پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 247:
پهرين اپريل 1943ع ۾ [[سنڌ اسيمبلي|سنڌ اسيمبليءَ]] ٺهراءُ پاس ڪيو هو. 6 جون 1946ع تي آل انڊيا مسلم ليگ [[ڪيبينيٽ پلان]] کي ۽ 8 جون تي [[ڪيبينيٽ مشن پلان]] کي قبول ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 8 آگسٽ 1946ع تي وائسراءِ ڪانگريس کي عبوري حڪومت ٺاھڻ جي دعوت ڏني جيڪا ان قبول ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>. 2 سيپٽمبر 1946 تي آل انڊيا مسلم ليگ محسوس ڪيو تہ سياسي اقتدار رڳو ھندن جي ھٿ اچڻ سان مسلمانن جو نقصان ٿيندو تنھنڪري مسلم ليگ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. ليگ طرفان لياقت علي خان، آء آء چندريگر، سردار عبدالرب نشتر، راجا غضنفر علي خان ۽ جوگندرناٿ منڊل (شيڊولڊ ڪاسٽ) 26 آڪٽوبر 1946 تي بطور ڪائونسلر قسم کنيو. اھڙي طرح مسلم ليگ بہ عبوري حڪومت ۾ شامل ٿي وئي<ref name = " پاڪستان "/>. 26 آڪٽوبر تي لياقت علي خان کي برٽش انڊيا جو نھرو جي ڪابينه ۾ وزير خزانه مقرر ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 20 جنوري 1947ع تي بينگال اسيمبلي بينگال جي تقسيم جو فيصلو ڪيو. 23 جنوري تي پنجاب اسيمبلي پنجاب جي تقسيم جو فيصلو ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 29 جون تي بلوچستان پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. 20 فيبروري تي لارڊ مائونٽ بيٽن برٽش انڊيا جو آخري وائسراءِ مقرر ٿيو ۽ برٽش وزيراعظم ڪليمنٽ ايٽلي انڊيا کي ڇڏي ڏيڻ جو آخري اعلان ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 19 جون تي مسلم ليگ جي ھاء ڪمانڊ ڪراچي کي پاڪستان جي گادي جي هنڌ لاء چونڊيو<ref name = " پاڪستان "/>. 20 جون 1947 م بينگال اسيمبلي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان جي حمايت ۾ 126 ۽ مخالفت ۾ 90 ووٽ آيا<ref name = " پاڪستان "/>. 26 جون تي سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي نئين آئين ساز اسيمبلي ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو. فيصلي جي حق ۾ 33 ۽ مخالفت ۾ 22 ووٽ پيا. 29 جون تي بلوچستان جي شاھي جرگي جي 54 ميمبرن يڪراء ٿي پاڪستان ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 4 جولاءِ تي برطانوي ھائوس آف ڪامنز ۾ انڊين انڊپينڊنس بل پيش ڪيو ويو جنھن ۾ انڊوپاڪستان ننڍي کنڊ مان پاڪستان ۽ انڊيا جي نالي سان ٻي ڊمئنين رياستون قائم ڪرڻ جي منظوري ڪرڻي ھئي<ref name = " پاڪستان "/>. 6 جولاءِ کان 17 جولاء تائين نارٿ ويسٽ فرنٽيئر پراونس ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء ريفرينڊم ڪرايو ويو جنھن جو خان عبدالغفار خان جي خدائي خدمتگار تحريڪ ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس بائڪاٽ ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 10 جولاءِ تي برٽش وزيراعظم ڪليمنٽ ايٽلي قائداعظم محمد جناح کي پاڪستان جي گورنر جنرل مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>. 13 جولاءِ تي سلھٽ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. 16 جولاءِ تي برٽش ھائوس آف لارڊز انڊين انڊپينڊنس بل منظور ڪيو ۽ 18 جولاءِ تي ان جي شاھي توثيق ڪئي وئي<ref name = " پاڪستان "/>. 20 جولاءِ تي نارٿ ويسٽ فرنٽيئر پراونس پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ,26 جولاءِ تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي جوڙي وئي. 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو. لارڊ مائونٽ بيٽن ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي پھرين آئين ساز اسيمبلي کي خطاب ڪيو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان جو پھريون گورنر جنرل ٿيو. قائداعظم لياقت علي خان کي پاڪستان جي پھرين حڪومت ٺاھڻ جي دعوت ڏني<ref name = " پاڪستان "/>. 15 آگسٽ تي لاھور ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس عبدالرشيد قائد اعظم کان گورنر جنرل جي عهدي جو قسم ورتو ۽ وزيراعظم لياقت علي خان پنھنجي ڪابينه سميت قسم کنيو<ref name = " پاڪستان "/>. پھرين ڪابينه ۾ لياقت علي وزيراعظم، آء آي چندريگر، ملڪ غلام محمد، عبدالرب نشتر، غضنفر علي خان، جوگندرناٿ منڊل ۽ فضل الرحمان بطور وزير قسم کنيو<ref name = " پاڪستان "/>. لياقت علي خان ان ئي ڏينھن فلائيٽ تي جوائنٽ ڊفينس ڪائونسل ۾ شرڪت لاء دھلي روانو ٿيو. ساڳي ڏينھن فيصلو ڪيو ويو تہ م فوج چو جنرل ھيڊ ڪوارٽر راولپنڊي ۾ ھوندو<ref name = " پاڪستان "/>.
