پکي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 41:
هيوم (Hume) پنهنجي ڪتاب، اسٽري فيڊرس (1872ع) ۾ پَکين جا 2500 قِسم ڄاڻايا آهن، جِن جون 250 جنسون آهن. ايٽڪن (1872ع) ڪُل 400 جِنسون ٻُڌايون آهن ۽ ساڳئي وقت ايٽس (Eates) سورلي جي سنڌ گزيٽيئر ۾ 426 جِنسون ڄاڻايون آهن، جن مان 177 مڪاني ۽ باقي لَڏي ايندڙ يا سانگي پکين جون آهن. مُختصر طور سنڌ ۾ ٽِن قِسمن جا ’پيڻ‘، ٻہ پيٽيئر (Cormorant)، ڇھہ ٻَگھہ ۽ ڪانئرا، هڪ لاکي ڄاڃي، يارنهن سانَھہ، ڇويھہ هَنج ۽ بَدڪون، سترنهن سِرڻيون، عُقاب ۽ ڳِجهون، ڇھہ ڪُونجون، پنج تِتر ۽ ڀؤنتريا، ڇھہ ٻاٽيڀڙ، پنج باز، ٽيٽيهر، پلوور (Plover)، ڦوليارو، چيهو، ڪينو، ٽرن (Tern)، بي ايٽر (Bee eater)، ڪاٺ ڪُٽو، ڪنگري، سانهڙو، چنڊول، سئنڊ مارٽن (Sand Martin)، وهيو، بلبل، کٽياڻي، شرائيڪ، (Shrike)، ٿرش (Thursh)، سئنڊپائپر (Sand Piper) وغيره قِسم طور عام مِلن ٿا. ڏاڙهيءَ واري ڳِجھہ کيرٿر جي مٿانهن پَٽن ۾ ملي ٿي. سنڌ ۾ جيڪي ٻاٽيڀڙ مِلن ٿا، تِن مان سواءِ ’ڳٽو‘ (Largepin tailed) ۽ امپيريل (Imperial) جي سڀ مَڪاني آهن. چَڪور سنڌ جي مَٿانهن پَٽن جو تِتر آهي. هندستاني تَلور، جيڪو اڳ ٿر ۾ عام هو. سو هاڻ ناياب آهي. هُوبارا تلور (Houbara Bustard) بہ ناياب ٿيندو وڃي. فلوريڪن (Florican) جيڪو سَن 1875ع تائين عام هو، سو بہ ناياب ٿيندو پيو وڃي. سفيد هنج مَنڇر ۾ ملي ٿو. ڪومب بَدڪ (Com Duck) بہ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ۾ ملي ٿي. ننڍڙو هنج ۽ آڙي (Clucking teal) پڻ سنڌ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اَچن ٿا. گولڊن آءِ (Golden eye) ۽ چيڪلو صرف ٻن جڳهين، اُڀرندي ناري ۽ مَنڇر ۾ مِلن ٿا. ڀؤنتريو هڪ موسمي پکي آهي، جيڪو حَب نديءَ جي آسپاس رهي ٿو. عام ڀؤنتريو (Rain Quail) ڪَچي جي علائقن ۾ رهي ٿو. مور حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ عام ملي ٿو. واديءِ مهراڻ ٻگهن، سانھہ، ڪانيئرن، ڪينو، پيڻ ۽ اگريٽس (Egrets) وغيره جي جنت آهي. هنن جي آنن لاهڻ جون جايون تباھہ ٿي چُڪيون آهن، اُن سان گڏ شڪارين جي ڪري ڪيترا پکي ٽِڙي پَکڙي ويا آهن. فقط 15 قِسمن مان 6 قِسم نظر اچن ٿا. اُنهن مان اڪثر پکي ڌُٻڻ وارن ٻوٽن تي ئي گُذارو ڪن ٿا.
