پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 254:
 
===مارشلا ۽ صدارتي نظام===
اسڪندر مرزا جو تعلق بينگال جي شھر مرشد آباد سان ھيو ۽ [[سراج الدوله]] سان 1757 ۾ [[جنگ پلاسي]] ۾ غداري ڪندڙ [[مير جعفر]] جو پڙپوٽو ھيو . پھرين برٽش آرمي م آفيسر ھيو ۽ سندس مقرريون بطور پوليٽيڪل ايجنٽ پرنسلي رياستن م ٿيون. پاڪستان ٺھڻ وقت پاڪستاني فوج ۾ ڪرنل جي عھدي تي ھيو ۽ ميجر جنرل ٿي رٽائر ٿيو ھو. اسڪندر مرزا جي وقت 1956 وارو پھريون آئين نافذ ٿيو ۽ ڊومينين پاڪستان جو خاتمو آيو ۽ پاڪستان پھريون دفعو ريپبلڪ يا جمھوريه بڻيو. ان جو نالو اسلامڪ ريپبلڪ آف پاڪستان رکيو ويو. ان آئين تحت ملڪ م [[پارلياماني نظام]] لاڳو ڪيو ويو. ملڪ م رياستي سربراھ صدر ۽ حڪومتي سربراهه وزيراعظم کي بڻايو ويو. ملڪ جي [[پاڪستان جي پارليامينٽ|پارليامينٽ]] ھڪ ايواني ھئي يعني سينيٽ جو ايوان ڪونہ ھيو صرف قومي اسيمبلي ھئي جنھن م [[مشرقي پاڪستان]] ء [[مغربي پاڪستان]] کي برابر نمايندگي ڏني وئي ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس سال م اڌ ڪراچي م ۽ اڌ ڍاڪا ۾ ٿيندا ھيا. اسڪندر مرزا ڊومينين جي خاتمي تي صدر واري نئين عھدي تي مقرر ٿيو. ملڪ م سياسي عدم استحڪام عروج تي ھيو. ملڪ م صدر جي نئين مدي جي لاءِ چونڊ ٿيڻي ھئي پر 1958 م بغير ڪنھن غير معمولي سبب جي اسڪندر مرزا ملڪ جي پھرين آئين کي منسوخ ڪري ملڪ م مارشل لا لڳائي چيف آف آرمي اسٽاف [[جنرل ايوب خان]] کي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو. بعد ۾ جنرل ايوب اسڪندر مرزا کان زبردستي استعيفا ان بنياد تي ورتي تہ صدر جو عھدو 1956ع جي آئين تحت ھيو ۽ آئين جي منسوخي سان اھو عھدو بہ ختم ٿي چڪو ھو ۽ ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو صرف [[چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر]] ئي ھيو تنھن ڪري [[اسڪندر مرزا]] جو عھدو غيرقانوني ھيو. اسڪندر مرزا کي گرفتار ڪري ڪوئيٽا آندو ويو جتان کيس [[يونائيٽيڊ ڪنگڊم]] ۾ جلاوطن ڪيو ويو ۽ سندس باقي زندگي لنڊن م گذري. ,7 آڪٽوبر 1957 جي مارشلا بعد حسين شھيد سھروردي 12 آڪٽوبر تي استعفي ڏئي ۽ آء آء چندريگر وزيراعظم ٿيو جنھن 14 ڊسمبر تي استعفي ڏئي جنھن بعد اسڪندر مرزا ملڪ فيروز خان نون کي ڪابينه ٺاھڻ لاء چيو. ان 16 ڊسمبر چ1957ع تي بطور وزير اعظم قسم کنيو. 24 ڊسمبر تي اسٽيٽ بينڪ 100 روپئي جو ڪرنسي نوٽ جاري ڪيو جنھن ۾ پھريون ڀيرو قائداعظم جي تصوير ڏني وئي<ref name = " پاڪستان "/>. 4 سيپٽمبر 1958 تي قومي اسيمبلي ايندڙ فيبروري 1959 ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏني ۽ 20 سيپٽمبر تي صدر پاڪستان 15 فيبروري 1959تي چونڊون ڪرائڻ جي منظوري ڏني<ref name = " پاڪستان "/>. 