پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 251:
===ريپبلڪ جو قيام===
 
29 فيبروري 1956ع تي ملڪ جي ٻين آئين ساز اسيمبلي ملڪ جو پھريون آئين منظور ڪيو جنھن جو بنياد [[قراداد مقاصد 1949]] ھيو. ملڪ کي وفاقي ريپبلڪ بڻايو ويو ۽ ان جو نالو اسلامي جمھوريه پاڪستان رکيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 2 مارچ تي اھو نئون آئين عمل ۾ آيو. اسڪندر مرزا کي عبوري مدت لاء ملڪ جو پھريون صدر چونڊيو ويو جنھن 23 مارچ تي قسم کنيو<ref name = " پاڪستان "/>. سيپٽمبر 1956 م چوڌري محمد علي کي پارٽي جي صدارت تان هٽايو ويو ۽ ھن خلاف تحريڪ عدم اعتماد آندي وئي جنھن ڪري ھن 8 سيپٽمبر 1956ع تي استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ 12 تاريخ تي بينگال جو [[حسين شھيد سھروردي]] ملڪ جو پنجون وزيراعظم ٿيو. جنھن جنرل ايوب خان کي ٽن سالن جي ايڪسٽينشن ڏني. سويت يونين جي ڀيٽ م يونائيٽيڊ اسٽيٽس سان تعلقات فوجي سطح تائين وڏائي مضبوط ڪرڻ تي عوامي ليگ ۾ ان جي ڏاڍي مخالفت ٿي چڪي هئي. ھن 17 آگسٽ 1957 م استعيفا ڏئي ڇڏي. ۽ ساڳي تاريخ تي بمبئي م پيدا ٿيندڙ [[آء آء چندريگر]] پاڪستان جو ڇھون وزيراعظم ٿيو جنهن اسيمبلي جي پھرين اجلاس م اليڪشن جي نظام ۾ سڌارن آڻڻ جو اعلان ڪيو پر جلد ئي سياسي سرگرميون ٿيون ء ھن جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد اسيمبلي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ٿي جنھن ڪري ھن ساڳي سال 11 ڊسمبر تي استعيفا ڏئي ڇڏي. ان بعد ھاڻوڪي سرگوڌا ضلعي سان تعلق رکندڙ ملڪ فيروز خان نون ساڳي سال 16 ڊسمبر تي پاڪستان جو ستون وزيراعظم ٿيو. ھن جي ڪوششن سان گوادر پاڪستان جو حصو بڻجي ويو. اسڪندر مرزا ج جي صدارت جو مدو پورو تيڻ وارو ھو ۽ ھي ان جي ٻيھر صدر ٿيڻ تي راضي نہ ھيو جنھن ڪري 7 آڪٽوبر ۽ 8 آڪٽوبر جي وچ واري رات اسڪندر مرزا کيس برطرف ڪري آئين منسوخ ڪري ملڪ م مارشلا لڳائڻ جو اعلان ڪيو. 14 سيپٽمبر 1957 تي ويسٽ پاڪستان جي اسيمبلي نيشنل عوامي پارٽي جي ون يونٽ کي ٽوڙڻ جي قرارداد منظور ڪئي. 7 آڪٽوبر تي اسڪندر مرزا مارشل لا لاڳو ڪندي سموريون قانونساز اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون
 
===مارشلا ۽ صدارتي نظام===