گوبند مالهي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 9:
گوبند مالهي 1953ع کان جدا جدا رسالن ۽ اخبارن ۾ ليک لکڻ ۽ شعر ڇپائڻ شروع ڪيا. انهيءَ جو هڪ سبب هي هو ته گوبند مالهي جو جنم جنهن گهر ۾ ٿيو اتي اڳ ۾ ئي هڪ وڏي لائبريري موجود هئي. سندس وڏي ڀاءُ جي اها عادت هوندي هئي ته جڏهن به ڪو نئون ڪتاب ايندو هو ته کيس پنهنجي ڀر ۾ ويهاري اهو ڏاڍيان پڙهندو هو، ائين منجهس ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. لکڻ جو شوق به ڀاءُ کان پرايائين.جيڪو ”هند سماچار“ ۾ ’ٺارو شاهه نواسي‘ جي قلمي نالي سان ڪهاڻيون ۽ مضمون لکندو هو. هن جون ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل لکڻيون پڙهي گوبند مالهي کي به لکڻ جو شوق ٿيو. سندس پهرين لکڻي 1934ع ۾ ڇپي، جڏهن سندس عمر تيرنهن سال هئي. اڳتي هلي گوبند مالهي ادب جي مختلف صنفن ۾ پاڻ ملهايو. 
==ناول==
گوبند مالهي سنڌي ناول جو تمام وڏو نالو آهي. گوبند مالهي جو پهريون اصلوڪو ناول ”آنسو“ 1925ع  ۾ ڇپيو. ان وقت سنڌي ۾ اصلوڪا ناول آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا. گوبند مالهي ناول لکي سنڌي ناول جي پيڙهه بڻيو. ”آنسو“ ناول ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب ۾ اهم ناول ليکيو وڃي ٿو. هن ناول ۾ سنڌ مان لڏي وڃڻ کانپوءِ بمبئي شهر ۾ ۽ ان جي آسپاس شرنارٿي ڪئمپن ۾ رهايل سنڌي عوام جي زندگي جي تصوير چٽي ويئي آهي.  گوبند مالهي جو ٻيو ناول ”زندگي جي راھ تي“ آهي، جيڪو به 1952ع ۾ ڇپيو. ساڳئي سال گوبند جو ٽيون ناول ”جيون ساٿي“ ڇپيو. هن ناول جو موضوع پيار جي شادي آهي، جنهن ۾ معاشري جي معاشي حالتن، ريتن ۽ رسمن جو بيان ڪيل آهي. هن ناول ۾ ٽن مختلف جوڙن جي زندگيءَ جو احوال آهي، جيڪي دل توڙي دماغ کان ڪم وٺي، سماجي رنڊڪن کي بردباري سان منهن ڏيئي، ختم ڪن ٿا ۽ آخر ۾ سچا ساٿي بنجن ٿا. 1935ع ۾ گوبند مالهي جا ٽي ناول ”پيار جي پياس“، ”من جو ميت“ ۽ ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“ ڇپيا. ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“ هند ۽ سنڌ جو بهترين ناول لکيو وڃي ٿو. هن ناول کي 1953ع جو بهترين ناول جو انعام مليو. مٿين کانسواءِ گوبند مالهي ٻيا به ڪيترائي ناول لکيا آهن، جيڪي هن ريت آهن: چنچل نگاهون، للڪار (1954ع) عشق ناهي راند (1955ع) شرم ٻوٽي (1956ع) لوڪ آهي ٻوڪ (1957ع) ديسي سيڻ ڪجن (1958ع)، ڏيهي ٿيا پرڏيهي (1961ع) محبت جي راهه ۾ (1975ع) جي سوري ڀانئين سيج، هڪ انسان سئو طوفان، پرديسي پريتم، پيار جي پياس، انقلابي سپاهي، سونهن جا سوداگر، تون مان هوءَ، مسوريءَ جي راڻي، وغيره شامل آهن. سندس آتم ڪٿا پڻ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيل آهي.<ref>{{حوالو_ويب|url=http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Personalties/Book30/Book_page1.html|title=Sindhi Adabi Board Online Library (سنڌي ادبي بورڊ)|website=www.sindhiadabiboard.org|access-date=2020-10-02}}</ref>
 
==سنڌيڪاري==