ڳوٺ بڊو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ھلڪيون درستگيون
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
[[فائل:A beautiful hand pump in village Bado, Sindh.jpg|thumb|بڊي جو ھڪ خوبصورت منظر]]
'''بڊو''' [[شڪارپور ضلعو|شڪارپور ضلعي]] جي [[ڳڙهي ياسين تعلقو|ڳڙھي ياسين تعلقي]] جو هڪ مشھور ڳوٺ آهي. ڪئپٽن [[عثمان علي عيساڻي]] اصل هن ڳوٺ جو رهاڪو آهي.<ref>[http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%DA%8A%D9%88%20(%DA%B3%D9%88%D9%BA) بڊو] [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا،سنڌيانا]] (جي ويبسائيٽ)، جلد پھريون.]پھريون، [[سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]]، حيدرآبادحيدرآباد، سنڌ.</ref> هن ڳوٺ جو '''والس آباد''' بہ نالو آهي. هتان جي آبادي اٽڪل پنج هزار کان مٿي آهي. ڳوٺ ۾ [[سيد]] [[سولنگي]]، [[سومرو]]، [[عيساڻي]]، [[چنو]]، [[ککراڻي]]، [[لولائي]]، [[ميرالي]]، [[شيخ]]، [[کوسو]] ۽ [[کوسواوڏ]] ذاتين جا ماڻھو رهن ٿا. ڳوٺ جي 70 سيڪڙو آبادي پڙهيل لکيل آهي. ڳوٺ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي لاء ڏهين ڪلاس تائين جدا جدا اسڪول آهن. هتي هڪ بنيادي صحت مرڪز بہ آهي. اڳوڻي آءِ. جي. مرحوم غضنفر عيساڻي ۽ [[اقراء يونيورسٽي ڪراچي]] جي وائيس چانسلر عثمان عيساڻي جو تعلق پڻ هن ڳوٺ سان آهي.
 
ڳوٺ ۾ عام واھپي ۽ گهڻائيءَ جي ٻولي سنڌي آھي، جڏھن تہ ميرالي، جن کي گولو بہ چيو وڃي ٿو، پاڻ ۾ بلوچي ٻولي ڳالھائن ٿا. سومرن جا ڪجهہ گهر سرائڪي ڳالھائيندڙ آھن. اوڏن جو ھڪ گهر آھي جيڪي پاڻ ۾ ھندڪو ٻولي ڳالھائن.
 
== تاريخ ==
ڳوٺ تقريبن ڏيڍ صدي اڳ (يعني 1850 کان اڳ) آباد ٿيو. ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ ھندن جا ڪيترائي گهر ڳوٺ ۾ ھيا، جيڪي بعد ۾ ھندستان ۽ ٻين علاقن ڏانھن لڏي ويا. سندن جون زمينون ڳوٺ جي ڪيترن ئي رھاڪن جون خريد ڪيل آھن. ڳوٺ تي نالو پڻ ڪنھن ھندوءَ جي نالي پٺيان آھي. ورھاڱي بعد ڀارت کان آيل مھاجر بہ ڳوٺ ۾ آباد ٿيا جن کي پڻ ھندن جون زمينون ڏنيون ويون. البتہ اھي بعد ۾ زمينون وڪڻي شھرن ڏانھن ھليا ويا.
 
ڳوٺ جا وڏيرا عيساڻي آھن جيڪو اصل ۾ سومرن جو پاڙو آھي. انھن جون ڪجهہ ماڙيون 1800ع کان اڳ جون ٺھيل آھن جيڪي اڄ ٻہ سٺي شڪل ۾ موجود آھن. وڏيرا آزاديءَ کان ھندستان جي مختلف علائقن ۾ پڙھيا ۽ ملازمتون ڪيئون. اڄ بہ سندن پونير دنيا جي مختلف علائقن ۾ اعليٰ عھدن تي ويٺل آھن. سندن جون ڪيتريون ئي زمينون آھن جيڪي ملازم سنڀاليندا اچن.
 
ھي ڳوٺ ڀرپاسي جي سڀني ڳوٺن کان وڏو ڳوٺ ھجڻ ڪري تعليم، صحت ۽ ڪاروبار جي حوالي سان ٻين سڀني ڳوٺن جي لاءِ مرڪز ھيو. ٻيا ڳوٺن جا ٻار اسڪولن ۾ پڙھڻ ايندا ھيا، عورتون اسپتال ۾ علاج لاءِ اينديون ۽ مرد ان وڪڻڻ يا روزمرھ جون شيون وٺڻ ايندا ھيا.
 
ھي ڳوٺ سن 2000ع کان پوءِ زبون حاليءَ جو شڪار ٿي ويو ۽ پنھنجو اوج وڃائي ڇڏيائين. وڏيرن جي ڳوٺ ۾ ۽ ان جي عوام جي ترقي ۾ دلچسپي نہ ھجڻ ڪري ھتان جو سارين جو سيلر بند ٿي ويو ۽ بينڪ بہ بند ٿي وئي. لولائي برادريءَ جي خوني جهيڙن جي ڪري پڙھيو لکيو طبقو لڏي ھليو ويو، جنھنڪري ڳوٺ جي تعليم ۽ ڪاروبار پٺتي پئجي ويا. جڏھن تہ سرڪاري سھولتون ۽ انفراسٽرڪچر پڻ تباھ ٿي ويو.
 
2013ع جي چونڊن ۾ ککراڻي ۽ لولائي ڌرين جي تڪرار ڳوٺ جا حال پورا ڪري ڇڏيا ۽ ڳوٺ جي رھيل رونق ختم ٿي وئي. جهيڙي ۾ لولائي برادري ڳوٺ جي مک دڪانن ۽ گهرن کي پٽي ڊاھي ڇڏيو، ڇو تہ اھي ککراڻي برادريءَ جي ملڪيت ھيا.
 
ھن وقت لولائي برادري پنھنجي پاڙي کي ترقي وٺرائي پئي ۽ سياسي طور تي بہ پنھنجو اثر وڌائي پئي. جڏھن تہ ٻين ذاتين جي ڳوٺ ۾ دلچسپي نہ رھي آھي.
 
== حوالا ==