پکي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←‏پر: درست ڪئي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
←‏رابطا: درست ڪئي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 19:
اڪثر آبي پکين جي چهنب ڊگهي هوندي آهي. اهي مڇي خور آهن. انهن مان ڪي پکي گپ ۾ رهندڙ ننڍڙا جانور ۽ جيت کائيندا آهن، ٽيٽيهر جي چهنب ڊگهي ۽ سنهي هوندي اٿن، جنهن سان گچ ۾ شڪار پيو ڳوليندو آهي. لاکو ڄاڃي پنهنجي چهنب سان گڦ ڇاڻيندو آهي. ڪانهرن جي چهنب ڏند دار هوندي آهي. جن سان هو مڇي جهليندا آهن.
==رابطا==
پکي پنهنجي آواز سان هڪ ٻئي کي اشارااِشارا ڪندا ۽ خطري جو چتاءَ ڏيندا آهن. اهي قسمين قسمين آواز ۽ ٻوليون ڪندا آهن. ڪي هڪ ئي سُر پيا ورجائيندا آهن. ٻيا مٺيون ٻوليون ٻولي سگهندا آهن ۽ مختلف سُر ڪڍندا آهن. چڪچڪا مٺو ٻوليندا آهن. ان ريت هو هڪ ٻئي سان رابطو ڪندا آهن يا ماحول ۾ موجود خطرن يا خوشگواريءَ جو اظهار ڪندا آهن،آهن يا هڪٻئي کي سڏيندا آهن. پکي ٻين طريقن سان بهبہ هڪٻئي سان رابطو ڪندا آهن، پَر ڦڙڪائي ۽ هوا ۾ مٿي اڏامي ٻين پکين کي خطري کان آگاههآگاھہ ڪندا آهن.
ڪي نَر پکي (مثال طور مور يا ڪبوتر) آواز ذريعي يا ناچ ذريعي مادين جو ڌيان ڇڪيندا آهن يا انهناًُنهن کي ريجهائيندا آهن. ڪي پنهنجن رنگين کنڀن جي نمائشنُمائش ڪندا آهن. لڳ جي مند ۾ عام طور تي نر پکين جا کنڀ شوخ ۽ رنگين ٿي ويندا آهن. اڪثر پکي پاڻ کي پنهنجي رنگ جي مدد سان ماحول ۾ لڪائيندالِڪائيندا آهن. جيئن طوطو پاڻ کي وڻن ۾ لڪائڻلِڪائڻ لاءِ پنهنجي رنگ کي استعمال ڪندو آهي. تلور تهتہ پٿريلي ماحول ۾ بلڪل گمگُم ٿي ويندي آهي.
 
==زمين تي هلڻ==
پکين جي چنبن ۾ اڳيان ٽي ٽي وڏيون آڱريون ۽ هڪ ننڍي آڱر پوئين پاسي هوندي آهي. پکي انهن آڱرين جي مدد سان هلندا آهن. توازن برقرار رکندا آهن، وڻن جي ٽارين تي ويهندا آهن ۽ وري کاڌو جهليندا آهن. شڪاري پکي باز ۽ شِڪرو وغيره پنهنجي تيز چنبن سان نانگ ڪوئا ۽ ٻيا جانور پڪڙي کائيندا آهن. ڪاٺ ڪُٽا پنهنجن چنبن سان وڻ جي ٿُڙ تي چڙهندا اهن. ’ٻار ٺڳا‘ وغيره پنهنجن وڏن پيرن ۽ ننڍين آڱرين جي مدد سان تمام تيز ڊوڙندا آهن. ڪن پکين جون آڱريون ننڍڙيون هونديون آهن، جيڪي سولائيءَ سان مڙي وينديون آهن. اهڙيون آڱريون سنهڙن تِيلن کي پڪڙي ويهڻ لاءِ تمام مناسب هونديون آهن. پيهوڙي، جهنگ ڪڪڙ ۽ ڪُهنگ جون آڱريون سنهيون ۽ ڊگهيون ٿين ٿيون، جنهنڪري اهي پکي پاڻيِ تي ترندڙ پنن جي مٿان پنڌ ڪري سگهندا آهن. سنڌ ۾ بدڪن ۽ قازن جا گهڻائي قسم آهن. اهي گهڻو ڪري وقت پاڻيءَ ۾ گذارين ٿيون. انڪري انهن جي پيرن جون آڱريون کَل وانگر هڪ پردي سان پاڻ ۾ ڳنڍيل هونديون آهن. ٽٻڻن، ڪانهرن ۽ چيڪلن وغيره جي پيرن جون آڱريون ان ريت ڳنڍيل هونديون آهن.