7 سيپٽمبر 1958 تي عمان پنھنجو گوادر پرڳڻو پاڪستان کي چار لک برطانوي پائونڊ ۾ وڪرو ڪرڻ لاء راضي ٿي ويو<ref name = " پاڪستان "/>. ست آڪٽوبر 1958ع تي اسڪندر مرزا ملڪ ب۾ مارشل لا لاڳو ڪئي، 1956ع وارو آئين منسوخ ڪيو، نيشنل اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون، سڀني سياسي پارٽين کي منسوخ ڪري ڇڏيو<ref name = " پاڪستان "/>. آرمي چيف جنرل محمد ايوب خان کي ملڪ جو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو. 24 آڪٽوبر تي صدر 12 وزيرن تي مشتمل مرڪزي ڪابينه جوڙي جنرل ايوب خان کي ملڪ جو وزيراعظم مقرر ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪابينه چو وزير بڻايو<ref name = " پاڪستان "/>. 27 آڪٽوبر تي صدر جو عهدو ڇڏي اختيار ايوب خان جي حوالي ڪيا. 28 آڪٽوبر تي ايوب خان بطور صدر صدارتي ڪابينه آرڊر جاري ڪري وزيراعظم جو عھدو ختم ڪري صدارتي ڪابينه جوڙي. 2 نومبر تي اسڪندر مرزا کي لنڊن روانو ڪري جلاوطن ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 4 آگسٽ 1959ع ۾ ايوب خان بنيادي جمھوريت جو نظام آندو جنھن تحت ملڪ ۾ 8000 بنيادي يونٽ قائم ڪيا ويا. ھر يونٽ م 10 ميمبر ھر بالغ راء واري ووٽ جي بنياد تي چونڊي ڪل 80000 ھزار ميمبر چونڊي انھن ڻجظ ووٽ تي صدر جي چونڊ ڪرڻي ھئي<ref name = " پاڪستان "/>. 27 آڪٽوبر 1959 تي صدر بيسڪ ڊيموڪريسز آرڊر جاري ڪيو ۽ ساڳي تاريخ تي ايوب خان فيلڊ مارشل ٿي ويو. 2 جنوري 1960ع تي ملڪ ب۾ بيسڪ ڊيموڪريسي يونٽن جون چونڊون ٿيون<ref name = " پاڪستان "/>. 14 فيبروري 1960ع تي بنيادي يونٽن جي 80 ھزار ميمبرن ملڪ جي صدر تي اعتماد ھجڻ يا اعتماد نہ ھجڻ لاء ووٽنگ ۾ حصو ورتو. 15 فيبروري تي اليڪشن ڪميشن پڌرو ڪيو تہ غالب اڪثريت سان ميمبرن صدر ايوب تي اعتماد جو اظھار ڪيو اھڙي طرح 17 فيبروري 1960 تي ايوب خان صدر جي عھدي لاء قسم کنيو ۽ ساڳي تاريخ تي صدر ملڪ بجي نئين آئين تيار ڪرڻ لاءِ يارھن رڪني ڪميٽي جسٽس محمد شھاب الدين جي سربراهي ۾ جوڙي<ref name = " پاڪستان "/>. 19 فيبروري تي جسٽس منير جي رٽائرمينٽ تي جسٽس شھاب الدين کي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 24 فيبروري 1960 تي صدارتي ڪابينه ملڪ جو نئون گادي جو هنڌ راولپنڊي جي ڀرسان اسلام آباد جي نالي سان ٺاھڻ جي منظوري ڏني<ref name = " پاڪستان "/>. پھرين آگسٽ تي راولپنڊي کي پاڪستاني حڪومت جي مکيه گادي قرار ڏنو ويو. 28 نومبر 1960 تي ويسٽ پاڪستان بجي 11 انتظامي ڊويزنن ۾ ورھايو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 23 اپريل 1961 تي اسلام آباد شھر جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو<ref name = " پاڪستان "/>. 