فاطمه جناح ڪراچي ۾ وفات ڪري وئي ۽ کيس ٻئي ڏينھن قائداعظم واري مقبري ۾ دفنايو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 16 سيپٽمبر 1967 تي ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان پيپلزپارٽي نالي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ 30 نومبر تي لاھور ۾ ان پارٽي جو بنياد وڌو ويو جنھن جو چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جنرل سيڪريٽري جَي اَي رحيم ٿيو. پھرين ڊسمبر تي ڊاڪٽر مبشر حسن جي لاھور واري رھائشگاھ تي پارٽي جو پھريون ڪنوينشن ٿيو جنھن م ذوالفقار علي ڀٽو کي چيئرمين چونڊيو ويو ي<ref name = " پاڪستان "/>. 11 ڊسمبر 1967 تي قومي اسيمبلي بيسڪ ڊيموڪريسي جي 8000 يونٽن کي وڌائي 12000 ڪيو. 6 جنوري 1968 تي اگرتلا واري ملڪ جي خلاف سازش منظر عام تي آئي ۽ 18 جنوري تي مجيب الرحمان کي ان سازش جي الزم ۾ گرفتار ڪيو ويو. نومبر 1968 م راولپنڊي ۾ احتجاج دوران شاگرد جي قتل کان پوء شاگردن مظاھرا شروع ڪيا جيڪي پشاور ، ڪراچي ۽ لاھور تائين ڦھلجي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويا. 13 مارچ تي ايئر مارشل اصغر خان جسٽس پارٽي ٺاھي<ref name = " پاڪستان "/>. 25 مارچ 1965ع تي صدر ايوب صدر جو عھدو ڇڏيو ۽ اقتدار آرمي چيف جنرل یحیٰی جي حوالي ڪيو جنھن ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي ۽ اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون ۽ 1962 جو آئين منسوخ ڪري ڇڏيو. 31 مارچ تي يحي خان صدر جو عھدو سنڀاليو<ref name = " پاڪستان "/>.
===ون يونٽ جو خاتمو ۽بعام چونڊون===
4 مارچ تي صدر پرويژنل ڪانسٽيٽيوشنل آرڊر يا پي سي او جاري ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 22 سيپٽمبر 1969تي جنرل يحي موروڪو ۾ پھرين اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>. پھرين جولاء 1970 تي صدر يحي خان ون يونٽ منسوخ ڪري سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي صوبائي حيثيت بحال ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>. ملڪ ۾ 5 آڪٽوبر 1970 تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. اوڀر پاڪستان ۾ ٻوڏ اچڻ ڪري 15 آگسٽ تي چونڊ جي تاريخ کي ملتوي ڪري 7 ڊسمبر 1970 تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. 12 نومبر 1970 تي سائڪلون اچڻ ۽ 30 فوٽ اوچي سامونڊي لھرن جي ڪري آيل تباھي ۾ ڏھ لکن کان وڌيڪَ ماڻھو فوت ٿي ويا. 7 ڊسمبر 1970 تي قومي اسيمبلي جي 313 سيٽن لاء چونڊون ٿيون. مجيب الرحمان جي عوامي ليگب151 سيٽون کڻي اڪثريت سان کٽي آئي. پيپلزپارٽي 81 سيٽون کڻي ٻيون نمبر وڏي پارٽي ٿي وئي. باقي ٻيون جماعتون 81 سيٽون کڻي آيون جن ۾ جماعت اسلامي، پي ڊي پي، مسلم ليگ (سي)، مسلم ليگ (ڪيو)، جي يو پي، ۽ نعپ شامل ھيون. 17 ڊسمبر تي صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ٿيون جن جي نتيجو قومي اسيمبلي جي نتيجي سان مطابقت وارو آيو.
 
===سياسي بحران ۽ بينگال جي علحدگي ===
سيپٽمبر 1965 م پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ م [[پاڪ-ڀارت جنگ، 1965|جنگ]] لڳي جنھن کان پوءِ [[سويت يونين]] جي ٽياڪڙي سان تاشقند ۾ پاڪستان ۽ انڊيا وچ م [[تاشقند وارو معاھدو]] ٿيو. 1969 ۾ ايوب خان جي خلاف ملڪ گير تحريڪ ھلڻ بعد ان استعيفا ڏئي ۽ اقتدار چيف آف آرمي اسٽاف [[جنرل يحي خان]] جي حوالي ڪيو. 1962ع جي ائين منسوخ ٿي چڪو ھو.<br />
 
3 جنوري 1971 تي مجيب الرحمان اعلان ڪيو تہ ملڪ جو نئون آئين اولھ پاڪستان جي نمائندن جي صلاح سان ان جي ڇھ نقاطي پروگرام جي بنياد تي ٺاهيو ويندو. 13 جنوري تي مجيب الرحمان صدر سان ملاقات ڪئي. 14 جنوري تي صدر يحي خان ڍاڪا ۾ پڌرو ڪيو تہ مجيب الرحمان ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو. 17 جنوري تي صدر يحي ذولفقار علي ڀٽو سان لاڙڪاڻي واري رھائشگاھ تي مذاڪرات ڪيا. 27 جنوري تي مجيب الرحمان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ڍاڪا ۾ آئين ٺاھڻ لاء مذاڪرات ڪيا. 13 فيبروري تي يحي خان 3 مارچ 1971 تي ڍاڪا ۾ آئين ٺاھڻ لاء قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو اعلان ڪيو. 16 فيبروري تي ذوالفقار علي ڀٽو پھرين پرڏيهي واپار، ڪرنسي ۽ محصولن متعلق سمجھوتو ٿيڻ تائين قومي اسيمبلي جي ان اجلاس جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو. 18 فيبروري تي جماعت اسلامي جي مولانا مودودي ان بائيڪاٽ جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو تہ اڪثريت حاصل ڪندڙ جماعت کي آئين جو مسودو پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ ٻيا ان جي ڪمزورين تي بحث ڪن.24 فيبروري تي مجيب الرحمان پنھجن ڇھن نقطن تي سمجھوتو ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو. 28 فيبروري تي عوامي ليگ مغربي پاڪستان جي ميمبرن کي اجلاس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. ذوالفقار علي ڀٽي ٻہ متبادل ڏنا تہ يا قومي اسيمبلي جي اجلاس کي ملتوي ڪيو وڃي يا وري آئين ٺاھڻ لاء رکيل مدت کي ختم ڪيو وڃي. صدر يحي پھرين مارچ 1971 تي 3 مارچ واري اجلاس کي سياستدانن وچ ۾ آئين ٺاھڻ لاء معقول افھام تفھيم ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ مشرقي پاڪستان ۾ عوامي ليگ ھڙتالون ۽ مظاھرا شروع ڪري ڇڏيا جنهن ڪري ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳائڻو پيو. 3 مارچ تي صدر ڍاڪا ۾ 10 مارچ تي سڀني چونڊ کٽيندڙ سياسي جماعتن جي 12 اڳواڻن کي آئيني مشاورت لاء گھرايو پر عوامي ليگ ان گڏجاڻيءَ جو بائڪاٽ ڪيو ۽ پرامن عدم تعاون واري تحريڪ شروع ڪئي. 6 مارچ 1971ع تي جنرل ٽڪا خان کي مشرقي پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
 
===1971 واري جنگ ۽ بنگلاديش جو قيام===