=== ڊومينن پاڪستان (1947ع- 1956ع)===
18 آگسٽ 1947ع تي گڏيل قومن جي سڪيورٽيي ڪائونسل يڪراء پاڪستان جي گڏيل قومن جي رڪنيت لاء قرارداد منظور ڪئي. اھڙي طرح 30 سيپٽمبر تي پاڪستان کي گڏيل قومن جي باقاعده رڪنيت ملي وئي<ref name = " پاڪستان "/>. 11 سيپٽمبر 1948ع تي 10:25 تي رات جي وقت قائد اعظم وفات ڪري ويو. حڪومت 40 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو ۽ 12 سيپٽمبر تي ان جي تدفين ٿي<ref name = " پاڪستان "/>. خواجه ناظم الدين ملڪ جو قائم مقام گورنر جنرل ٿيو جيڪو 13 نومبر تي ان. عھدي لاء پڪو ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 12 اپريل 1950ع تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي فيصلو ڪيو ته پاڪستان جي فيڊرل ڪورٽ ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت آھي. آئين ساز اسيمبلي مئي 1950ع کان برطانوي [[پروي ڪائونسل]] جو اپيل وارو اختيار منسوخ ڪري ڇڏيو<ref name = " پاڪستان "/>. 6 سيپٽمبر 1950ع م جنرل محمد ايوب خان پاڪستاني فوج جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ٿيو ۽ 17 جنوري 1951 تي ان جنرل ڊگلس گريسي کان ان عھدي جي ذميواري ورتي<ref name = " پاڪستان "/>. 16 آڪٽوبر 1951ع تي روالپنڊي ۾ ھڪ جلسي ۾ خطاب دوران وزيراعظم لياقت علي خان تي ھڪ سعيد اڪبر نالي شخص پستول جا ٻه فائر ڪري قتل ڪيو ۽ اھو پاڻ بہ موقعي تي مارجي ويو. ان واقعي بعد گورنر جنرل خواجه ناظم الدين وزيراعظم جي ذميداري سنڀالي ۽ وزير خزانه ملڪ غلام محمد ملڪ جو ٽيون گورنر جنرل مقرر ٿيو<ref name = " پاڪستان "/>. 21 فيبروري 1952ع تي اوڀر پاڪستان جي اسيمبلي بنگالي ٻولي کي سرڪاري ٻولي بڻائڻ جي. قرارداد منظور ڪئي. ساڳي ڏينھن بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي طور. رد ڪرڻ جي خلاف ڍاڪا ۾ ٿيندڙ مظاھرن ۾ 36 شاگرد مارجي ويا<ref name = " پاڪستان "/>. 7 مارچ تي جنگ اخبار ۾ رئيس امروهي جو نوحہ جي عنوان سان ٻولي تي شعر: "اردو کا جنازہ ہے ذرہ دھوم سے نکلے" ڇپيو<ref name = " پاڪستان "/>. 6 جون تي پاڪستان مسلم ليگ جي جنرل سيڪريٽري يوسف خٽڪ ون يونٽ قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. 17 اپريل 1953 تي گورنر جنرل ملڪ غلام محمد خواجه ناظم الدين جي ڪابينه کي برطرف ڪري ڇڏيو ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ پاڪستان جي سفير محمد علي بوگرہ کي نئين ڪابينه ٺاھڻ لاء چيو. اھڙو اعلان ڪندي گورنر جنرل ظاھر ڪيو تہ ان مطابق خواجه ناظم پاڻ کي ملڪ ۾ درپيش مسئلن کي منھن ڏيڻ ۾ مڪمل نااھل ثابت ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. محمد علي بوگرہ پاڪستان جي ٽئين وزيراعظم وزيراعظم طور قسم کنيو. 17 آگسٽ 1953ع تي