گوبند مالهي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 3:
گوبند مالهي 5 آگسٽ 1921ع تي ضلعو نوشهروفيروز  جي شهر ٺاروشاھ ۾ جنم ورتو.<ref>{{حوالو_ويب|url=https://sindhipeoples.blogspot.com/2013/08/blog-post_8729.html|title=سنڌي شخصيتون: گوبند مالهي|last=Sindhipeoples|date=2013-08-06|website=سنڌي شخصيتون|access-date=2020-10-02}}</ref>
==تعليم==
گوبند شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ٺارو شاهه ۾  حاصل ڪئي. هن ميٽرڪ 1939ع ۾ پاس ڪئي. 1944ع ۾ اي اي بي پاس ڪيائين. <ref>{{Cite book|url=http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16784&BookTitle=Sindhi-Adab-Haq-Sio-Sindhi-Adeeb|title=سنڌي ادب هڪ سئو سنڌي اديب}}</ref>
 
==سياست ==
مالهي سياست جي شروعات 1940ع کان، ڊي جي سنڌ گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڪراچي ۾ فين وڌائڻ جي تحريڪ سان ڪئي ۽ شاگرد يونين ۾ سرگرم ٿيو. سياسي سرگرمين جي دوران 1942ع ۾ جيل به ويو. ان کان اڳ 1941ع ۾ سوڀي گيانچنداڻي سان واقفيت ٿيس جنهن سندس شخصيت تي گهڻا اثر ڇڏيا. 1943ع ۾ ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ سان واسطو ٿيس ۽ انهيءَ وسرلي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو، ”نئين دنيا ڪياب گهر“ پاران برڪت علي آزاد، گوبند پنجابي ۽ ٻيا سنڌي ادب ۾ ترقي پسنديءَ جو جهنڊو کڻي اڳتي وڌيا هئا پر گوبند مالهي کي اهو شرف مليو ته هو ان زماني ۾ ترقي پسند ساهت کيتر جو باني بڻجي. 1947ع ۾ نئين دنيا ڪتاب گهر پاران ”نئين دنيا“ جي نالي سان ماهوار رسالو شروع ٿيو، جنهن ۾ ٻين سان گڏ گوبند مالهي جو وڏو ڪردار هو ۽ ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. اهو رسالو ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ به جاري رهيو. برصغير جي ورهاڱي سبب ”نئين دنيا“ مخزن بند ٿي ويئي، جيڪا پوءِ 1948ع ۾ ٻيهر بمبئي مان گوبند مالهي جي ڪوششن سان شروع ٿي ۽ گڏوگڏ نئون ساهت منڊل جو بنياد به رکيو ويو، جنهن جو گوبند مالهي سيڪريٽري بڻيو. 1950ع ۾ ”نئون ساهت منڊل“ جو نالو بدلائي ”سنڌي ساهت منڊل“ رکيو ويو ۽ انهيءَ جي پليٽ فارم تان پهريون سميلن سڏايو ويو.  44-1945ع ۾ مالهي سياسي ۽ ادبي ميدان ۾ نهايت سرگرم رهيو ۽ سنڌي ترقي پسند ليکڪن جي تنظيم جو بنياد وڌائين ۽ انهي جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. 1946ع ڌاري ڊي جي  سائنس ڪاليج ۾ شاگرد اديبن ۽ شاعرن هڪ جماعت جو بنياد وڌو، جنهن ۾  نارائڻ شيام، شيخ اياز، شيخ رزاق، ارجن شاد، روشن آرا مغل ۽سندري اُتمچنداڻي حصو وٺندا هئا.  1947ع  ۾  ان تنظيم کي ڪاليج جي حدن کان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ هم خيال اديبن جن ۾ شيخ اياز، احسان بدوي، نعيم صديقي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي، سندري اُتمچنداڻي ۽ روشن مغل جا نالا قابل ذڪر آهن. تنظيم جون سرگرميون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو، پر تنظيم اڃا پهريون سرگرميون ئي مس شروع ڪيون جو ورهاڱو ٿي ويو. هندو سنڌي اديبن جي گهڻائي هندستان هلي ويئي، جنهن ڪري تنظيم جو سرگرميون ختم ٿي ويون. <ref>{{حوالو_ويب|url=https://www.pahenjiakhbar.com/%da%af%d9%88%d8%a8%d9%86%d8%af-%d9%85%d8%a7%d9%84%d9%87%d9%8a-%da%a9%d8%a7%d9%86-%d8%a8%d9%87-%d9%ba%d8%a7%d8%b1%d9%88-%d8%b4%d8%a7%d9%87%d9%87-%d9%86%d9%87-%d9%88%d8%b3%d8%b1%d9%8a%d9%88-%d9%87%d9%88/|title=گوبند مالهي کان به ٺارو شاهه نه وسريو هو! ....علي رضا قاضي|last=says|first=Irshad ali katpar|date=2020-02-10|language=sd|access-date=2020-10-02}}</ref>