"ايني بيسنت" جي ورجائن ۾ تفاوت

102 بائيٽون واڌ ،  3 مهينا پهرين
م
م (Bot: Automated text replacement (-File: +فائل:))
م (خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+ترتيب (14.9 core): + زمرو:1847ع جون پيدائشون+زمرو:1933ع جون فوتگيون+زمرو:فيمينزم ۽ روحانيت)
 
[[فائل:ZieglerBesant.jpg|thumb|ايني بيسنت]]
== جنم ==
مشهور ٿياسافسٽ ايني بيسنت (Annie Besant) آڪٽوبر 1847ع ڌاري لنڊن (انگلينڊ) ۾ ڄائي. سندس پيءُ جو نالو ”پيچ وُڊ“ ۽ ماءُ جو نالو ”ايميلي“ هو.
 
== سوانح ==
1867ع ۾ هڪ ڪرسچن پادري ”فرئنڪ بيسنت“ سان ويهن ورهين جي ڄمار ۾ سندس وِهانءُ ٿيو، جنهن مان کيس ٻه پٽ ٿيا، پر ذهني هم آهنگي نه ٿيڻ سبب ڇهن سالن جي عرصي ۾ ٻئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويا. پادري ڪٽر خيال هو ۽ ايني بيسنت آزاد خيال هئي. ايني بيسنت انگلينڊ، فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. هن مڙس کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ٻارن جي تربيت لاءِ مزدوري ڪري وقت گذاريو ۽ ايئن کيس مزدور طبقي جي مشڪلاتن جو احساس ٿيو. 1874ع ڌاري هن جي انگلينڊ جي نامور اڳواڻ ۽ پارليامينٽ جي ميمبر چارلس براڊلا سان ملاقات ٿي ۽ هوءَ سندس اخبار ”نيشنل رفارمر“ جي ڪيترو وقت اسسٽنٽ ايڊيٽر به ٿي رهي. هن ساڻس گڏجي ٽريڊ يونين سرگرمين ۾ حصو ورتو. مسٽر براڊلا ۽ ايني بيسنت مظلومن جا حامي هئا، ان ڪري اقتدار جا ڌڻي سندن قلم ۽ تقريرن کان ڪؤ کائيندا هئا. ان ئي زماني ۾ هنن ٻنهي گڏجي ”برٿ ڪنٽرول“ (ڄم روڪ) بابت هڪ ڪتابڙو لکيو، جنهن انگلينڊ جهڙي قدامت پسند ملڪ ۾ ٻڙڌول مچائي ڇڏيو. مٿن ڪيس هليو ۽ کين هڪ سال سزا ملي، پر پوءِ اپيل تي آزاد ٿيا. ايني بيسنت بنيادي طرح سوشلسٽ خيال هئي، جڏهن ته مسٽر براڊلا سوشلزم کي شخصي آزاديءَ لاءِ ڇيهي ڪار سمجهيو ٿي، -ان- ڪري سندن اختلاف ٿي پيا. ايني بيسنت سوشل خيال ”فيبن سوسائٽي“ ۾ 14 سال ڪم ڪيو ۽ سوشلزم جي حمايت ۾ ڪيترا رسالا ڪڍيا، هن ئي پارٽيءَ اڳتي هلي ”ليبر پارٽيءَ“ کي جنم ڏنو.
 
ايني بيسنت جو [[سنڌ]] جي تعليمي ترقيءَ ۾ تمام اڳڀرو ڪردار آهي. موجوده گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد (سنڌ نيشنل ڪاليج) جو قيام ان جو مثال آهي. هن ڪاليج لاءِ حيدرآباد جي دانوير شخص پرتاب راءِ سنگهه پنهنجي زمين ”ڪاري ڦڙدي“ (ڪاري موريءَ) ڀرسان ڏني ۽ سنڌ جي اهم ٿياسافسٽ عالمن ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ديوان هيرانند سنتو ڪرام، ديوان سندر داس منگهارام وڪيل، جهمٽ مل جگتياڻي ۽ ڏيارام گدومل جي مدد سان هي ڪاليج قائم ٿيو. جڏهن سيپٽمبر 1917ع ۾ -ايني بيسنت- حيدرآباد سنڌ ۾ آئي ته مٿين ٿياسافسٽ عالمن سان گڏجي هن موجوده ريڊيو [[پاڪستان]] [[حيدرآباد]] ڀرسان بيسنت لاج يا بيسنت هال جو بنياد رکيو. ان موقعي تي ديوان بولچند جي گهر ۾ مٿئين ڪاليج لاءِ رٿا جڙي ۽ ايني بيسنت پهرين -آڪٽوبر- 1917ع تي پنهنجي 70 هين سالگرهه تي هن ڪاليج جو پنهنجي هٿن سان بنياد رکيو ۽ -ان- جو نالو ”سنڌ نيشنل ڪاليج“ تجويز ڪيو ويو. هن ڪاليج جي استادن ۾ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي به شامل رهيا آهن.
 
== ديهانت ==
ايني بيسنت هندو ڌرم جو به وسيع مطالعو ڪيو ۽ ڀڳوت گيتا جو انگريزيءَ ۾ ترجمو به ڪيو هئائين. هن جون ڪيتريون يادگار تصنيفون آهن. پاڻ 20 سيپٽمبر 1933ع تي لاڏاڻو ڪيائين. سندس ميت کي هندومت جي رسمن موجب اديار (مدراس) ۾ اگني سنسڪار ڪيو ويو.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=ايني%D8%A7%D9%8A%D9%86%D9%8A%20%D8%A8%D9%8A%D8%B3%D9%86%D8%AA20بيسنت ايني بيسنت : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
[[زمرو:شخصيتون1847ع جون پيدائشون]]
[[زمرو:سنڌ1933ع جون فوتگيون]]
[[زمرو:ڀارت]]
[[زمرو:برطانيا]]
[[زمرو:سنڌ]]
[[زمرو:شخصيتون]]
[[زمرو:فيمينزم ۽ روحانيت]]
[[زمرو:مذهب]]
[[زمرو:ڀارت]]
11,477

سنوارون