15 جولاءِ 1961 تي گل ياسمين کي پاڪستان جو قومي گل قرار ڏنو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 28 آگسٽ تي ڊاڪٽر عبدالسلام کي صدر جو سائنسي معاملن جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 23 مارچ 1962 تي ملڪ ۾ نئون ائين متعارف ڪرايو ويو جنھن بم صدر کي تمام گھڻا اختيار ڏنا ويا ھئا<ref name = " پاڪستان "/>. ڪنھن بہ قومي اسيمبلي يا صوبائي اسيمبلي جي اميدوار جي لاء سياسي وابستگي غيرقانوني ھئي. 6 مئي 1962ع تي ملڪ ۾ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ٿيون. 8 جون 1962ع تي صدر ايوب مارشل ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيوب۽ ساڳي تاريخ تي 1962ع جي آئين تحت چونڊيل قومي اسيمبلي جو پھريون اجلاس ٿيو ۽ ايوب خان نئين آئين تحت ملڪ جي صدر لاء قسم کنيو<ref name = " پاڪستان "/>. 13 جون 1962 تي محمد علي بوگرہ ملڪ جو پرڏيهي معاملن جو وزير ۽ ذوالفقار علي ڀٽو صنعتن جي وزير طور ڪابينه م شامل ٿيا. بوگرہ 23 جنوري 1963 تي دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو ، 24 جنوري تي ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو پرڏيهي معاملن وارو وزير ٿيو. 22 اپريل 1963 تي ايوب خان مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ۽ 19 آگسٽ 1964ع تي مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان صدراتي چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو. 17 سيپٽمبر 1964ع تي محترمه فاطمه جناح گڏيل مخالف جماعتن جي درخواست تي صدارتي اميدوار ٿيڻ لاء راضپو ڏيکاريو ۽ 20 سيپٽمبر تي کيس اميدوار نامزد ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>.
 
سيپٽمبر 1965 م پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ م [[پاڪ-ڀارت جنگ، 1965|جنگ]] لڳي جنھن کان پوءِ [[سويت يونين]] جي ٽياڪڙي سان تاشقند ۾ پاڪستان ۽ انڊيا وچ م [[تاشقند وارو معاھدو]] ٿيو. 1969 ۾ ايوب خان جي خلاف ملڪ گير تحريڪ ھلڻ بعد ان استعيفا ڏئي ۽ اقتدار چيف آف آرمي اسٽاف [[جنرل يحي خان]] جي حوالي ڪيو. 1962ع جي ائين منسوخ ٿي چڪو ھو.<br />
 
[[جنرل ايوب خان]] 1962 ۾ نئون ائين ڏنو جنھن تحت [[صدارتي نظام]] آندو ويو جنھن م [[بنيادي جمھوريت]] کي متعارف ڪرايو ويو. ايوب خان جي دور ۾ پاڪستان جي نئين گادي جي ھنڌ لاء روالپنڊي جي ڀرسان اسلام آباد نالي شھر اڏڻ جي منظوري ڏني وئي . راولپنڊي شھر ۽ ان جي پسگردائيءَ وارا علائقا پنجاب کان وفاق جي حوالي ڪيا ويا ۽ گادي جو هنڌ 1958 م ڪراچي کان راولپنڊي-اسلام اباد منتقل ڪيو ويو. اسلام آباد شھر اڏجي وڃڻ کان پوء فيڊرل ڪيپيٽل ٽيريٽري قائم ڪري راولپنڊي شھر کي جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ پنجاب کي واپس ڏنو ويو. سيپٽمبر 1965 م پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ م [[پاڪ-ڀارت جنگ، 1965|جنگ]] لڳي جنھن کان پوءِ [[سويت يونين]] جي ٽياڪڙي سان تاشقند ۾ پاڪستان ۽ انڊيا وچ م [[تاشقند وارو معاھدو]] ٿيو. 1969 ۾ ايوب خان جي خلاف ملڪ گير تحريڪ ھلڻ بعد ان استعيفا ڏئي ۽ اقتدار چيف آف آرمي اسٽاف [[جنرل يحي خان]] جي حوالي ڪيو. 1962ع جي ائين منسوخ ٿي چڪو ھو.<br />
 
===1971 واري جنگ ۽ بنگلاديش جو قيام===