پکي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1:
[[فائل:Bird Diversity 2013.png|400px|thumb|کاٻو|پَکين جي دنيا]]
 
'''پَکي''' کَنڀن وارا [[ڪرنگھيدار ڊاگ فش|ڪَرنگهيدار]] [[جاندار]] آهن. سڀني پَکين کي [[ٻہ]] [[پير]] ۽ [[پَرن]] جو [[جوڙ (حساب)|جوڙو]] ٿيندو آهي. پکي اڪيلي [[مخلوق]] آهي، جنهن جي [[جسم]] تي [[کنڀ|کَنڀ]] هوندا آهن. جيئن [[نانگ]] [[کَل]] مَٽائيندو آهي تيئن پکين جا [[کنڀ|کَنڀ]] بہ ڇَڻندا ۽ نوان ڦُٽندا آهن. اِهو سِلسلو هر [[سال]] يا [[مُند]] آهر هلندو آهي. کَنڀ [[ٽِن]] قِسمن جا هوندا آهن. اُنهن جو ڪم [[بُت]] [[ڍَڪڻ]] آهي. جسم جا هيٺيان کَنڀ نرم ۽ بُجدار هوندا آهن ۽ پکيءَ جي بُت کي [[گرم]] رکندا آهن. کَنڀڙاٽين جا کَنڀ [[اُڏامڻ]] ۽ [[رُخ]] بدلائڻ ۾ مددگار هوندا آهن. پکيءَ جي بناوت ڪجھہ اهڙي ٿئي ٿي جو اُن کي لَس اُڏامڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي. پکيءَ جي کَنڀڙاٽين ۽ [[ڇاتيءَ]] جون [[مشڪون|مَشڪون]] تمام مضبوط هونديون آهن، ڇاڪاڻ تہ اُنهن کي پَر [[ڦَڙڪائڻ]] ۽ هوا ۾ اُڏامڻ لاءِ مضبوط مَشڪن جي ضرورت هوندي آهي. پکي کي پنهنجي [[قَد]] بُت جيترن ٻين [[جانور|جانورن]] جي ڀيٽ ۾ [[هڏا]] تمام هلڪا ٿيندا آهن، ڇو تہ اُنهن جون هڏيون کوکليون هونديون آهن.
 
==جِسم==