حڪومت پاڪستان جنرل ايوب خان جي ڪمانڊر انچيف جي عھدي جي مدت کي ٽن سالن لاء 16 جنوري 1959ع تائين اضافو ڪيو. 5 آڪٽوبر تي محمد علي بوگرہ مسلم ليگ مان اردو۽ بنگالي ٻنھي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ وارو فارمولو منظور ڪرايو 19 اپريل 1954ع تي مسلم ليگ جي آئين ساز اسيمبلي ۾ شامل رڪنن ٻنھي ٻولين کي قومي ٻولي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 7 مئي 1954 تي آئين ساز اسيمبلي ٻنھي ٻولين جي لاء قرارداد منظور ڪئي ۽ ان کان اڳ 22 اپريل تي ڪراچي ۾ ان فيصلي خلاف ڪارو ڏينھن ملھايو ويو هو <ref name = " پاڪستان "/>. 30 آڪٽوبر 1953ع تي آئين ساز اسيمبلي قرار ڏنو تہ قرآن ۽ سنت جي ابتڙ ڪو بہ قانون منظور نہ ٿيندو ۽ 2 نومبر 1953ع تي پاڪستان جو نالو تبديل ڪري اسلامي جمھوريه پاڪستان رکيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 3 جنوري 1954ع تي آئين ساز اسيمبلي جي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته عدليه کي انتظاميه کان الڳ ڪيو ويندو. 24 جولاءِ 1954 ع تي مغربي پاڪستان وارن سمورن صوبن ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي بندش وڌي وئي<ref name = " پاڪستان "/>. 21 سيپٽمبر 1954 تي آئين ساز اسيمبلي پبلڪ اينڊ ريپريزنٽيٽو آفس ڊسڪئاليفڪيشن ايڪٽ مختصرن [[پروڊا]] کي ٽن ڪلاڪن جي بحث کان پوء منسوخ ڪري ڇڏيو. ساڳي ڏينھن ان اسيمبلي آئين جا بنيادي اصول اختيار ڪيا ۽ قرار ڏنو ته ملڪ جي سپريم اختياري پارليامينٽ آھي. پارليامينٽ گورنر جنرل جي مرضي تي وزيرن جي ڪابينه ٺاھڻ ۽ ان جي مشوري جي پابندي وارن گورنر جنرل جي اختيارن کي محدود ڪري ڇڏيو. 22 سيپٽمبر تي آئين ساز اسيمبلي [[گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع ]] ۾ گورنر جا اختيار گھٽائڻ جون چار ترميمون ڪيون. 24 سيپٽمبر تي سينٽرل وزير قانون استعيفا ڏئي. ساڳي تاريخ تي وزيراعظم بوگرہ قوم کي خطاب ڪندي نئين چونڊن جو اعلان ڪيو تہ جئين آئين ساز اسيمبلي جا رڪن آئين ٺاھڻ لاء نئون مينڊٽ حاصل ڪن. گورنر جنرل اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي ء ايمرجنسي لاڳو ڪري محمد علي بوگرہ کي نئي ڪابينه ٺاھڻ لاء چيو. ان ڪابينه م فوج جي حاضر خدمت ڪمانڊر ان چيف جنرل ايوب خان کي وزير دفاع ۽ ميجر جنرل اسڪندر مرزا کي وزير داخلا طور شامل ڪيو ويو. 24 آڪٽوبر تي گورنر جنرل آئين ساز اسيمبلي جي ٽوڙڻ وارو پروڪليميشڻ جاري ڪيو<ref name = " پاڪستان "/> جنھن کي آئين ساز اسيمبلي جي اسپيڪر مولوي تميز الدين سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو.. 22 نومبر 1954ع تي وزيراعظم محمد علي بوگرہ ريڊيو تي ون يونٽ ٺاھڻ جو اعلان ڪيو. 25 نومبر تي سرحد صوبي جي اسيمبلي ۽ 30 نومبر 1954ع تي پنجاب صوبي جي اسيمبلي يڪراءِ ٿي ون يونٽ جي رٿ جي حمايت ڪئي.11 ڊسمبر تي سنڌ اسيمبلي غالب اڪثريت سان ون يونٽ ۾ شموليت جي حمايت ڪئي<ref name = " پاڪستان "/>. پھرين جنوري 1955ع تي بلوچستان جي رياستن ون يونٽ ۾ شامل ٿيڻ واري دستاويز تي صحيحون ڪيون<ref name = " پاڪستان "/>. 