احمد فراز: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
{{صندوق معلومات شخص}}
 
اردو زبان جي نامياري شاعر '''احمد فراز'''، 1931ع ڌاري ڪوهاٽ ۾ جنم ورتو. هن کي شاعري ورثي ۾ ملي هئي. سندس والد سيد محمد شاهه ’برق‘ اردوءَ ۽ فارسيءَ جو سٺو شاعر هو. احمد فراز اردوءَ ۽ فارسيءَ ۾ ايم .اي جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن ايڊورڊ ڪاليج پشاور ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران ريڊيو پاڪستان لاءِ فيچر لکيا. بي. اي ۾ پڙهندو هو ته ان وقت سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”تنها تنها“ شايع ٿيو. تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ريڊيي سان معاهدو ختم ڪري، يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. ملازمت دوران سندس شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ’درد آشوب‘ شايع ٿيو، جنهن تي کيس ’آدمجي ادبي اوارڊ‘ مليو. يونيورسٽيءَ جي ملازمت کان پوءِ پاڪستان نئشنل سينٽر پشاور جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1976ع ڌاري اڪادمي ادبيات پاڪستان جو پهريون سربراهه مقرر ٿيو. جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا دوران سياست کان الڳ ٿي ويو. زندگيءَ جي آخري دور ۾ پاڻ [[اسلام آباد]] جي لوڪ ورثه نالي اداري جو سربراهه به ٿيو. احمد فراز غزل ۽ نظم جو تمام وڏو شاعر هو. هن شاعريءَ جي انهن ٻنهي صنفن ۾ جديد رنگ ڀريو. هن وقت تائين سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جن مان ڪن جا نالا هي آهن: ’تنها تنها مين‘ (1958ع)، ’درد آشوب‘ (1966ع)، ’جان جانان‘ (1976ع)، ’نابينا شهر مين آئينه (1984ع)‘ ’بي آواز گلي کو چون مين (1882ع)‘. ان کان سواءِ سندس نظم سويڊن، يوگوسلاويه ۽ هالئنڊ ملڪن جي زبانن ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪا آهن. سندس شاعريءَ جو انتخاب انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي ’ونڊ ان دي ولڊرنيس‘ عنوان سان ڇپجي چڪو آهي. نوجوانن ۾ مقبول هن شاعر جي وفات جولاءِ 2008 ۾ شڪاگو جي هڪ اسپتال ۾ ٿي. کيس اسلام آباد ۾ دفنايو ويو.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=احمد%20فراز</ref<ref> [//en.wikipedia.org/wiki/Ahmad_Faraz Ahmad Faraz - Wikipedia<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==