ٿائيپوسام: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+ترتيب (14.9 core): + زمرو:تقريبون بلحاظ مڪمل چنڊ
#WLF
سِٽَ 17:
}}
ٿائيپوسام ({{lang-en| '''Thaipusam'''}}) هندن جو ڌرمي ڏڻ آهي. ٿائيپوسام (Tamil: தைப்பூசம்) گناهه بخشائڻ ۽ سکائون پوريون ڪرڻ واري ڏڻ طور مشهور آهي. هي ڏڻ گهڻو ڪري تامل ڪميونٽي جنوري يا فيبروريءَ جي مهيني ۾ چنڊ جي چوڏهين تاريخ تي ملهائيندي آهي. هن ڏڻ تي تامل (ڏکڻ هندوستاني) انگوڇا ٻڌي مٿي تي مختلف ديوتائن جون مورتيون يا ٻيو سامان ننڍڙين ڏولين ۾ مٿي تي رکي هلندا آهن، جن کي ڪاواٽي (Kavadi) سڏجي ٿو. ان ڪاواٽيءَ کي تارِن سان ٻڌي انهن جا پوڇڙ سنوان سڌا، يا وري ڪنڍن يا سوئن ذريعي ڪاواٽي کڻندڙ جي جسم ۾ ٽنبيا ويندا آهن. اهي سوئا ۽ ڪنڍا جسم ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ٽنبيل هوندا آهن، خاص ڪري ڇاتي ۽ پٺ ۾. ڪي ڪي ڪاواٽي کڻندڙ ماڻهو ته اهي سوئا ڳلن، چپن ۽ ويندي ڄڀ مان به آرپار لنگهائي هلندا آهن. ٿائيپوسام، سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ ڏياري ۽ هوليءَ وانگر وڏي پيماني تي تامل ملهائين ٿا، خاص ڪري ٿائيپوسام جو جلوس ٿيڻ ڪري سڀ ڏسن ٿا. اهي ماڻهو مٿي تي ڪاواٽيون رکي هلندا آهن جن ۾ چڱو بار هوندو آهي. تائيپوسام جو ڏڻ انڊيا، شري لنڪا، ملائيشيا، سنگاپور کان سواءِ جن به ملڪن ۾ تامل آبادي وڏي انگ ۾ رهي ٿي ملهايو ويندو آهن، اهو ئي سبب آهي جو تائيپوسام ڏڻ انڊونيشيا، ٿائيلينڊ، ميانمار ۽ سائوٿ آفريڪا ۾ پڻ ملهايو ويندو آهي. <ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=23 ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref><ref>[//en.wikipedia.org/wiki/Thaipusam Thaipusam - Wikipedia<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
==گيلري==
Thaipusam Celebration In Malaysia 02.jpg|ملائيشيا ۾ ٿائيپوسم جشن
== حوالا ==
{{حوالا}}