آذربائيجان جي سياست: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ڳنڍڻن کي شامل/بهتر ڪيو
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
 
سِٽَ 6:
30 آگسٽ 1991 تي [[سوويت يونين|سوويت اتحاد]] واري آذربائيجان کي آزادي مِلي هئي. [[آذربائيجاني ڪميونسٽ پارٽي]] جو اڳوڻو۽ پهريون سيڪريٽري [[اياز متيلبو]] آزاد آذاربائيجان جو پهريون صدر مقرر ٿيو. [[نگورنو ڪاراباخ|نگورنو ڪاراباک]] جي [[خوجالي]] ۾ مارچ 1992ء ۾ آذاربائيجانين جي قتل عام کانپوءِ اياز کي استعفيا ڏيڻو پيو ۽ مُلڪ ۾ سياسي وڳوڙي حالت شروع ٿي وئي. مئي 1992ء ۾ هو ٻيهر حڪومت تي قابض ٿي ويو پرهڪ هفتي جي اندر ئي هن صدارتي چُونڊن کي رد (منسوخ) ڪري ڇڏيو ۽ سمورين سياسي سرگرمين تي پابندي لڳائي ڇڏيائين. سندس حزب مخالف پارٽي [[آذربائيجان پاپولر فرنٽ پارٽي]] کي هڪ مضبوط تحريڪ هلائڻ جو موقعو ملي ويو. پاپولر فرنٽ پاران ڪميونسٽ سوويت کي تحليل ڪري ڇڏيو ۽ سمورا انتظامي امور 50 رڪني ايوان بالا ۾ منتقل ڪري ڇڏيا.
 
جون 1992ء ۾ صدارتي چوُنڊون ٿيون ۽ پاپولر فرنٽ جو [[ابو الفضل ايلجی بي]] صدر چُونڊجي ويو. انهن چُونڊن ۾ 7 اُميدوار هيا پر انهن سڀني جي وچ ۾ ايلجي بي کي 54 سيڪڙو ووٽ مليا ۽ هو آذربائيجان جو پهرئين جمهوري طور چُونڊيل صدر بڻيو. هو پهريون غير ڪميونسٽ صدر پڻ هيو. اُن آذربائيجان کان سوويت جي فوج کي ٻاهر ڪڍيو ۽ انهيءَ ريت آذربائيجان پهريون ۽ اڳوڻو سوويت ملڪ بڻيو جتي سوويت جي فوج نہ هئي. انکانپوءِ ايلجي بي پاران نيشنل ڪيپسينڪيسپئن نيوي قائم ڪئي وِئي ۽ روس کان هڪ چوٿون ڪيسپين نيوي حاصل ڪرڻ جو ٺاهہ پڻ ڪري ورتو.
 
نيشنل ڪائونسل نئون اسپيڪر [[حيدر عليف]] وسيلي نئون صدر کي اختيار سونپيا. حيدر عليف [[آذربائيجاني ڪميونسٽ پارٽي]] جو اڳوڻو سيڪريٽري رهي چُڪو آهي. جيڪو پوءِ سوويت يونين جي [[پولٽ بيورو]]، [[ڪي جي پي]] جو رُڪن پڻ رهيو ۽ 1987ء تائين سوويت يونين جو نائب وزير اعظم پڻ رهي چُڪو هيو. آگسٽ 1987ء ۾ [[ريفرينڊم]] وسيلي اليجي بي کي معزول ڪيو ويو هيو. پوءِ هو چونڊن وسيلي 5 ورهيا جي مدت جي لاءِ صدر چُونڊجي ويو. 1998ء ۾ هو ٻيو ڀيرو 5 سال جي لاءِ صدر چُونڊجي آيو.