ايشوري جوتواڻي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 1:
ايشوري جوتواڻي(انگريزي:Ishwari Jotwani) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، سفرناما نگار ۽ تعليمدان هئي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪا ۽ تعليمدان -ايشوري جوتواڻي-، 11 نومبر 1930ع تي سيوهڻ، [[سنڌ]] ۾ -جنم- ورتو. سندس -تعليم- ايم. اي آهي. هن ڪيترائي ناول، ڪهاڻيون، مضمون ۽ سفرناما لکيا آهن. هن انگريزن خلاف -آزاديءَ جي تحريڪ-، ڪئٽ -انڊيا- (Quit India) ۾ ننڍيءَ عمر ۾ حصو ورتو ۽ 1942ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد به رهي. ورهاڱي کان پوءِ هُن هند جي پُوني شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي، -جتي- هن سينٽ ميران هاءِ اسڪول ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس پوني ۾ سنڌيءَ جي -استاد- طور ذميواريون نڀايون. هوءَ پوني يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جي بورڊ آف اسٽيڊيز جي چيئرپرسن، ممبئي يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيءَ جي ميمبر ۽ سنڌي ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ جي ميمبر به رهي آهي. واڊيا ڪاليج ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس جي هاسٽل سپريڊنٽ به رهي چڪي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”محبت جو تياڳ“(ناول: 1951ع)، ”الفت جي آڳ“(ناول:1953ع)، ”ڪامل جون ڪهاڻيون“(ڪهاڻيون: 1993ع) ۽ ”امنگن جا -آبشار-“ (مضمون ۽ سفرنامو: 1993ع)، ”ڇتر پتي شوا جي“ (جيوني: 1996ع)، ”آکاڻيون پورب ديس جون“، ”امر چتر ڪٿا“، ”ڪوتڪ گلدستو“ ۽ ”ڪرامتي ڪوتڪ“ وغيره شامل آهن. کيس سنڌي ادب ۾ بهترين خدمتن تي نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL) پاران 2000ع ۾ قومي اوارڊ ملي چڪو آهي. هُوءَ ’سنڌي ساهتيه سڀا‘ پوني جي صدر پڻ رهي چڪي آهي. هن وقت شانتي ڪنج، پوني ۾ رهائش پذير آهي.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%8A%D8%B4%D9%88%D8%B1%D9%8A%20%D8%AC%D9%88%D8%AA%D9%88%D8%A7%DA%BB%D9%8A ايشوري جوتواڻي : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
==ادب ۽ عملي زندگي==
ايشوري جو پورو نالو ايشوري ٽوپڻداس جوتواڻي هو. هن 11 نومبر 1930ع تي دادو ضلعو جي قديم شهر سيوهڻ ۾ جنم ورتو. هن پنهنجو ننڍپڻ سيوهڻ شريف ۾ گهاريو. ورهاڱي کان پوءِ والدين سان گڏ هندستان جي شهر پونا ۾ رهائش پذير ٿي.
==تعليم==
ايشوري شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي شهر سيوهڻ مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم هندستان جي شهر پونا ۾ حاصل ڪيائين. بي اي ۽ ايم اي جون ڊگريون به پونا ڪاليج مان حاصل ڪيائين.
==ادبي ۽ علمي خدمتون==
ايشوري شروع ۾ سياست ۾  حصو ورتو. هن انگريزن خلاف آزاديءَ جي تحريڪ، ڪئٽ انڊيا (Quit India) ۾ ننڍي عمر ۾ حصو ورتو ۽ 1942ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد به رهي. ورهاڱي کان پوءِ هُن هند جي پُوني شهر ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کانپوءِ اُتي  سينٽ ميران هاءِ اسڪول ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس پوني ۾ سنڌيءَ جي استاد طور ذميواريون نڀايون. هوءَ پوني يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جي بورڊ آف اسٽيڊيز جي چيئرپرسن، ممبئي يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيءَ جي ميمبر ۽ سنڌي ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ جي ميمبر به رهي آهي. واڊيا ڪاليج ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس جي هاسٽل سپريڊنٽ به رهي. سنڌي ساهتيه سڀا‘ پوني جي صدر پڻ رهي.  ايشوري پونا ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿي ۽ پروفيسر طور ترقي ماڻي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ڪهاڻيون، ناول، مضمون ۽ سفرناما لکيا.
==ڪتاب==
*محبت جو تياڳ, (ناول) 1951ع
 
*الفت جي آڳ, (ناول) 1953ع
 
*ڪامل جون ڪهاڻيون, (ڪهاڻيون)  1993ع
 
امنگن جا آبشار (مضمون ۽ سفرنامو) 1993ع
 
*ڇتر پتي شوا جي (جيوني/ڪٿا) : 1996ع
 
*آکاڻيون پورب ديس جون
 
*امر چتر ڪٿا
 
*ڪوتڪ گلدستو
 
*ڪرامتي ڪوتڪ
 
==اوارڊ==
پروفيسر ايشوري کي  سنڌي ادب ۾ بهترين خدمتن تي نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL) پاران 2000ع ۾ قومي اوارڊ مليو.
==ديهانت==
پروفيسر ايشوري 6 فيبروري 2013ع ۾ پوڻا هندستان ۾ ديهانت ڪري وئي.
 
== حوالا ==