سومقاييت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب+صفائي (14.9 core): + زمرو:ڪئسپين سمنڊ تي آباد ٿيل جڳھون
سِٽَ 35:
 
ھن شھر جو نالو [[سومقاييت ندي]] جي نالي تان پيو. ان نالي جي پسمنظر لاء ھڪ ڏندڪٿائي
روايت مشھور ٿي تہ جنھن مطابق موجوده سومقاييت ندي جي پاڻي کي ھڪ ديو روڪي ڇڏيو ھو ۽ سوم ھڪ سورمو ھيو جنھن ان ديو کي ماري پاڻي کوليو ھو پر پاڻي سان گڏ لڙھي ويو ھو<ref>{{cite web|title=Əfsanələr|url=http://www.sumhistorymuseum.az/index.php?option=com_content&view=article&id=60&Itemid=75|website=www.sumhistorymuseum.az|access-date=18 November 2014|language=Azerbaijani|url-status=dead|archive-url=https://web.archive.org/web/20141113114811/http://www.sumhistorymuseum.az/index.php?option=com_content&view=article&id=60&Itemid=75|archive-date=13 November 2014|df=}}</ref> ۽ پوء ڪڏهن بہ نظر نہ آيو جنھن بعد ان جي محبوبا ندي تي وڃي رڙيون ڪري آذربائيجاني ٻولي ۾ '''سوم قايت''':(''سوم موٽي اچ'') سڏڻ شروع ڪيو<ref>{{cite web|title=Tarixi Əfsanə|url=http://www.sumqayit-ih.gov.az/page/11.html|website=www.sumqayit-ih.gov.az|access-date=18 November 2014|language=Azerbaijani|archive-url=https://web.archive.org/web/20141112223558/http://www.sumqayit-ih.gov.az/page/11.html|archive-date=12 November 2014|url-status=live|df=dmy-all}}</ref> اھڙي طرح ندي تي سومقاييت نالو پئجي ويو.
 
== تاريخ ==
 
مؤرخن مطابق وچولي دؤر ۾ ھن شھر واري مقام تي ميدي نسل وارا ماڻھو رھندا ھيا. تاريخ ۾ سومقاييت واري شھر جي رھائشي وسندي جو ذڪر 1580ع ۾ ھڪ انگريز سياح ايڇ برو ڪيو ھو. ان بعد 1858ع ۾ [[اليگزينڊر دوماس]] پنھجي ڪتاب ''ٽرپ آف قفقاز'' ۾ ڪيو ۾ ڪيو. سويت ريپبلڪ جي قيام تائين ھتي ڪا خاص قابل ذڪر ترقي ڪانہ ٿي ھئي.<ref name=exe-2>{{cite web |url=http://sumqayit-ih.gov.az/content.php?page=passport |title=Sumqayıt şəhər icra hakimiyyəti. Yaranma tarixi |trans-title=Sumgayit Executive Power. History |access-date=2010-12-29 |url-status=dead |archive-url=https://web.archive.org/web/20101220062500/http://sumqayit-ih.gov.az//content.php?page=passport |archive-date=2010-12-20 |df=}}</ref> فيبروري 1988ع ۾ سومقاييت شھر ۾ آرمينيائي ماڻھن جو قتل عام ٿيو ھو. سومقاييت جي ان فساد سان آرمينيائي ۽ آذربائيجاني تڪرار اڀري [[نگورنو ڪاراباخ]] واري جنگ ۾ تبديل ٿي ويو<ref>Modern hatreds: the symbolic politics of ethnic war - Page 63 by Stuart J. Kaufman</ref>.
 
== جاگرافي ==
سِٽَ 102:
[[فائل:Sumqayıt şəhər İcra Hakimiyyəti.jpg|thumb|سومقاييت جو سٽي ھال]]
 
سوويت يونين جي دور ۾ وڏي پيماني تي صنعتن جي قيام سان ھي شھر ماحولياتي آلودگي جو شڪار آهي. آذربائيجان جي خودمختياري بعد ھتي جي صنعت ۾ زوال آيو آهي. سومقاييت جو بيھڪ ابشرون ٻيٽ نما ۾ آهي ۽ سائنسدانن جو خيال آهي تہ آذربائيجان ۾ اھو ٻيٽ نما وارو علائقو ماحولياتي آلودگي سان سڀ کان وڌيڪَ تباھي جو شڪار ٿيو آھي<ref>[http://www.azer.com/aiweb/categories/magazine/23_folder/23_articles/23_sumgayit.html Sumgayit: Soviet's Pride, Azerbaijan's Hell] {{Webarchive|url=https://web.archive.org/web/20060508014733/http://www.azer.com/aiweb/categories/magazine/23_folder/23_articles/23_sumgayit.html |date=2006-05-08}} by Arif Islamzade at ''Azer.com'', Autumn 1994</ref> <ref>[http://www.time.com/time/specials/2007/article/0,28804,1661031_1661028_1661024,00.html Sumgayit, Azerbaijan – The World's Most Polluted Places] {{Webarchive|url=https://web.archive.org/web/20071031012618/http://www.time.com/time/specials/2007/article/0,28804,1661031_1661028_1661024,00.html |date=2007-10-31}} ''TIME'', September 12, 2007</ref> صنعتي ڪيميائي مادن واري ماحولياتي آلودگي سومقاييت ۾ ڪينسر جي شرح ۾ زبردست اضافو ٿيو آهي ۽ ملڪ جي قومي شرح جي ڀيٽ ۾ ھن شھر جي شرح 51 سيڪڙو وڌيڪ آھي. ان آلودگي جي ڪري انساني جينياتي تبديلين ۽ پيدائشي نقصن جا ميڊيڪل ڪيس عام ٿي پيا آھن<ref>[http://www.blacksmithinstitute.org/site10a.php World's Worst Polluted Places] {{Webarchive|url=https://web.archive.org/web/20071027162719/http://www.blacksmithinstitute.org/site10a.php |date=2007-10-27}} — by the Blacksmith Institute (accessed 2007-12-3)</ref>. 2003 کان 2010 تائين جي مدي لاء شھري انتظاميه ان ماحولياتي آلودگي کي گھٽائڻ لاءِ ھڪ منصوبو پڻ جوڙيو جنھن تحت ھڪ جامع نگراني شروع ڪئي وئي. 1990 واري ڏهاڪي ۾ صنعتي آلودہ پاڻي جي نيڪال ۾ {{convert|600000|m3|cuft|abbr=on}}
کان {{convert|76300|m3|cuft|abbr=on}} تائين لاٿ آئي. 2005ع ۾ ڪچرو 300,000 لک ٽن ساليانو کان گھٽجي 3,868 ٽن ساليانو تائين پھتو.
 
== حوالا ==
{{حوالا|2}}
 
[[زمرو:آذربائيجان جا ضلعا]]
[[زمرو:آذربائيجان ۾ آباد مقام]]
[[زمرو:آذربائيجان ۾ بندرگاهہ شهر]]
[[زمرو:ڪئسپين سمنڊ تي آباد ٿيل جڳھون]]