پاڪستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 248:
=== ڊومينن پاڪستان (1947ع- 1956ع)===
18 آگسٽ 1947ع تي گڏيل قومن جي سڪيورٽيي ڪائونسل يڪراء پاڪستان جي گڏيل قومن جي رڪنيت لاء قرارداد منظور ڪئي. اھڙي طرح 30 سيپٽمبر تي پاڪستان کي گڏيل قومن جي باقاعده رڪنيت ملي وئي<ref name = " پاڪستان "/>. 11 سيپٽمبر 1948ع تي 10:25 تي رات جي وقت قائد اعظم وفات ڪري ويو. حڪومت 40 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو ۽ 12 سيپٽمبر تي ان جي تدفين ٿي<ref name = " پاڪستان "/>. خواجه ناظم الدين ملڪ جو قائم مقام گورنر جنرل ٿيو جيڪو 13 نومبر تي ان. عھدي لاء پڪو ڪيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 12 اپريل 1950ع تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي فيصلو ڪيو ته پاڪستان جي فيڊرل ڪورٽ ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت آھي. آئين ساز اسيمبلي مئي 1950ع کان برطانوي [[پروي ڪائونسل]] جو اپيل وارو اختيار منسوخ ڪري ڇڏيو<ref name = " پاڪستان "/>. 6 سيپٽمبر 1950ع م جنرل محمد ايوب خان پاڪستاني فوج جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ٿيو ۽ 17 جنوري 1951 تي ان جنرل ڊگلس گريسي کان ان عھدي جي ذميواري ورتي<ref name = " پاڪستان "/>. 16 آڪٽوبر 1951ع تي روالپنڊي ۾ ھڪ جلسي ۾ خطاب دوران وزيراعظم لياقت علي خان تي ھڪ سعيد اڪبر نالي شخص پستول جا ٻه فائر ڪري قتل ڪيو ۽ اھو پاڻ بہ موقعي تي مارجي ويو. ان واقعي بعد گورنر جنرل خواجه ناظم الدين وزيراعظم جي ذميداري سنڀالي ۽ وزير خزانه ملڪ غلام محمد ملڪ جو ٽيون گورنر جنرل مقرر ٿيو<ref name = " پاڪستان "/>. 21 فيبروري 1952ع تي اوڀر پاڪستان جي اسيمبلي بنگالي ٻولي کي سرڪاري ٻولي بڻائڻ جي. قرارداد منظور ڪئي. ساڳي ڏينھن بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي طور. رد ڪرڻ جي خلاف ڍاڪا ۾ ٿيندڙ مظاھرن ۾ 36 شاگرد مارجي ويا<ref name = " پاڪستان "/>. 7 مارچ تي جنگ اخبار ۾ رئيس امروهي جو نوحہ جي عنوان سان ٻولي تي شعر: "اردو کا جنازہ ہے ذرہ دھوم سے نکلے" ڇپيو<ref name = " پاڪستان "/>. 6 جون تي پاڪستان مسلم ليگ جي جنرل سيڪريٽري يوسف خٽڪ ون يونٽ قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. 17 اپريل 1953 تي گورنر جنرل ملڪ غلام محمد خواجه ناظم الدين جي ڪابينه کي برطرف ڪري ڇڏيو ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ پاڪستان جي سفير محمد علي بوگرہ کي نئين ڪابينه ٺاھڻ لاء چيو. اھڙو اعلان ڪندي گورنر جنرل ظاھر ڪيو تہ ان مطابق خواجه ناظم پاڻ کي ملڪ ۾ درپيش مسئلن کي منھن ڏيڻ ۾ مڪمل نااھل ثابت ڪيو<ref name = " پاڪستان "/>. محمد علي بوگرہ پاڪستان جي ٽئين وزيراعظم وزيراعظم طور قسم کنيو. ان پنھنجي ڪابينه م فوج جي حاضر خدمت ڪمانڊر ان چيف جنرل ايوب خان کي وزير دفاع ۽ ميجر جنرل (ر) اسڪندر مرزا کي وزير داخله طور شامل ڪيو. 17 آگسٽ 1953ع تي حڪومت پاڪستان جنرل ايوب خان جي ڪمانڊر انچيف جي عھدي جي مدت کي ٽن سالن لاء 16 جنوري 1959ع تائين اضافو ڪيو. 5 آڪٽوبر تي محمد علي بوگرہ مسلم ليگ مان اردو۽ بنگالي ٻنھي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ وارو فارمولو منظور ڪرايو 19 اپريل 1954ع تي مسلم ليگ جي آئين ساز اسيمبلي ۾ شامل رڪنن ٻنھي ٻولين کي قومي ٻولي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 7 مئي
1954 تي آئين ساز اسيمبلي ٻنھي ٻولين جي لاء قرارداد منظور ڪئي ۽ ان کان اڳ 22 اپريل تي ڪراچي ۾ ان فيصلي خلاف ڪارو ڏينھن ملھايو ويو هو <ref name = " پاڪستان "/>. 30 آڪٽوبر 1953ع تي آئين ساز اسيمبلي قرار ڏنو تہ قرآن ۽ سنت جي ابتڙ ڪو بہ قانون منظور نہ ٿيندو ۽ 2 نومبر 1953ع تي پاڪستان جو نالو تبديل ڪري اسلامي جمھوريه پاڪستان رکيو ويو<ref name = " پاڪستان "/>. 3 جنوري 1954ع تي آئين ساز اسيمبلي جي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته عدليه کي انتظاميه کان الڳ ڪيو ويندو. 24 جولاءِ 1954 ع تي مغربي پاڪستان وارن سمورن صوبن ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي بندش وڌي وئي<ref name = " پاڪستان "/>.
 
ھن وزيراعظم ون يونٽ جي تجويز پڻ پيش ڪئي ھئي. گورنر جنرل غلام محمد بيمار ھجڻ جي ڪري ڪجھ وقت لاء موڪل تي ويو ۽ ان جي جاء تي اسڪندر مرزا قائم مقام گورنر جنرل ٿيو ۽ پوء ان غلام محمد کي برطرف ڪري پاڻ مستقل گورنر جنرل ٿي ويو ۽ محمد علي بوگرہ کي 12 آگسٽ 1955 تي برطرف ڪري آمريڪا م سفير مقرر ڪيو ۽ ساڳي تاريخ تي انڊيا جي شھر جالنڌر جي [[چوڌري محمد علي]] کي پاڪستان جو چوٿون وزيراعظم بڻايو ويو. ھن بوگرہ واري ون يونٽ جي تجويز جي حمايت ڪئي ۽ عمل درآمد ڪيو. نئين گادي جي ھنڌ اڏڻ جو منصوبو رٿيو.