گوبند مالهي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 7:
مالهي سياست جي شروعات 1940ع کان، ڊي جي سنڌ گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڪراچي ۾ فين وڌائڻ جي تحريڪ سان ڪئي ۽ شاگرد يونين ۾ سرگرم ٿيو. سياسي سرگرمين جي دوران 1942ع ۾ جيل به ويو. ان کان اڳ 1941ع ۾ سوڀي گيانچنداڻي سان واقفيت ٿيس جنهن سندس شخصيت تي گهڻا اثر ڇڏيا. 1943ع ۾ ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ سان واسطو ٿيس ۽ انهيءَ وسرلي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو، ”نئين دنيا ڪياب گهر“ پاران برڪت علي آزاد، گوبند پنجابي ۽ ٻيا سنڌي ادب ۾ ترقي پسنديءَ جو جهنڊو کڻي اڳتي وڌيا هئا پر گوبند مالهي کي اهو شرف مليو ته هو ان زماني ۾ ترقي پسند ساهت کيتر جو باني بڻجي. 1947ع ۾ نئين دنيا ڪتاب گهر پاران ”نئين دنيا“ جي نالي سان ماهوار رسالو شروع ٿيو، جنهن ۾ ٻين سان گڏ گوبند مالهي جو وڏو ڪردار هو ۽ ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. اهو رسالو ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ به جاري رهيو. برصغير جي ورهاڱي سبب ”نئين دنيا“ مخزن بند ٿي ويئي، جيڪا پوءِ 1948ع ۾ ٻيهر بمبئي مان گوبند مالهي جي ڪوششن سان شروع ٿي ۽ گڏوگڏ نئون ساهت منڊل جو بنياد به رکيو ويو، جنهن جو گوبند مالهي سيڪريٽري بڻيو. 1950ع ۾ ”نئون ساهت منڊل“ جو نالو بدلائي ”سنڌي ساهت منڊل“ رکيو ويو ۽ انهيءَ جي پليٽ فارم تان پهريون سميلن سڏايو ويو.  44-1945ع ۾ مالهي سياسي ۽ ادبي ميدان ۾ نهايت سرگرم رهيو ۽ سنڌي ترقي پسند ليکڪن جي تنظيم جو بنياد وڌائين ۽ انهي جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. 1946ع ڌاري ڊي جي  سائنس ڪاليج ۾ شاگرد اديبن ۽ شاعرن هڪ جماعت جو بنياد وڌو، جنهن ۾  نارائڻ شيام، شيخ اياز، شيخ رزاق، ارجن شاد، روشن آرا مغل ۽سندري اُتمچنداڻي حصو وٺندا هئا.  1947ع  ۾  ان تنظيم کي ڪاليج جي حدن کان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ هم خيال اديبن جن ۾ شيخ اياز، احسان بدوي، نعيم صديقي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي، سندري اُتمچنداڻي ۽ روشن مغل جا نالا قابل ذڪر آهن. تنظيم جون سرگرميون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو، پر تنظيم اڃا پهريون سرگرميون ئي مس شروع ڪيون جو ورهاڱو ٿي ويو. هندو سنڌي اديبن جي گهڻائي هندستان هلي ويئي، جنهن ڪري تنظيم جو سرگرميون ختم ٿي ويون. 
==ساهت==
گوبند مالهي 1953ع کان جدا جدا رسالن ۽ اخبارن ۾ ليک لکڻ ۽ شعر ڇپائڻ شروع ڪيا. انهيءَ جو هڪ سبب هي هو ته گوبند مالهي جو جنم جنهن گهر ۾ ٿيو اتي اڳ ۾ ئي هڪ وڏي لائبريري موجود هئي. سندس وڏي ڀاءُ جي اها عادت هوندي هئي ته جڏهن به ڪو نئون ڪتاب ايندو هو ته کيس پنهنجي ڀر ۾ ويهاري اهو ڏاڍيان پڙهندو هو، ائين منجهس ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. لکڻ جو شوق به ڀاءُ کان پرايائين.جيڪو ”هند سماچار“ ۾ ’ٺارو شاهه نواسي‘ جي قلمي نالي سان ڪهاڻيون ۽ مضمون لکندو هو. هن جون ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل لکڻيون پڙهي گوبند مالهي کي به لکڻ جو شوق ٿيو. سندس پهرين لکڻي 1934ع ۾ ڇپي، جڏهن سندس عمر تيرنهن سال هئي. اڳتي هلي گوبند مالهي ادب جي مختلف صنفن ۾ پاڻ ملهايو. <ref>{{حوالو_ويب|url=https://sindhsalamat.com/threads/36883/|title=گوبند مالهي|website=SindhSalamat|access-date=2020-10-02}}</ref>
==ناول==
گوبند مالهي سنڌي ناول جو تمام وڏو نالو آهي. گوبند مالهي جو پهريون اصلوڪو ناول ”آنسو“ 1925ع  ۾ ڇپيو. ان وقت سنڌي ۾ اصلوڪا ناول آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا. گوبند مالهي ناول لکي سنڌي ناول جي پيڙهه بڻيو. ”آنسو“ ناول ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب ۾ اهم ناول ليکيو وڃي ٿو. هن ناول ۾ سنڌ مان لڏي وڃڻ کانپوءِ بمبئي شهر ۾ ۽ ان جي آسپاس شرنارٿي ڪئمپن ۾ رهايل سنڌي عوام جي زندگي جي تصوير چٽي ويئي آهي.  گوبند مالهي جو ٻيو ناول ”زندگي جي راھ تي“ آهي، جيڪو به 1952ع ۾ ڇپيو. ساڳئي سال گوبند جو ٽيون ناول ”جيون ساٿي“ ڇپيو. هن ناول جو موضوع پيار جي شادي آهي، جنهن ۾ معاشري جي معاشي حالتن، ريتن ۽ رسمن جو بيان ڪيل آهي. هن ناول ۾ ٽن مختلف جوڙن جي زندگيءَ جو احوال آهي، جيڪي دل توڙي دماغ کان ڪم وٺي، سماجي رنڊڪن کي بردباري سان منهن ڏيئي، ختم ڪن ٿا ۽ آخر ۾ سچا ساٿي بنجن ٿا. 1935ع ۾ گوبند مالهي جا ٽي ناول ”پيار جي پياس“، ”من جو ميت“ ۽ ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“ ڇپيا. ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“ هند ۽ سنڌ جو بهترين ناول لکيو وڃي ٿو. هن ناول کي 1953ع جو بهترين ناول جو انعام مليو. مٿين کانسواءِ گوبند مالهي ٻيا به ڪيترائي ناول لکيا آهن، جيڪي هن ريت آهن: چنچل نگاهون، للڪار (1954ع) عشق ناهي راند (1955ع) شرم ٻوٽي (1956ع) لوڪ آهي ٻوڪ (1957ع) ديسي سيڻ ڪجن (1958ع)، ڏيهي ٿيا پرڏيهي (1961ع) محبت جي راهه ۾ (1975ع) جي سوري ڀانئين سيج، هڪ انسان سئو طوفان، پرديسي پريتم، پيار جي پياس، انقلابي سپاهي، سونهن جا سوداگر، تون مان هوءَ، مسوريءَ جي راڻي، وغيره شامل آهن. سندس آتم ڪٿا پڻ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيل آهي.<ref>{{حوالو_ويب|url=http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Personalties/Book30/Book_page1.html|title=Sindhi Adabi Board Online Library (سنڌي ادبي بورڊ)|website=www.sindhiadabiboard.org|access-date=2020-10-02}}</ref>