چراغ علي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب+صفائي (14.9 core): + زمرو:1844ع جون پيدائشون
 
سِٽَ 1:
[[Fileفائل:Darbar-e-Qas in Chowmahalla Palace.jpg|300px|thumb|نظام جي درٻار خاص جتي وزيرن سان ميٽنگ ٿيندي ھئي]]
 
'''چراغ علي'''{{ٻيا نالا|انگريزي= ''' Chirag Ali'''}} (1844–1895) اوڻوھين صدي جو ھڪ مذھبي اصلاح پسند ۽ سيڪيولر مفڪر ڪشميري مسلمان ھيو. جنھن پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز برٽش انڊيا جي حڪومت ۾ ملازمت سان ڪيو ۽ اتر انڊيا ۾ نوڪري ڪئي<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام"/>. 1877 ۾ نظام حيدرآباد دکن جي درٻار ۾ سياسي سيڪريٽري طور مقرر ٿيو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام"/>.
 
== ذاتي زندگي ==
ھي 1844 ۾ موجوده [[اتر پرديش]] جي شھر [[ميروت]] ۾ ڪشميري خاندان ۾ پيدا ٿيو<ref>Syed Moinul Haq, ''Islamic thought and movements in the subcontinent, 711-1947'', Historical Society (1979), p. 469</ref><ref>Juan Eduardo Campo, ''Encyclopedia of Islam'', Infobase Publishing (2009), p. 139</ref><ref>Charles Kurzman, ''Modernist Islam, 1840-1940: A Sourcebook'', [[Oxford University Press]] (2002), p. 277</ref>. کيس ٽي ڀائر ولايت علي، عنايت علي ۽ منصب علي ھئا ۽ ھي عمر ۾ ٽنھي کان وڏو ھيو.سندس والد جو نالو محمد بخش ھيو جيڪو 35 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. ان وقت ھن جي عمر 12 سال ھئي جنھن ڪري ھن جي ذميداري ماء ۽ ڏاڏيءَ جي مٿان پئي. ھن جي شادي ابدي بيگم نالي عورت سان ٿي.ھن شروعاتي تعليم گھر ۾ حاصل ڪئي. ھن [[عربي]]، [[فارسي]] ،[[انگريزي]] ،[[ فرينچ]]،[[ آرامڪ]]، [[عبراني ٻولي|عبراني]]، [[لاطيني]] ۽ [[يوناني ٻولي|يوناني]] ٻوليون سکيون ھيون. <ref>Sohail H. Hashmi in ''Just Wars, Holy Wars, and Jihads: Christian, Jewish, and Muslim Encounters and Exchanges'', [[Oxford University Press]] (2012), p. 307</ref>ھن پنھجي زندگي ۾ تعليم کي تمام وڏي اھميت ڏني ھئي. ھن نوڪري جي شروعات گورکپور ۾ بطور ڪلارڪ ڪئي. پوء ھي لکنو ۾ سيٽلمينٽ آفيس جو ڪليڪٽر مقرر ٿيو. حيدرآباد جي نظام سر سيد احمد جي سفارش تي کيس درٻار ۾ نوڪري ڏني. چراغ مخبر صادق ۽ منشور محمدي نالي اخبارن ۾ لکندو ھيو. حيدرآباد دکن جي وزيراعظم [[ مير تراب علي خان سالار جنگ (پھريون)|سالار جنگ I]] سر سيد احمد کي ترجمو ڪندڙ ماڻھو لاء گھريو تي ھن کيس پنھنجي ھم خيال چراغ علي جو نالو ڏنو اھڙي طرح ھن جي اتي مقرري ٿي.
 
== سندس ڏنل فڪر ==
سر سيد احمد خان(وفات:1898) جي ويجھي ھمدردن مان ھيو. چراغ علي انھن ڪتابن ۽ مضمونن جي ڪري مشھور ٿيو جن ۾ ھن علي ڳڙھ واري اسلامي جدت واري پروگرام کي رٿيو ھو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام"/>. چراغ علي مطابق قرآن عبادت ۽ اخلاق جي معاملن ۾ رھنمائي رکي ٿو پر سندس خيال م حڪومت يا قانونسازي ۾ قرآن مان صحيح رھنمائي نہ ٿي ملي سگھي<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام"/>. ھن برطانوي [[استشراق|مستشرقن]]، عيسائي مبلغن ۽ مسلمان روايت پسندن جي ان خيال جي مخالفت ڪئي تہ اسلام ديني رياست (مذھب ۽ رياست جي جوڙ) جي تصديق ڪري ٿو ۽ اھو تہ اسلام ناقابل تغير آهي<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام"/>. ھن جي مطابق اسلامي حڪومت ۽ شريعت گھڻي ڀاڱي انساني تخليقون آهن ۽ مختلف علائقن جي تاريخي حالتن ۾ تبديل ٿيڻ جي صلاحيت رکندڙ آھن<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام"/>. جھاد لاء ھن جو خيال ھيو تہ اھا ھڪ دفاعي حڪمت عملي ھئي جيڪا حضرت محمد {{درود}} ان وقت اختيار ڪئي جڏھن شروع ۾ مسلمان اڳرائي جي زد ۾ ھيا. ھن جي خيال مطابق جھاد جو مقصد مذھب جي نالي ۾ ھڪ جائز اڳرائي ٿيڻ ھرگز نہ ھو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام"/>. ھي انڊيا ۾ برطانوي راڄ جو بہ مخالف ھيو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام"/>. ھي روايتن جي بنياد تي ڏنل حڪومت، غلامي، رکيل عورتن، شادي، طلاق، ۽ غير مسلمانن جي حيثيت تي ڏنل فتوائن يا شرعي راء تي تنقيد ڪئي ۽ انھن فتوائن کي جديد مسلم معاشري جي گھرجن سان نہ ٺھڪڻ جي ڳالھ ڪندي اھڙين فتوائن تي نظرثاني يا انھن جي خاتمي جو مطالبو ڪيو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام"/>. ھن تسليم ڪيو سندس خيال تڪراري آھن پر ھن کي يقين ھو تہ ھن جاي انھن خيالن ذريعي مسلمان جديد دؤر ۾ مثبت تبديلي ۽ فڪري آزاديءَ جو ميدان جوڙي سگھن ٿا. ھن جديد لبرل اسلامي روايتن جي جڙڻ جي سوچ ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو<ref name="انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام "> - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001
- pages# 138,139 </ref>.
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
[[زمرو:حيدرآباد دکن]]
[[زمرو:مسلمان1844ع مفڪرجون پيدائشون]]
[[زمرو:1895ع جون وفاتون]]
[[زمرو:حيدرآباد دکن]]
[[زمرو:سر سيد احمد]]
[[زمرو:سيڪيوازم]]
[[زمرو:مسلمان مفڪر]]