 
==خُشڪيءَ جا پکيپَکي==
[[فائل:Pinzón azul de Gran Canaria (macho), M. A. Peña.jpg|thumb|کاٻو]]
خُشڪيءَ جي پکينپَکين ۾ ڀُورو تِتر، ڪارو تِتر (ايراني تِتر بہ ڏسڻ ۾ آيو آهي)، ڪبوتر، ڳيرو، ونهيو،وَنهيو، چپڻي، لغڙ، ڪاٺ ڪُٽو، هُدهُد، جهنگ ڪُڪڙ، جهرڪي،جِهرڪي، ڀونتريو، چَتون، ڍولير، چانھہ، ڪانگ (کاري طرف بلڪل ڪاري رنگ جو ڪانگ بہ ڏسڻڏِسڻ ۾ آيو آهي)، ڪٻرڪَٻر (ڳاڙهي چهنبچُهنب واري بہ هتي لَڀندي آهي)، پروڙي باز، بُلبل، جَهار، ننڍو ليلهو، ڪار دونهاري، مالار، ڳِجھہ، پيلو باز، سِرڻ، ٽٽيهر، چاپانگو، ميٽر، هَڪو، ڀور، اَبابيل، ڀوڙي، دنهائي، ٽيٽيهو، ٻاٻيهو، ڊم مرچ، تاڙو چِٻ (چٻرو)، بحري باز، ڪرنا، هورا، اَڇو ڪَنگر ۽ ڳاڙهو ڪَنگر شامل آهن، اُنهن ۾ چانھہ ۽ هُدهُد ٻاهريان پکي آهن، جيڪي موسم آهر هر خِطي ۾ ڏِسبا آهن. سنڌ ۾ پرديسي پکي سياري جي موسم ۾ لاڙ واري علائقي ۾ اچي رهندا آهن، جڏهن سيارو ختم ٿي ويندو آهي تہ وري اُهي روھہ/جَبل جي سرد علائقن ڏانهن هليا ويندا آهن. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ڍنڍون آهن، جتي پکي اچي زندگيءَ جا ڏينهن گذارين ٿا. هاليجي ڍنڍ ۽ منڇر ڍنڍ اهڙن پکين جو مرڪز آهن. شام وقت پکي اُنهن ڍنڍن تي لهن ٿا. 15 کان 20 فوٽن تائين هيٺ پاڻيءَ ۾ ٽٻيٽُٻي هڻي پنهنجي شڪار کي حاصل ڪن ٿا. شڪرو،شِڪرو، سِرَڻ، باز، هنج،هَنج، نيرڳي، مُرغابي، پاڀانسره، ٽيٽري، گوشو، ڪرلي، عام مينو، بغلو، فافتو، چيڪو بدڪ،بَدڪ، ڳاڙهو سر، نيل سر، سيارم، طوق چو، ڳارهو، هوگوشو، ڪارو لق لق، آڙي جل، نيل جل، لال سائين، هندستاني جلجَل وغيره ۽ ٻيا پرديسي پکي مشهور آهن. هي پکي سُونھن جي عَلامت آهن، پر اسان جي لاڙ واري علائقي ۾ عرب شڪارين جي ڪري سندن آمد تي وڏو خراب اثراَثر پيو آهي. سنڌ جي ڍنڍن ۾ هيٺيان ديسي ۽ مسافر پکي ڏِسبا آهن:
* مڇي کائيندڙ بَدڪ جا قِسم: نيرڳي، ڊگوش (ڊگوش ٻن قسمن جا ٿين: ڊگوش ۽ ميري جيڪا ڊگوش جي مادي آهي)، ٿُرهانڊو، ٻُڏڻو، رَتُنبو، ڳَهَڻو، چيکلو (ٻه قسمقِسم: کُوٻائي) ۽ سينڌريو جيڪو ٿورو وڏيرو ٿئي)، ٿاراهو (وڏو پکي نيرڳيءَ جيڏو) ۽ هنجهر.
* بدڪبَدڪ جا ٻيا قسمقِسم: آڙي (ڪاري چُهنب ٽِڪو)، ڪڻاٺي (جنهن کي کڻاٺي يا کيڻاٺي بہ چون)، ڏاريو(ٻہ قسمقِسم: تِلرَ ۽ کَڳوکََڳو)، ڦُونس، ڪُهنگ، هنجھہ،هَنجھہ، لاکي ڄاڃي.
* ڪناريڪِناري تي هلندڙ پکي: پاڻي ڪاهو يا هُڪارو، ڊومَ، ٽِيٽو(ٽي قسم)، ٽينڊڻي، پُوراڙو ۽ سٻلِڻ.
* مڇي کائيندڙ ٻيا پکي: کَنڀَ (ٻہ قِسم: گوڙي کنڀکَنڀ وڏو ۽ ننڍو)، سانھہ،سانَھہ، ڄاهو، ڪُڪڙاٽِ، ڪُڪِي پيڻ (تمام وڏو رڍ جيڏو) ۽ تُورِ.
* ڍانڍي حرام پکي: ڪينائو (ٻہ قسمقِسم: ڪينائو وڏو ۽ نر ٿئي ٻيو ڪينائي، جيڪو ننڍو پکي ۽ مادي آهي)، ٻگو، ٻَگھہ (ٻہ قسمقِسم: صاف اَڇو ۽ ٻيو ميرو).
 
==پکي ۽ شڪار==