ڪميونزم: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
Fixed the bogus file option lint error
سِٽَ 3:
 
'''اشتراڪيت''' يا'''ڪميونزم''' {{ٻيا نالا|انگريزي= ''' Communism '''}} ھڪ سماجي نظريي جو نالو آهي جنھن مطابق پيداوار جي جملي ذريعن، ان جي ورھاست جي ذريعن ۽ مٽاسٽا جي ذريعن مثلاً پيسي وغيره تي حڪومت جو قبضو رھڻو آھي، ته جيئن انھن کي عام ماڻھن جي فائدي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگھجي. ھن نظريي مطابق سماج جي ترقي لاءِ ذاتي ملڪيت جو خاتمو ضروري آهي جنھن سان دنيا جنت ۾ تبديل ٿي ويندي. ھن نظريي مطابق ذاتي ملڪيت کان بغير سماج دنيا ۾ ڪا نئين ڳالھ ناھي ڇوتہ انسان اھڙو سماج اوائلي اشتراڪي دور م ڏسي چڪو آھي. ڪارل مارڪس پنھنجي فڪر ۾ تاريخي ماديت جو نظريو پيش ڪيو جنھن مطابق سماج ھڪ شڪل مان ترقي ڪندي ٻي شڪل م تبديل ٿئي ٿو ۽ اھي سماجي تبديليون اڻ ٽر آھن. ان جي خيال مطابق سماج اوائلي اشتراڪي دؤر مان جاگيرداري م تبديل ٿيو ۽ وري سرمائيداراڻو سماج آيو جيڪو ڪميونسٽ سماج ۾ ارتقائي طريقي سان تبديل ٿي ويندو. جنھن کي مارڪس [[تاريخي ماديت]] جو نالو ڏنو.
[[فائل:Karl_Marx.jpg|thumb||کاٻو|180px|[[ڪارل مارڪس]]]]
ان تبديلي لاء تياري جو انقلابي قدم سوشلزم آھي. ھن نظريي جو بنياد [[جدلياتي ماديت]] آھي جيڪا [[دھريت]] آھي. [[ڪارل مارڪس]] (1818-1883ع) ۽ [[ فريڊرڪ اينجلس]] (1820-1895ع) جي ان جدلياتي ماديت ۽ تاريخي ماديت جي خيالن کي [[مارڪسزم]] چوندا آهن.
هن نظرئي پٽاندڙ سڀ پيداواري وسيلا ۽ انهن جو ورهاڱو به رياست جي ڪنٽرول ۾ هوندو آهي. ڪميونزم، سوشلسٽ نظام جي سڀ کان اڳڀري شڪل آهي، جنهن ۾ دولت (ناڻي) جي پيداوار ايتري وڌي وڃي، جو معاشرو ماڻهن جي سڀنن گهرجن کي پورو ڪرڻ تي قادر ٿي وڃي. رياست جو ڪم ماڻهن مٿان حڪومت ڪرڻ نه هوندو، پر پيداوار جي تنظيم ڪاري ڪرڻ هوندو. سنڌي ادب ۾ جديديت واري دور کان اڳ وارو ترقي پسند ادب اشتراڪي نظرئي کان گهڻو متاثر هو. ساڳيو لاڙو 1980ع کان 1985ع تائين هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي شد مد سان نظر آيو. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>