سقراط: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 44:
== ڪردار ۽ ويچار ==
 
سندس شاگرد، کيس ايتري عزت ڇو ڏيندا هئا؟ شايد ان ڪري، جو هو هڪ فلسفي به هو، ۽ هڪ سٺو انسان پڻ. هڪ دفعي، هن لڙائيءَ هلندي پنهنجي پاڻ کي جوکي ۾ وجھندي، السيبياڊس جي حياتي بچائي هئي. هو هڪ معتبر انسان وانگر شراب جا جام بي ڊپائيءَ ۽ حد اندر پيئندو هو. پر سڀ کان بهترين شيءِ جا هنن کي پسند هئي، سا هئي هن جي ڏاهپ ڀري نماڻائي. هن ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪئي ته هو عقلمند آهي<ref name = "ڪورا ميسن "/>. هن صرف اها دعويٰ ڪئي ته کيس حڪمت (فلسفي) سان پيار هو. هو حڪمت جو واپاري نه هو، مگر ان جو عاشق هو. ائين چيو ويندو هو ته، ڊيلفيءَ وٽ، غيبي آواز، غير معمولي هوشمنديءَ جو مظآهرو ڪندي، کيس سڀني يونانين کان وڌيڪ عقلمند قرار ڏنو هو<ref name = " ڪورا ميسن"/>. سقراط انهيءَ ڳالهه جي هيءَ تشريح ٿي پيش ڪئي، ته غيبي آواز سنس اگنان واد (Agnostic) جي تصديق ڪئي هئي، هن جي فلسفي جو ابتدائي نقطو پڻ اهو ئي آهي. هو چوندو هو: ”فقط هڪ ڳالهھ مان ڄاڻان ٿو، ۽ اُها هيءَ آهي ته مان ڪجهھ به نه ٿو ڄاڻان<ref name = " ڪورا ميسن "/>.“ فلسفو تڏهن شروع ٿئي ٿو، جڏهن انسان شڪ ڪرڻ سکي ٿو. خاص طرح جڏهن هو پنهنجن دلپسند اعتقادن، نظرين ۽ اصولن ۾ شڪ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙيءَ طرح انهن دلپسند اعتقادن، اسان جي اندر ۾، يقين جو روپ ورتو؟ ڇا اسان جي اندر جي ڪنهن ڳجھيءَ خواهش، مخفي طرح ته کين پيدا نه ڪيو آهي؟ ڇا اسان جي هِن يا هُن اعتقاد ۾، هڪ خواهش، خيال جو جامو ته نه پهريو آهي؟ حقيقي فلسفو ايستائين وجود ۾ ڪونه ٿو اچي. جيستائين مَن ڦري پنهنجو اندر نٿو جاچي، سقراط جو پهريون ۽ پويون سبق آهي ته ”پنهنجو پاڻ سڃاڻ<ref name = " ڪورا ميسن "/>.“
هن کان اڳ به ڪيترا فلسفي ٿي گذريا هئا. ٿيلس (Thales) ۽ هِرئڪلٽيس (heraclitus) جهڙا پختا ۽ طاقتور، ۽ ڪي تيز طبع ۽ گهري نظر رکندڙ، جيئن ته پارمينائيڊس (Parmenides) ۽ زينو (Zeno) ۽ ڪي فيثاغورث (Pythagoras) ۽ ايمپيڊ وڪلس (Empedocles) جهڙا اهل دل ۽ ڊگهي نظر وارا، پر اهي گهڻي قدر طبعياتي فلسفي هئا. اُنهن ٻاهرين شين جي رنگ ڍنگ يا فطرت کي جاچڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ۽ جسماني يا طبعياتي دنيا، جيڪا توري ۽ ماپي سگهجي ٿي، ان جي قاعدن ۽ جزن بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، سقراط چيو ته اها ڳالهه ته بلڪل ٺيڪ آهي، پر فلسفين جي مطالعي لاءِ پٿرن ۽ وڻن ۽ تارن کان گهڻو گهڻو مٿي ۽ وڌيڪ لائق موضوع ٻيو آهي، ۽ اهو آهي انساني نفس يا من. انسان ڇا آهي، ۽ هو ڇا بنجي سگھي ٿو<ref name = " سبط حسن "/>؟