20 ڊسمبر تي حسين شھيد سھروردي وزير قانون طور قسم کنيو<ref name = " پاڪستان "/>. 9 فيبروري 1955ع ۾ سنڌ ھاء ڪورٽ جي بينچ يڪراء ٿي مولوي تميز الدين جي مينڊيمس واري رٽ منظور ڪندي آئين ساز اسيمبلي کي بحال ڪيو. 22 فيبروري تي فيڊرل ڪورٽ فيڊريشن آف پاڪستان جي ۽ 9 پاڪستاني وزيرن جي اپيل تي سنڌ ھاء ڪورٽ جي فيصلي تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو. 21 مارچ تي فيڊرل ڪورٽ سنڌ ھاء ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ 25 مارچ تي تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 21 جون 1955 ۾ ٻين آئين ساز اسيمبلي جي لاء چونڊون ٿيون ۽ 7 جولاءِ تي ان اسيمبليءَ جو پھريون اجلاس مري ۾ ٿيو جنھن ۾ مشتاق احمد گرماني کي عبوري چيرمين چونڊيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>.گورنر جنرل غلام محمد بيمار ھجڻ جي ڪري ٻه مھينن لاء موڪل تي ويو ۽ 6 آگسٽ 1955ع تي ان جي جاء تي اسڪندر مرزا قائم مقام گورنر جنرل ٿيو. 7 آگسٽ تي محمد علي بوگرہ کان استعفي ورتي وئي ۽ ان جي جاء تي اڳوڻي وزير خزانه ۽ انڊيا جي شھر جالنڌر سان تعلق رکندڙ [[چوڌري محمد علي]] کي ملڪ جو چوٿون وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. 19 سيپٽمبر تي غلام محمد جي موڪل پوري ٿي وڃڻ بعد اسڪندر مرزا باقاعده ملڪ جي چوٿين گورنر جنرل جو قسم کنيو<ref name = " پاڪستان "/>. محمد علي بوگرہ کي آمريڪا م سفير مقرر ڪيو. 30 سيپٽمبر 1955 تي نئين آئين ساز اسيمبلي ٽن ھفتن جي بحث کان پوء ويسٽ پاڪستان (ون يونٽ) جو بل منظور ڪيو جنھن بجي 3 آڪٽوبر تي گورنر جنرل توثيق ڪئي. 14 آڪٽوبر تي اوڀر بينگال جو نالو ايسٽ پاڪستان رکيو ويو ۽ باقي ون يونٽ واري صوبي جو نالو ويسٽ پاڪستان رکيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>.
 
ھن وزيراعظم ون يونٽ جي تجويز پڻ پيش ڪئي ھئي. گورنر جنرل غلام محمد بيمار ھجڻ جي ڪري ڪجھ وقت لاء موڪل تي ويو ۽ ان جي جاء تي اسڪندر مرزا قائم مقام گورنر جنرل ٿيو ۽ پوء ان غلام محمد کي برطرف ڪري پاڻ مستقل گورنر جنرل ٿي ويو ۽ محمد علي بوگرہ کي 12 آگسٽ 1955 تي برطرف ڪري آمريڪا م سفير مقرر ڪيو ۽ ساڳي تاريخ تي انڊيا جي شھر جالنڌر جي [[چوڌري محمد علي]] کي پاڪستان جو چوٿون وزيراعظم بڻايو ويو. ھن بوگرہ واري ون يونٽ جي تجويز جي حمايت ڪئي ۽ عمل درآمد ڪيو. نئين گادي جي ھنڌ اڏڻ جو منصوبو رٿيو.
 
===ريپبلڪ جو قيام===