بصر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب+صفائي (14.9 core): + زمرو:فصل
ڳنڍڻن کي شامل/بهتر ڪيو
سِٽَ 1:
[[فائل:Onions.jpg|thumb|بصر]]
'''بصر''' (Onion) هڪ ٻوٽو آهي، جنهن جو زمين ۾ هيٺ وارو حصو عام طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي
[[يُورَپ|يورپ]] ۾ بصرن جا گهڻا ئي قسم ٿيندا آهن. [[ڀارت|هندستان]] ۾ به ٻه چار قسم آهن، جي تمام وڏا ۽ چڱا ٿيندا آهن. [[پٽنا|پاٽنا]] ۽ بمبئيءَ[[ممبئي|بمبئي]]ءَ جا بصر مشهور آهن. بصر جو ٻج هڪ ورهيه تائين سالم رهي سگهي ٿو، پوءِ خراب ٿيو وڃي، تنهنڪري عجب ڪونهي، جو ولايت مان آيل جهونو ٻج اڪثر نه ڦٽندو آهي. انهيءَ لاءِ چڱيء ٻج هٿ ڪرڻ جو رستو اهو آهي ته سياري جي شروع ۾ بازار مان چونڊ بصر وٺي، باغ ۾ فوٽ فوٽ تفاوت تي پوکي ڇڏجن. اهي آرڙهه جي شروعات ۾ تمام ججهو ٻج پيدا ڪندا، جو ٻاٽلين ۾ بند ڪري مضبوط ٻوچ ڏيئي ايندڙ سياري جي موسم ۾ پوکڻ لاءِ رکي ڇڏجي.
 
بصرن جي پوکڻ جو وقت [[سيپٽمبر]] [[آڪٽوبر]] مهينو آهي. ٻج ڇٽ به ڪندا آهن، پر اڪثر ناڙيءَ وانگي ٻيجارو پوکيندا آهن جنهن کي بصري چوندا آهن. چريون هڪٻئي کان ڏهه انچ پري هجن. زمين هلڪي هجي ۽ منجهس پراڻو ڀاڻ وجهي، سنئون ڪري ڀڄائي پوءِ ٻج پوکجي. پوءِ ٻيجارو ڪڍي ڇڊو ڪري ڇهن ڇهن انچن تي سلو سلو هڻجي. ٻاهر جو آيل ٻج بهتر آهي ته ڪونڊين ۾ پوکجي، پوءِ جڏهن سلا ٽي چار انچ وڏا ٿين، تڏهن ڪڍي کليءَ زمين ۾ رکجن. بصرن کي ذري ذري [[پاڻي]] ڏيڻ مان فائدو آهي. گرم موسم جي اوائل ۾ جڏهن ڳنڍيون وڏيون ٻجهن، تڏهن مٿيان پن موڙي ڀڃي ڇڏجن ته جلد سڙي وڃن. پوءِ بصر ڪڍي ٻه ٽي ڏينهن اس ۾ رکجن ته سڪن، پوءِ گڏ ڪري رکجن.
 
بصرن جي لاءِ چڱو ڀاڻ آهي ڇيڻي يا ڪاٺيءَ جي رک ۽ هڏن جو چورو؛ جي ملي سگهي. ٻيجاري ڪڍڻ مهل سنڀال ڪجي ته سلن جون پاڙون نه ڀڄي يا ڇڄي پون. پاڻي ڏيڻ کانپوءِ زمين سڪي ٺوٺ ٿئي ته رنبيءَ سان ڀڃي هٿ سان ڀوري ڇڏجي.