ڊان (اخبار): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +صفائي (14.9 core): + زمرو:تحريڪ پاڪستان
سِٽَ 18:
|political position = لبرل, متعدل ۽ ترقي پسند
}}
'''ڊان اخبار(انگريزي: DAWN)''' [[پاڪستان]] جي پراڻي ۽ گھڻو پڙهي ويندڙ [[انگريزي ٻولي|انگريزي]] ٻولي واري اخبار آهي..<ref>{{cite news|title=Dawn joins Asia News Network|url=http://www.thedailystar.net/news-detail-212146|accessdate=20 February 2018|work=The Daily Star|date=29 November 2011|language=en}}</ref> هي پاڪستان جي ٽن گھڻو پڙهيو ويندڙ اخبارن مان هڪ آهي، هي [[اخبار ڊان گروپ آف نيوز پيپرز]] جو نمائنده اخبار آهي. ڊان اخبار [[هيرالڊ پبليڪشن پاڪستان]] طرفان شايع ڪئي وڃي ٿي، جيڪا هيرالڊ مخزن جي ملڪيت آهي، ان سان گڏ هي ٽيڪنالاجي جو مخزن [[اسپائيڊر]]، ۽ مشهوري جي ڪمپني [[اروڙا]] پڻ هن اشاعت گھر جي ملڪيت آهن.
هن اخبار جو بنياد 26 آڪٽوبر 1941ع تي [[دهلي]] ۾ [[محمد علي جناح|قائد اعظم محمد علي جناح]]، [[مسلم ليگ]] جي نمائنده اخبار طور رکي. هن اخبار جو پهريون شمارو [[لطيفي پريس]] مان 12 آڪٽوبر 1942ع تي ڇپجي پڌرو ٿيو.<ref name=Dawn>{{cite book|last1=Jinnah|first1=Mahomed Ali|title=Plain Mr. Jinnah |url=https://books.google.com/books?id=WJYBAAAAMAAJ&dq=%22Latifi+Press%22&q=Latifi|accessdate=29 July 2017|volume=1 |year=1976 |publisher=Royal Book Company (on GoogleBooks website)|page=236}}</ref> هن اخبار جون مرڪزي آفيسون [[سنڌ]] جي شهر [[ڪراچي]]، [[پنجاب]] جي شهر [[لاھور|لاهور]] ۽ [[اسلام آباد]] ۾ واقع آهن، جڏهن ته هن جا نمائندا دنيا جي ڪيترن ئي ملڪ ۾ ڪم ڪن ٿا.<ref>{{cite web |title=Our International Business Representatives |publisher=Dawn Media Group |url=http://www.dawn.com/fixed/group/internat.htm |deadurl=yes |archiveurl=https://web.archive.org/web/20060630115729/http://dawn.com/fixed/group/internat.htm |archivedate=30 June 2006 |df=dmy |accessdate=29 July 2017}}</ref> 2010ع ۾ اخبار جي ڪُل سرڪيوليشن 1 لک 9 هزار هئي.<ref>{{cite web|title=The Inside Pages: An Analysis of the Pakistani Press|url=http://csis.org/files/publication/sam_148.pdf|publisher=[[Center for Strategic and International Studies]]|accessdate=29 July 2017|format=[[Portable Document Format|PDF]]}}</ref> ڊان گروپ جو [[چيف ايگزيڪيٽو آفيسر]] [[حميد هارون]] آهن، ۽ هاڻوڪي ايڊيٽر [[ظفر عباس]] آهي. 24 مارچ 2016ع تي هي پاڪستان جي پهرين اخبار هئي جنهن ڦاهي جي سزا جي ٻيهر استعمال جي مخالفت ڪئي هئي.<ref>{{Cite web|url=http://www.dawn.com/news/1247570/death-penalty|title=Death penalty|last=Editorial|date=2016-03-24|website=www.dawn.com|access-date=2016-03-24}}</ref>
 
