پکي: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
منصور جمالي (بحث | ڀاڱيداريون) ←زمين تي هلڻ: درست ڪئي ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار |
منصور جمالي (بحث | ڀاڱيداريون) ←لَڳ: درست ڪئي ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار |
||
سِٽَ 27:
پکي آکيرا ٺاهي رهندا آهن، جتي پکي آنا ڏين ٿا ۽ آنن جي ڦُٽڻ کانپوءِ چُوزن جي سنڀال ڪن ٿا. آکيرو چوزن ۽ ننڍڙن پکين جي حفاظت ڪري ٿو ۽ انهن کي گرم رکي ٿو. مختلف پکي مختلف قسم جا آکيرا ٺاهيندا آهن. ڪي آکيرا ٿورڙن ڪلاڪن ۾ ٺهي ويندا آهن، ڪي ڏينهن ۽ هفتن ۾ تيار ٿيندا آهن. ڪي سادا ۽ ڪاٺڙين جا ٺهيل هوندا آهن، ڪي آکيرا تہ تمام احتياط ۽ مُهارت سان تيار ڪيل هوندا آهن. اهي عام طور تي نرم گاھہ سان ٺاهيل هوندا آهن. اڪثر پکين جا آکيرا وڻن تي ٿين ٿا، ڪي زمين تي بہ ٺاهيندا آهن تہ عمارتن جي روشندانن يا اوچن ٿنڀن تي بہ آکيرا اَڏين ٿا. هُد هُد، ڪِنگر ۽ ٽوٻا پنهنجا آکيرا پاڻيءَ جي ويجهو زمين جي ڪَنڌين تي ٺاهيندا آهن. ٻُٽيرا ۽ جهنگ ڪُڪڙ زمين تي هلڪيون گڏون کُرڙي آکيرا ٺاهينديون آهن. ٻَٻر پکي پنهنجو آکيرو باقاعدي اُڻيندو آهي. انڪري مٿس اهو نالو پيو آهي ’درزي پکي‘. باز، سِرڻيون، ڪانءَ، ڳيرا ۽ ٻيا وڏا پکي ڪاٺڙين، گاھہ ۽ کَنڀن سان پنهنجي لاءِ آکيرا جوڙيندا آهن. درزي پکي پنهنجي لاءِ ڊگها آکيرا سِبندا آهن. تِڪ پکي پيالي نِما آکيرا ٺاهيندا آهن ۽ اَبابيل مِٽي استعمال ڪندا آهن. ڪي پکي تمام سُست، چالاڪ ۽ ٺڳ ٿيندا آهن. ڪوئل ۽ ڪي ٻيا پکي پنهنجا آکيرا نہ ٺاهيندا آهن. اُهي پنهنجا آنا ٻين پکين جي آکيرن ۾ لاهي ويندا آهن.
==
ڪُهنگ پکي ۽ بدڪون هڪ ئي وقت
==خوراڪ==
دنيا جي گهڻن ئي گرم ملڪن وانگر سنڌ به لاڏائو پکين لاءِ سياري جي مند ۾ بهترين گهر آهي. هتي پکي هر سال هجرت ڪندا آهن. دنيا جي ڪن حصن ۾ سياري دوران مند تمام ٿڌي ٿي ويندي آهي ۽ خوراڪ گهٽجي ويندي آهي. اهڙن علائقن ۾ رهندڙ سڀ پکي اُڏامي ويندا آهن. اهي گرم ۽ گهڻي خوراڪ وارن علائقن ڏانهن لڏيندا آهن ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ واپس موٽي ويندا آهن. اڪثر لاڏائو پکي تمام پري تائين اڏامي سگهندا آهن، انڪري اهي هر سال هجرت ڪندا آهن. يعني انهن جا ٻه وطن ٿين ٿا. پهريون گهر اهو هوندو اٿن، جتي اهي آنا ڏين ۽ آکيرا ٺاهين ٿا، ٻيو گهر اهو اٿن، جتي آرام ڪن ٿا ۽ سولائيءَ سان خوراڪ ملندي اٿن. ڪي پکي ٿورو پنڌ پري تائين هجرت ڪندا آهن، اهي ميدانن کان جبلن ڏانهن ويندا آهن. سائنسدان اڃا تائين حيران آهن ته ڊگهي پرواز ڪندڙ پکي رستو ڀٽڪڻ کانسواءِ ڪهڙي طرح پنهنجي منزل تائين پهچي ويندو آهي. پکي گهڻو ڪري اتر کان ڏکڻ ۽ ڏکڻ کان اتر طرف هجرت ڪندا آهن. سنڌ جي کيرٿر ۾ ”اناج خور کان وٺي گوشت خور ۽ ڍونڍ خور“ هر قسم جو پکي آهي. ڪي پکي ميوا، ٻير، ٻِج، ڦريون ۽ ٻُوٽن جا ٻيا حصا کائيندا آهن يا گلن جو رس چوسيندا آهن. ڪي پکي جيت خور آهن پر کوڙ سارا شڪاري پکي ڪوئا، نانگ، ڏيڏر ۽ ڪرڙين جهڙا ننڍڙا جانور پڪڙي کائيندا آهن. انهن جون چهنبون تکيون ۽ نظر تمام تيز هوندي آهي. چٻرا، باز، شِڪرا، عقاب پنهنجن پنهنجن مقرر وقتن ۽ جاين تي شڪار جي تاڙ ۾ هوندا آهن. سڀ کان گهڻو شڪار ڪوئن جو ٿئي ٿو. ڪوئا تمام جلد يعني هر ساڍن ٽن مهينن ۾ ٻچا ڪندا آهن. اهي ٻچا تمام جلد جوان ٿي ويندا آهن ۽ پاڻ به ٻچا ڄڻڻ لڳندا آهن. نتيجي ۾ ڪوئن جي پيدائش جو هڪ اڻکٽ سلسلو هلندو رهندو آهي. ان ريت هڪ بالغ جوڙي مان فقط هڪ سال اندر 1000 ڪوئا پيدا ٿي سگهن ٿا. ڪوئا فصلن لاءِ سخت نقصانڪار آهن ۽ بيماريون به پکيڙي سگهن ٿا. انڪري ڪوئا خور پکي انسانن لاءِ وڏي نعمت آهن. ساڳي طرح سِرڻيون، ڳجهون ۽ ڪانءَ ’ڍونڍ خور‘ سڏبا آهن، اهي هر قسم جو ماس کائي ويندا آهن. ڳجهون مُردار جانورن جو ماس ڪجهه ڪلاڪن اندر کپائي ڇڏينديون آهن. جنهن سان قدرتي ماحول ۽ هوا صاف رهي ٿي.
|