پکي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←‏خوراڪ: درست ڪئي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 35:
 
==فطرت جو توازن==
پکي نه رڳو سهڻا ۽ سُريلا ٿيندا آهن، پر اهياُهي فطرت جي توازن ۾ پنهنجو حصو ادا ڪن ٿا. سڀ کان پهرين تهتہ اڪثر پکي خود شڪار ٿي ٻين جانورن توڙي انسانن جي زندگيءَ جو سبب ٿين ٿا. شڪاري پکي نقصانڪار ڪوئا، جيت، مڪڙمَڪڙ ۽ ڪينئانڪِينئان کائيندا آهن. ٻجنٻِجن جي ڦهلاءَ ۾ پکين جو خاص ڪردار آهي. ڪي پکي مختلف قسمن جا ٻير، پيرون ۽ ميوا کائيندو آهي. ان کانپوءِ اهي ٻئي پاسي اڏامي پنهنجو ڦوڳ ڇڏيندو آهي، اناُن ڦوڳ ۾ ثابت ٻِج بهبہ شامل هوندا آهن. انهن مان ڪي ٻج ڦُٽي پوندا آهن ۽ اهو ميويدار وڻ ڪنهن ٻي جاءِ تي حياتياتي محور بڻجي ويندو آهي. سنڌ ۾ جيڪي پکي ملن ٿا، انهن مان ڪنڪِن کي خشڪيءَخُشڪيءَ وارا پکي چئجي ٿو، جيڪي گهڻو ڪري وڻن ۾ پنهنجا آکيرا ٺاهين، اتي ئي رهن ۽ آنا لاهين، جن ۾ جهرڪي، ڪَٻَرَ، ڳيرو ۽ ڪبوتر قابل ذڪر آهن. خشڪيءَخُشڪيءَ وارن پکين ۾ ٽيٽيهر هڪ اهڙو پکي آهي، جيڪو سڌيءَ زمين تي آکيرو ٺاهي آنا لاهيندو آهي ۽ اتياُتي ئي رهندو آهي. ٻيا اهڙا پکي آهن، جيڪي پرديسي پکي يا موسمي پکي سڏبا آهن، اهي سوين قسمن جا هوندا آهن، جيڪي مختلف ملڪنمُلڪن مان اڏامياُڏامي موسم جي مناسبتمُناسبت سان سنڌ جي ڍنڍن وارن علائقن ۾ اچي رهندا آهن ۽ وري واپس هليا ويندا آهن.
سنڌ جي موضوع تي وڏي ڄاڻ رکندڙ ايڇ.ٽي.سورلي، سنڌ جي پکين بابت هن طرح لکيو آهي: '''سنڌ جي پکين ۾ مخصوص خاصيتون آهن، جيڪي جاگرافيائي بيهڪ ۽ طبعي حالتن جي ڪري پيدا ٿيون آهن،آهن. سنڌو ماٿري ڪڇڪَڇ جي ’رڻ‘’رِڻ‘ وسيلي هندستان کان ڌار ٿيل آهي، جنهنڪري هندستان جا مشهور پکي هتي ڪو نه ٿين. ٻئي طرف سنڌ ۽ بلوچستان، ٻين علائقن، جهڙوڪ: ڏکڻ يورپ، اتر اوڀر آفريڪا، عرب ۽ ايران جي پکين لاءِ کليلکُليل آهن. سنڌ جون ڍنڍون ۽ ڌٻڻيون،ڌُٻڻيون، ۽ اناُن طرف پکين جي لڏي اچڻ جي رستن جي موافقت ڪري، سنڌ پکين لاءِ سياري جي موسم ۾ پناههپناھہ وٺڻ جي لحاظ کان وڏي حيثيت رکندي آهي.'''
 
==جنسون ۽ قسم==
هيوم (Hume) پنهنجي ڪتاب، اسٽري فيڊرس (1872ع) ۾ پکين جا 2500 قسم ڄاڻايا آهن، جن جون 250 جنسون آهن. ايٽڪن (1872ع) ڪل 400 جنسون ٻڌايون آهن ۽ ساڳئي وقت ايٽس (Eates) سورلي جي سنڌ گزيٽيئر ۾ 426 جنسون ڄاڻايون آهن، جن مان 177 مڪاني ۽ باقي لڏي ايندڙ يا سانگي پکين جون آهن. مختصر طور سنڌ ۾ ٽن قسمن جا ’پيڻ‘، ٻه پيٽيئر (Cormorant)، ڇهه ٻگهه ۽ ڪانئرا، هڪ لاکي ڄاڃي، يارنهن سانهه، ڇويهه هنج ۽ بدڪون، سترنهن سرڻيون، عقاب ۽ ڳجهون، ڇهه ڪونجون، پنج تتر ۽ ڀؤنتريا، ڇهه ٻاٽيڀڙ، پنج باز، ٽيٽيهر، پلوور (Plover)، ڦوليارو، چيهو، ڪينو، ٽرن (Tern)، بي ايٽر (Bee eater)، ڪاٺ ڪٽو، ڪنگري، سانهڙو، چنڊول، سئنڊ مارٽن (Sand Martin)، وهيو، بلبل، کٽياڻي، شرائيڪ، (Shrike)، ٿرش (Thursh)، سئنڊپائپر (Sand Piper) وغيره قسم طور عام ملن ٿا. ڏاڙهيءَ واري ڳِجهه کيرٿر جي مٿانهن پٽن ۾ ملي ٿي. سنڌ ۾ جيڪي ٻاٽيڀڙ ملن ٿا، تن مان سواءِ ’ڳٽو‘ (Largepin tailed) ۽ امپيريل (Imperial) جي سڀ مڪاني آهن، چڪور سنڌ جي مٿانهن پٽن جو تتر آهي. هندستاني تلور، جيڪو اڳ ٿر ۾ عام هو. سو هاڻ ناياب آهي. هُوبارا تلور (Houbara Bustard) به ناياب ٿيندو وڃي. فلوريڪن (Florican) جيڪو سن 1875ع تائين عام هو، سو به ناياب ٿيندو پيو وڃي. سفيد هنج منڇر ۾ ملي ٿو. ڪومب بدڪ (Com Duck) به سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ۾ ملي ٿي. ننڍڙو هنج ۽ آڙي (Clucking teal) پڻ سنڌ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اچن ٿا. گولڊن آءِ (Golden eye) ۽ چيڪلو صرف ٻن جڳهين، اڀرندي ناري ۽ منڇر ۾ ملن ٿا. ڀؤنتريو هڪ موسمي پکي آهي، جيڪو حب نديءَ جي آسپاس رهي ٿو. عام ڀؤنتريو (Rain Quail) ڪچي جي علائقن ۾ رهي ٿو. مور، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ عام ملي ٿو. واديءِ مهراڻ ٻگهن، سانهه، ڪانيئرن، ڪينو، پيڻ ۽ اگريٽس (Egrets) وغيره جي جنت آهي. هنن جي آنن لاهڻ جون جايون تباهه ٿي چڪيون آهن، ان سان گڏ شڪارين جي ڪري ڪيترا پکي منتشر به ٿي ويا آهن. صرف 15 قسمن مان 6 قسم نظر اچن ٿا. انهن مان اڪثر پکي ڌٻڻ وارن ٻوٽن ۾ ئي گذارو ڪن ٿا.