== ڊان جي تاريخ ==
 
[[فائل:Jinnah1945c.jpg|thumb|leftکاٻو|[[محمد علي جناح]], ڊان اخبار جو بنياد وجهندڙ]]
ڊان 1941ع تي دهلي مان شايع ٿيندڙ هفتيوار اخبار هئي.<ref>{{cite news|last1=Long|first1=Roger D.|title=Dawn Delhi I: Genesis of a Newspaper|url=https://www.dawn.com/news/1354278|accessdate=27 August 2017|work=DAWN.COM|date=27 August 2017|language=en}}</ref> قائد اعظم جي هدايتن موجب هي اخبار دهلي ۾ مسلم ليگ جي نمائنده اخبار ٿي سامهون آئي، هي انگريزي ٻولي ۾ مسلم ليگ جي واحد اخبار هئي جنهن ۾ [[تحريڪ پاڪستان]] جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي هئي. جناح هن اخبار جي مقصد جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو:
<blockquote>ڊان هندوستاني مسلمانن جي خيالن جي عڪاسي ڪندي. جنهن ۾ مسلم ليگجي جدوجهد، تعليم، معاشيت، سماجي ۽ خاص ڪري سياسي مسئلا آزادنه ۽ بغير خوف جي نمايا ڪيا ويندا. بغير شڪ جي هي اخبار مسلم ليگ جي پروگرام ۽ پاليسين جي دفاع ڪندي. هي برصغير جي ماڻهن جي حقن جي رکوال هوندي.<ref>{{cite news |author=Aqeel-uz-zafar Khan |title=Jinnah and the Muslim press |publisher=JANG Newspaper Group |url=http://www.jang.com.pk/thenews/spedition/14aug/14aug2004/default.htm#2 |deadurl=no |archiveurl=https://web.archive.org/web/20090110090314/http://www.jang.com.pk/thenews/spedition/14aug/14aug2004/default.htm#2 |archivedate=10 January 2009 |df=dmy |accessdate=29 July 2017}}</ref></blockquote>
[[پوٿان جوزف]] جي جاءِ [[الطاف حسين]] جرنل ايڊيٽر طور سنڀالي، جنهن پنهنجي ادارين ذريعي مسلمانن کي پاڪستان جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ لاءِ جوش ۽ ولولو ڏنو. هن جي اهڙين لکڻين سبب [[لارڊ مائونٽ بيٽن]] ۽ [[ڪانگريس پارٽي]] کي سخت چڙ آئي، ڇو ته اهي [[گڏيل هندوستان]] جا حامي هئي.
1947ع تي الطاف حسين ڪراچي آيو جتان هن ڊان جو مقامي شمارو 13 آگسٽ 1947ع تي شايع ڪرايو.
 
== خوبيون ==
 
ڊان خبرن جي ڏي وٺ جي اجازت نامي تحت [[ڊي انڊپيڊنٽ]]، [[دي گارجين]]، [[لاس انجلس ٽائيمز]]، ۽ [[واشگنٽن پوسٽ]] جون خبرون اڪثر شايع ڪندي آهي.
هر آچر تي اخبار ۾ مشهوري لاءِ ٽي حصا ”[[ايڊ بز]]“، ”[[آساميون]]“، ۽ “[[ريئل اسٽيٽ]]“ جي نالي سان مقرر ڪيل هوندا آهن. <ref name="Advertise DAWN">{{cite web|title=Advertise DAWN|url=http://dawn.com/advertise-dawn/|publisher=DAWN.com|accessdate=29 July 2017}}</ref>
 
== 24 ڪلاڪ خبرن جو چينئل ==
 
ٻن مهينن جي تجرباتي نشريات کان پوءِ، ڊان اخبار پاڪستان جي پهرين انگريزي خبرن وارو چينئل [[ڊان نيوز]] جي شروعات ڪئي، جُولاءِ 2007ع تي مالي مسئلا درپيش اچڻ سبب مئي 2010ع تي ڊان نيوز جي ٻولي تبديل ڪري [[اردو]] ڪئي وئي.
 
== وڪي ليڪس سان لاڳاپا ==
 
19 مئي 2011ع تي ڊان ميڊيا گروپ ۽ [[وڪي ليڪس]] جي باني [[جولين آسانج]] جي وچ ۾ گڏيل اتفاق وارو مهادو طئي ٿيو جنهن موجب وڪي ليڪس جون [[آمريڪي سفارتڪار|آمريڪي سفارتڪارن]] بابت خبرون جن ۾ پاڪستان جو ذڪر هجي اهي ڊان ۾ پهرين شايع ٿينديون..<ref name="Wikileaks">[http://dawn.com/2011/05/20/announcement-2-2/ Announcement, Memorandum of Understanding between Dawn Media Group and Sunshine Press Productions], ''Dawn'' (newspaper), Published 19 May 2011, Retrieved 29 July 2017</ref>
 
== ڊان ليڪس ==
 
ڊان جي هڪ خبر ”هٿياربند خلاف ڪاروائي ڪيو يا عالمي اڪيلائي جا شڪار ٿيو: عوامي حڪومت پاران فوج کي آگاهي“ ملڪ ۾ وڏي تڪرار کي جنم ڏنو جنهن سبب انفارميشن جي وزير [[پرويز رشيد]] کي استعفي ڏيڻي پئي، ڇو ته تحقيقات ۾ سندس نالو آيو ۽ ان کي هٿ سان گھڙيل ڪهاڻي قرار ڏنو ويو.<ref>{{cite web|url=https://tribune.com.pk/story/1223374/govt-forms-inquiry-committee-probe-dawn-leaks/|title=Govt forms inquiry committee to probe ‘Dawn leaks' |date=7 November 2016|work=The Express Tribune |accessdate=29 July 2017}}</ref>
سِٽَ 48:
== حوالا ==
{{حوالا|2}}
 
[[زمرو:پاڪستان ۾ ڇپيل روزانو اخبارون]]
[[زمرو:تحريڪ پاڪستان]]
[[زمرو:ڪراچي ۾ ماس ميڊيا]]