گوبند مالهي: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار |
سنوار جو تَتُ ڪونهي ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار |
||
سِٽَ 8:
==سياست ==
مالهي سياست جي شروعات 1940ع کان، ڊي جي سنڌ گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڪراچي ۾ فين وڌائڻ جي تحريڪ سان ڪئي ۽ شاگرد يونين ۾ سرگرم ٿيو. سياسي سرگرمين جي دوران 1942ع ۾ جيل به ويو. ان کان اڳ 1941ع ۾ سوڀي گيانچنداڻي سان واقفيت ٿيس جنهن سندس شخصيت تي گهڻا اثر ڇڏيا. 1943ع ۾ ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ سان واسطو ٿيس ۽ انهيءَ وسرلي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو، ”نئين دنيا ڪياب گهر“ پاران برڪت علي آزاد، گوبند پنجابي ۽ ٻيا سنڌي ادب ۾ ترقي پسنديءَ جو جهنڊو کڻي اڳتي وڌيا هئا پر گوبند مالهي کي اهو شرف مليو ته هو ان زماني ۾ ترقي پسند ساهت کيتر جو باني بڻجي. 1947ع ۾ نئين دنيا ڪتاب گهر پاران ”نئين دنيا“ جي نالي سان ماهوار رسالو شروع ٿيو، جنهن ۾ ٻين سان گڏ گوبند مالهي جو وڏو ڪردار هو ۽ ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. اهو رسالو ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ به جاري رهيو. برصغير جي ورهاڱي سبب ”نئين دنيا“ مخزن بند ٿي ويئي، جيڪا پوءِ 1948ع ۾ ٻيهر بمبئي مان گوبند مالهي جي ڪوششن سان شروع ٿي ۽ گڏوگڏ نئون ساهت منڊل جو بنياد به رکيو ويو، جنهن جو گوبند مالهي سيڪريٽري بڻيو. 1950ع ۾ ”نئون ساهت منڊل“ جو نالو بدلائي ”سنڌي ساهت منڊل“ رکيو ويو ۽ انهيءَ جي پليٽ فارم تان پهريون سميلن سڏايو ويو. 44-1945ع ۾ مالهي سياسي ۽ ادبي ميدان ۾ نهايت سرگرم رهيو ۽ سنڌي ترقي پسند ليکڪن جي تنظيم جو بنياد وڌائين ۽ انهي جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. 1946ع ڌاري ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ شاگرد اديبن ۽ شاعرن هڪ جماعت جو بنياد وڌو، جنهن ۾ [[
==ساهت==
|