پيسفڪ سمنڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←‏واپار: اسٽائيل کي بهتر ڪيو
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
م خودڪار: اضافو زمرا +صفائي (14.9 core): + زمرو:پئسفڪ وڏو سمنڊ
سِٽَ 1:
[[عڪسفائل:Pacific Ocean - en.png|frame|کاٻو|پيسفڪ سمنڊ جي پکيڙ]]
'''پيسفڪ سمنڊ/پئسفڪ سمنڊ''' [[انگريزي]] (Pacific Ocean) ڌرتيءَ جي گولي جي اٽڪل ٽئين حصي تي پکڙيل هيءُ سمنڊ پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو سمنڊ آهي،<ref>{{Cite news|url=https://www.straitstimes.com/asia/australianz/qantas-airways-plane-nosedives-over-pacific-ocean-due-to-wake-turbulence|title=Qantas Airways plane 'nosedives' over Pacific Ocean due to wake turbulence|last=hermesauto|date=2018-06-14|work=The Straits Times|access-date=2018-06-15|language=en}}</ref> جيڪو اڪثر ماٺو هوندو آهي، ان ڪري ”پئسفڪ“ (Pacific) سڏجي ٿو. هن جي اتر ۾ آرڪٽڪ سمنڊ، ڏکڻ ۾ اينٽارڪٽيڪا سمنڊ آهن. هي سمنڊ ايشيا ۽ آسٽريليا سان گھيريل آهي ۽ اوڀر ۾ [[آمريڪا جون گڏيل رياستون|آمريڪا]] اٿس.
 
==حد==
هن سمنڊ جي هڪ پاسي آمريڪا جون رياستون آهن ته ٻئي پاسي ايشيا ۽ آسٽريليا جا ملڪ آهن. هن سمنڊ کي خطِ استوا واري خيالي ليڪ رستي ٻن حصن يعني اتر ۽ ڏکڻ پيسفڪ ۾ ورهايل تصور ڪيو وڃي ٿو. هن جي وسعت جو اندازو ستر لک چورس ميل ۽ وڌ ۾ وڌ اونهائي، جرمن پهريدار سامونڊي جهاز ايمڊين (Emden’s) جي 1927ع واري تانگهڻ جي عمل دوران، 35433 فوٽ معلوم ٿي. باقي ان جي سراسري اونهائي ٻن کان اڍائي هزار فوٽن جيتري آهي. هـن جي وڌ ۾ وڌ اونهـائـي فـلپين جي منڊا نوئا (Mindanoa) ٻيٽ کان ٿورو پرڀرو ملي آهي. سمنڊ جي چوڌاري مٿانهن جبلن جو پٽوآهي، جنهن سان لڳ هيٺان سوڙها ۽ ڊگها آواڙا آهن. باقي سمنڊ جو تر لڳ ڀڳ هموار آهي. جنهن ۾ ڪيئي ننڍا ننڍا ٻيٽ ڌيان جوڳا آهن. جن مان ڪي ته پٿريلا آهن، پر ڪي وري مرجان جا ٺهيل آهن، جي سمنڊ جي تري کي ڦاڙي ٻرندڙ جبلن جي سرد مٿاڇرن تي جمع ٿين ٿا. هن سمنڊ جي اتر ۾ بيرنگ اسٽريٽ کان ڏکڻ ۾ اينٽارڪٽيڪا تائين، پکيڙ اٽڪل 9630 ميل ڪٿي وئي آهي. وچ آمريڪا کان منڊانوئا تائين هن جي پکيڙ جو اندازو 9300 ميل لڳايو ويو آهي. هن سمنڊ جي پاڻيءَ جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 80 کان 84 فارنهائيٽ رهي ٿو.
سِٽَ 21:
== حوالا ==
{{حوالا}}
[[زمرو:پئسفڪ وڏو سمنڊ]]