پکي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←‏لَڳ: درست ڪئي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 34:
دنيا جي گهڻن ئي گرم مُلڪن وانگر سنڌ بہ لاڏائو پکين لاءِ سياري جي مُند ۾ بهترين گهر آهي. هتي پکي هر سال هِجرت ڪندا آهن. دنيا جي ڪِن حصن ۾ سياري دوران مُند تمام ٿڌي ٿي ويندي آهي ۽ خوراڪ گهٽجي ويندي آهي. اهڙن علائقن ۾ رهندڙ سڀ پکي اُڏامي ويندا آهن. اُهي گرم ۽ گهڻي خوراڪ وارن علائقن ڏانهن لَڏيندا آهن ۽ ڪُجھہ مهينن کان پوءِ واپس موٽي ايندا آهن. اڪثر لاڏائو پکي تمام پري تائين اُڏامي سگهندا آهن، اُنڪري اُهي هر سال هِجرت ڪندا آهن. يعني انهن جا ٻہ وطن ٿين ٿا. پهريون گهر اهو هوندو اٿن، جتي اُهي آنا ڏين ٿا ۽ آکيرا ٺاهين ٿا، ٻيو گهر اهو اٿن، جتي آرام ڪن ٿا ۽ سولائيءَ سان خوراڪ ملندي اَٿن. ڪي پکي ٿورو پنڌ پري تائين هجرت ڪندا آهن، اهي ميدانن کان جبلن ڏانهن ويندا آهن. سائنسدان اڃا تائين حيران آهن ته ڊگهي پرواز ڪندڙ پکي رستو ڀَٽڪڻ کانسواءِ ڪهڙي طرح پنهنجي منزل تائين پهچي ويندو آهي. پکي گهڻو ڪري اتر کان ڏکڻ ۽ ڏکڻ کان اتر طرف هجرت ڪندا آهن. سنڌ جي کيرٿر ۾ ”اناج خور کان وٺي گوشت خور ۽ ڍونڍ خور“ هر قسم جو پکي آهي. ڪي پکي ميوا، ٻير، ٻِج، ڦَريون ۽ ٻُوٽن جا ٻيا حصا کائيندا آهن يا گلن جو رس چوسيندا آهن. ڪي پکي جيت خور آهن پر کوڙ سارا شڪاري پکي ڪوئا، نانگ، ڏيڏر ۽ ڪِرڙين جهڙا ننڍڙا جانور پڪڙي کائيندا آهن. انهن جون چُهنبون تکيون ۽ نظر تمام تيز هوندي آهي. چِٻرا، باز، شِڪرا، عقاب پنهنجن پنهنجن مقرر وقتن ۽ جاين تي شڪار جي تاڙ ۾ هوندا آهن. سڀ کان گهڻو شڪار ڪوئن جو ٿئي ٿو. ڪوئا تمام جلد يعني هر ساڍن ٽن مهينن ۾ ٻچا ڪندا آهن. اهي ٻچا تمام جلد جوان ٿي ويندا آهن ۽ پاڻ بہ ٻچا ڄڻڻ لڳندا آهن. نتيجي ۾ ڪوئن جي پيدائش جو هڪ اَڻکُٽ سلسلو هلندو رهندو آهي. اِن ريت هڪ بالغ جوڙي مان فقط هڪ سال اندر 1000 ڪوئا پيدا ٿي سگهن ٿا. ڪوئا فصلن لاءِ سخت نقصانڪار آهن ۽ بيماريون بہ پکيڙي سگهن ٿا. اِنڪري ڪوئا خور پکي انسانن لاءِ وڏي نعمت آهن. ساڳي طرح سِرڻيون، ڳِجهون ۽ ڪانءَ ’ڍونڍ خور‘ سڏبا آهن، اِهي هر قسم جو ماس کائي ويندا آهن. ڳجهون مُردار جانورن جو ماس ڪجهه ڪلاڪن اندر کَپائي ڇڏينديون آهن، جنهن سان قدرتي ماحول ۽ هوا صاف رهي ٿي.
 
==فطرتفِطرت جو توازنتَوازُن==
پکي نهنہ رڳو سهڻاسُهڻا ۽ سُريلا ٿيندا آهن، پر اُهي فطرتفِطرت جي توازن ۾ پنهنجو حصو ادا ڪن ٿا. سڀ کان پهرين تہ اڪثر پکي خود شڪار ٿي ٻين جانورن توڙي انسانن جي زندگيءَ جو سبب ٿين ٿا. شڪاري پکي نقصانڪار ڪوئا، جيت، مَڪڙ ۽ ڪِينئان کائيندا آهن. ٻِجن جي ڦهلاءَڦَهلاءُ ۾ پکين جو خاص ڪردار آهي. ڪي پکي مختلف قسمنقِسمن جا ٻير، پيرون ۽ ميوا کائيندو آهي. اناُن کانپوءِ اهياُهي ٻئي پاسي اڏامياُڏامي پنهنجو ڦوڳ ڇڏيندو آهي، اُن ڦوڳ ۾ ثابت ٻِج بہ شامل هوندا آهن. انهناُنهن مان ڪي ٻجٻِج ڦُٽي پوندا آهن ۽ اهواُهو ميويدار وڻ ڪنهن ٻي جاءِ تي حياتياتي محورمَحور بڻجي ويندو آهي. سنڌ ۾ جيڪي پکي ملن ٿا، انهناُنهن مان ڪِن کي خُشڪيءَ وارا پکيپَکي چئجي ٿو، جيڪي گهڻو ڪري وڻن ۾ پنهنجا آکيرا ٺاهين، اتياُتي ئي رهن ۽ آنا لاهين، جنجِن ۾ جهرڪي،جِهرڪي، ڪَٻَرَ، ڳيرو ۽ ڪبوتر قابلقابلِ ذڪر آهن. خُشڪيءَ وارن پکين ۾ ٽيٽيهر هڪ اهڙو پکي آهي، جيڪو سڌيءَ زمين تي آکيرو ٺاهي آنا لاهيندو آهي ۽ اُتي ئي رهندو آهي. ٻيا اهڙا پکي آهن، جيڪي پرديسي پکي يا موسمي پکي سڏبا آهن، اهي سوين قسمنقِسمن جا هوندا آهن، جيڪي مختلف مُلڪن مان اُڏامي موسم جي مُناسبت سان سنڌ جي ڍنڍن وارن علائقن ۾ اچي رهندا آهن ۽ وري واپس هليا ويندا آهن.
سنڌ جي موضوع تي وڏي ڄاڻ رکندڙ ايڇ.ٽي.سورلي، سنڌ جي پکين بابت هن طرح لکيو آهي: '''سنڌ جي پکين ۾ مخصوص خاصيتون آهن، جيڪي جاگرافيائي بيهڪ ۽ طبعي حالتن جي ڪري پيدا ٿيون آهن. سنڌو ماٿري ڪَڇ جي ’رِڻ‘ وسيلي هندستان کان ڌار ٿيل آهي، جنهنڪري هندستان جا مشهور پکي هتي ڪو نه ٿين. ٻئي طرف سنڌ ۽ بلوچستان، ٻين علائقن، جهڙوڪ: ڏکڻ يورپ، اتر اوڀر آفريڪا، عرب ۽ ايران جي پکين لاءِ کُليل آهن. سنڌ جون ڍنڍون ۽ ڌُٻڻيون، ۽ اُن طرف پکين جي لڏي اچڻ جي رستن جي موافقت ڪري، سنڌ پکين لاءِ سياري جي موسم ۾ پناھہ وٺڻ جي لحاظ کان وڏي حيثيت رکندي آهي.'''