سقراط: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 33:
 
 
سقراط سنگ تراش سوفرونڪس ۽ دائيءَ فيتيريتي جو پٽ هو. جنهن ايٿينز جي رواج جي ابتڙ پيءُ جي ڌنڌي ڪرڻ کان نابري واري، ۽ سچ جو مبلغ ٿيو. هو اڄ کان چويهه سو سال اڳ جي ايٿينز، [[يونان]] جو رهواسي هو.
==سقراط جو دؤر ۽ سندس شخصيت==
جڏهن [[سائنس]]، ڊرامي ۽ شاعري ۾ [[هومر]]، [[فيثاغورث]]، پنڊار، سوفوڪليز، ليان، هيسئڊ، [[جارجيس]]، يوريپڊيز، ايمپي ڊوڪليز، انڪثا غورث، ارسٽو فينز ۽ ايگاٿن وغيره پنهنجو وارو وڄائي چڪا هئا. سقراط انهن مان ڪيترو لاڀ پرايو سا ڳالهه [[افلاطون]] جي سقراط سان منسوب ڪيل مڪالمن ۾ ڏسي سگهجي ٿي. سقراط [[خيال پرست]] فلسفي هو. هو هڪ طرح [[توحيد]] جو قائل هو، سندس چوڻ هو ته سڀ ديوتا نيڪي جا خواهان آهن. سقراط کي خبر هئي ته قديم شاعرن جي شاعري يونان ۾ مقدس ليکي وڃِي ٿي پر هن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ تي ايمان آڻڻ جي ڳالهه نه ڪئي جڏهن ته ڪريفن جو ڊلفي وارو حوالو به وٽس هو. هن جي دلچسپي چنڊ ستارن سان نه هئي، نه ئي هو هڏين ۽ گوشت جي ٺهيل انسان کي اهميت ڏئي ٿو. هن لاءِ زمين سج کي ڦري ٿي يا سج زمين کي ڦري ٿو ڪابه اهميت نٿا رکن ۽ نه ئي رت جي گردش يا هڏين جي بناوٽ هن لاءِ اهم آهن. هو ته اوچا آدرش رکندڙ هو. هن جو واسطو جسم سان نه پر ذهن يا روح سان هو. سندس نظر ۾ سچ ۽ نيڪي جي جستجو ئي سڀ کان اتم آهن. سقراط سڄي حياتي انهن سوالن جي کوج ۾ گذاري ته [[ڪائنات]] ڇا آهي؟ دنيا ڇو پيدا ٿي؟ انسان جي وجود جو ڪارڻ ڇا آهي؟ نيڪي ڇا آهي؟ سچ ڇا آهي؟ وغيره. سقراط سڄي عمر رڳو ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ هڪ لفظ به نه لکيائين ۽ نه ليڪچر ڏنائين. هن جون ڪچهريون روايتي انداز واريون هونديون هيون. ڪڏهن ورزش گاهه ۾، ڪڏهن بازار ۾، ڪڏهن ڪنهن محفل يا دعوت ۾، ڪڏهن ڪنهن دڪان تي، بس هن جو وقت ائين گذرندو رهيو. اسان وٽ سندس خيال [[افلاطون]] ۽ [[زينوفن]] ذريعي پهتا آهن.
 
== سقراط جي گھرو زندگي ==