قدرتي ماحول: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م خودڪار: اضافو زمرا +صفائي (14.9 core): + زمرو:زمين+زمرو:فطرت
سِٽَ 1:
'''قدرتي ماحول''' مان مراد اھي جڳھون يا حالتون جتي ڪو [[انسان]]، [[جانور]] يا [[ٻوٽو]] ھجي يا جتي ھو پنھنجا ڪم ڪري. ماحول ۾ سڀني جاندارن، [[آبھوا]]، [[موسم]] يا قدرتي وسيلن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ھجي ٿو جيڪو انساني جياپي ۽ معاشي سرگرمي تي اثر انداز ٿئي ٿو. ماحول جا چار جزا آھن، جيڪي ھيٺ ڏجن ٿاذ:
[[Fileفائل: Natural environment.jpg|thumb]]
* '''ليٿو اسفيئر''': ھي [[ڌرتي|ڌرتيءَ]] جو سڀ کان ٻاھريون حصو آھي، جيڪو مختلف معدنيات مان ٺھيل آھي. ان جي اونھائي 100 ڪلوميٽرن تائين ٿي سگهي ٿي. ۽ اھو زمين ۽ مھا ساگرن تي ھجي ٿو.
* '''ھائڊرو اسفيئر''': ھن ۾ [[پاڻي|پاڻيءَ]] جا سڀ ذخيرا ھجن ٿا، جن ۾ [[مھا ساگر]]، [[سمنڊ]]، [[درياھ|درياءَ]]، [[ڍنڍ|ڍنڍون]]، تلاءَ، نديون، وغيره شامل آھن. اھو ڌرتيءَ جو %70 تھ والاري ٿو. گهڻو پاڻي مھا ساگرن ۾ لوڻياٺي پاڻيءَ جي شڪل ۾ آھي. ڌرتيءَ تي رڳو %2.5 پيئڻ جو پاڻي آھي. پيئڻ جو پاڻي زمين، ڍنڍن ۽ برفاني ڇپن ۾ ھجي ٿو.
* '''ايٽمو اسفيئر''': ھي ھڪ گيسن جو تھ آھي جيڪو ڌرتيءَ کي ڍڪي ٿو. ايٽمو اسفيئر ۾ [[آڪسيجن]] گيس ھجڻ ڪري ڌرتيءَ تي زندگيءَ جي بقا آھي. ان ۾ نائٽروجن، آڪسيجن، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ۽ ٻيون گيسون ھجن ٿيون. ان ۾ پاڻيءَ جا ذرڙا پڻ آھن.
* '''بايو اسفيئر''' : ھن مان مراد اھي سڀ خطا آھن جتي زندگي وجود رکي ٿي، جنھن ۾ [[مٽي]]، [[ھوا]]، پاڻي ۽ [[زمين]] شامل آھي. زندگيءَ ۾ انسان، جانور، [[جيت]]، ٻوٽا وغيرہ شامل آھن.
[[زمرو:زمين]]
[[زمرو:فطرت]]