بارسلونا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
م خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو (14.9 core): + زمرو:اسپين ۾ يونيورسٽي شهر
 
سِٽَ 1:
'''بارسلونا''' (Barcelona ):اُتر -اوڀر- [[اسپين]] جو شهر -بارسلونا-، -ڀونوچ سمنڊ- جي ڪناري تي، -اسپين- جي قديم تاريخي، ثقافتي ۽ عيسائي -بشپ- جي مرڪز طور به مشهور آهي. هن شهر جي -آدمشماري- 50 لک کان وڌيڪ ٿيندي. رومين جي دؤر ۾ هيءُ شهر -اتر- -اوڀر- -اسپين- جي گاديءَ جو هنڌ هو. هي شهر سڀ کان پهرين ڪارٿيج وارن -آباد- ڪيو هو. هتي جا پراڻا آثار هن شهر جي قدامت جا مظهر آهن. 713ع ۾ مسلمانن هتي قبضو ڪيو. ليڪن 90 سالن بعد 801ع ۾ فرانس جي مشهور فاتح شارليمين جي پٽ لوئي پهرئين، هي شهر مسلمانن کان خالي ڪرائي ورتو، پر 856ع ۾ وري مسلمانن هن تي قبضو ڪيو. سن 1706ع ۾ ارل آف پيٽر برو هتي پنهنجو قبضو ڄمايو. سن 1808ع ۾ فرانس جي مشهور فاتح نيپولين بونا پارٽ هتي قبضو ڪيو. 1936ع ۾ جنرل فرانڪو، -اسپين- ۾ فوجي -انقلاب- آندو ته 1938ع تائين هن شهر تي زبردست بمباري ٿيندي رهي، جنهنڪري هزارين ماڻهو مري ويا. 1992ع ۾ -بارسلونا- اولمپڪ رانديون هتي ڪرايون ويون. هيءُ شهر فن، موسيقي، -ثقافت- ۽ حسن سبب سڄي -اسپين- ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو. خوبصورتيءَ جي لحاظ کان پورو -بارسلونا- صوبو سڄي يورپ ۾ مشهور آهي. هتي جو پڪاسو ميوزيم ڏسڻ وٽان آهي. هتي ڳرين مشينن، آٽو موبائيل، دوائن، ريشمي ۽ اوني ڪپڙي جا ڪيترائي ڪارخانا قائم ڪيل آهن. -بارسلونا- جي پراڻي حصي ۾ رومي ۽ اسلامي طرز تعمير جا ڪئين نمونا موجود آهن.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%A7%D8%B1%D8%B3%D9%84%D9%88%D9%86%D8%A7بارسلونا بارسلونا : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
[[زمرو:اسپين ۾ يونيورسٽي شهر]]