سقراط: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 51:
سندس شاگرد، کيس ايتري عزت ڇو ڏيندا هئا؟ شايد ان ڪري، جو هو هڪ فلسفي به هو، ۽ هڪ سٺو انسان پڻ. هڪ دفعي، هن لڙائيءَ هلندي پنهنجي پاڻ کي جوکي ۾ وجھندي، السيبياڊس جي حياتي بچائي هئي. هو هڪ معتبر انسان وانگر شراب جا جام بي ڊپائيءَ ۽ حد اندر پيئندو هو. پر سڀ کان بهترين شيءِ جا هنن کي پسند هئي، سا هئي هن جي ڏاهپ ڀري نماڻائي. هن ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪئي ته هو عقلمند آهي. هن صرف اها دعويٰ ڪئي ته کيس حڪمت (فلسفي) سان پيار هو. هو حڪمت جو واپاري نه هو، مگر ان جو عاشق هو. ائين چيو ويندو هو ته، ڊيلفيءَ وٽ، غيبي آواز، غير معمولي هوشمنديءَ جو مظآهرو ڪندي، کيس سڀني يونانين کان وڌيڪ عقلمند قرار ڏنو هو. سقراط انهيءَ ڳالهه جي هيءَ تشريح ٿي پيش ڪئي، ته غيبي آواز سنس اگنان واد (Agnostic) جي تصديق ڪئي هئي، هن جي فلسفي جو ابتدائي نقطو پڻ اهو ئي آهي. هو چوندو هو: ”فقط هڪ ڳالهھ مان ڄاڻان ٿو، ۽ اُها هيءَ آهي ته مان ڪجهھ به نه ٿو ڄاڻان.“ فلسفو تڏهن شروع ٿئي ٿو، جڏهن انسان شڪ ڪرڻ سکي ٿو. خاص طرح جڏهن هو پنهنجن دلپسند اعتقادن، نظرين ۽ اصولن ۾ شڪ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙيءَ طرح انهن دلپسند اعتقادن، اسان جي اندر ۾، يقين جو روپ ورتو؟ ڇا اسان جي اندر جي ڪنهن ڳجھيءَ خواهش، مخفي طرح ته کين پيدا نه ڪيو آهي؟ ڇا اسان جي هِن يا هُن اعتقاد ۾، هڪ خواهش، خيال جو جامو ته نه پهريو آهي؟ حقيقي فلسفو ايستائين وجود ۾ ڪونه ٿو اچي. جيستائين مَن ڦري پنهنجو اندر نٿو جاچي، سقراط جو پهريون ۽ پويون سبق آهي ته ”پنهنجو پاڻ سڃاڻ.“
هن کان اڳ به ڪيترا فلسفي ٿي گذريا هئا. ٿيلس (Thales) ۽ هِرئڪلٽيس (heraclitus) جهڙا پختا ۽ طاقتور، ۽ ڪي تيز طبع ۽ گهري نظر رکندڙ، جيئن ته پارمينائيڊس (Parmenides) ۽ زينو (Zeno) ۽ ڪي فيثاغورث (Pythagoras) ۽ ايمپيڊ وڪلس (Empedocles) جهڙا اهل دل ۽ ڊگهي نظر وارا، پر اهي گهڻي قدر طبعياتي فلسفي هئا. اُنهن ٻاهرين شين جي رنگ ڍنگ يا فطرت کي جاچڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ۽ جسماني يا طبعياتي دنيا، جيڪا توري ۽ ماپي سگهجي ٿي، ان جي قاعدن ۽ جزن بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، سقراط چيو ته اها ڳالهه ته بلڪل ٺيڪ آهي، پر فلسفين جي مطالعي لاءِ پٿرن ۽ وڻن ۽ تارن کان گهڻو گهڻو مٿي ۽ وڌيڪ لائق موضوع ٻيو آهي، ۽ اهو آهي انساني نفس يا من. انسان ڇا آهي، ۽ هو ڇا بنجي سگھي ٿو؟<ref>{{cite web |url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html}}{ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}</ref>
 
 
==سقراط جو موت==
جڏهن سقراط لاءِ موت جي سزا جو اعلان ڪيو ويو، ته کيس دوستن ۽ شاگردن صلاح ڏني ته فرار ٿي وڃ پر سقراط ان ڳالهه کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته جن قانونن کي اسان جوڙيو آهي انهن قانونن کان ڪيئن ٿو فرار ٿي سگهجي. مان ستر سالن جو آهيان مرڻو ته هوئين به آهي پوءِ ڇو نه شان سان مران. سقراط موت جي سزا جي فيصلي اچڻ کان اڳ چيو هو ته، ”منهنجي دعا آهي ته ديوتا ۽ [[عدالت]] اهڙو فيصلو ڏين جنهن ۾ منهنجي به ڀلائي هجي ۽ توهان جي به.“ عدالتي ڪاروائي ۾ فيصلو راءِ شماري جي ذريعي ٿيو ۽ سقراط کي موت جي سزا جو حقدار قرار ڏنو ويو. ان دور جي رواج مطابق سقراط کي زهر جو پيالو پي پنهنجو انت آڻڻو هو. پوءِ سقراط کي بنديخاني ۾ وڌو ويو. زهر جو پيالو پيئڻ کان اڳ سقراط پهريان غسل ڪيو، پوءِ ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي زال [[زانپٽي]] ۽ ٻين عورتن سان ڪچهري ڪئي. جڏهن جيلر زهر جو پيالو سقراط حوالي ڪيو ته سندس همدرد غم زده ٿي ويا تڏهن سقراط کين چيو، ”مون عورتن کي ان ڪري ئي ٻاهر موڪليو آهي ته جيئن اهي اهڙي غلطي نه ڪن اوهان به پنهنجو پاڻ تي قابو رکو ۽ صبر کان ڪم وٺو.“ زهر جي پيالي پيئڻ کان پوءِ سقراط ٿوري دير تائين پسار ڪندو رهيو. پوءِ هو ڪمبل ويڙهي ليٽي پيو. پر وري ٿوري دير کان پوءِ هن آخري ڀيرو ڳالهيو، ”ڪرائٽو اسان تي واجب آهي ته هڪ ڪڪڙ شفا جي ديوتا جي نالي تي قربان ڪريون. ڇا تون اها قرباني ڏيندين؟ متان وساري ڇڏين.“ ٻئي ڏينهن ڪڪڙ جي قرباني ڏني وئي. [[ڪرائٽو]] لکي ٿو، ”اسان سقراط جي جسم کي دفن ڪري ڇڏيو. منهنجو خيال آهي ته سقراط بذات خود موجود نه هو، پر مون کي يقين آهي ته هي جتي به آهي خير سان آهي.“
 
== حوالا ==