اليگزينڊر گراھم بيل: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
غير ضروري نشانيون ختم ڪيون ويون ۽ حوالي جا تفصيل وڌا ويا.
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ايپ سنوار اينڊروئيڊ ايپ سنوار
م خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو (14.9 core): + زمرو:1922ع جون فوتگيون
 
سِٽَ 1:
{{صندوق معلومات شخص}}
 
سائنسدان ۽ [[ٽيليفون]] جو مؤجد '''اليگزينڊر گراهم بيل''' اسڪاٽلئنڊ جي شهر ”ايڊنبرا“ ۾ 3 مارچ 1847ع تي ڄائو. 1858ع ۾ ”ايڊنبرا“ جي رايل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، جتان تعليم حاصل ڪرڻ بعد، 1863ع ۾، ويسٽن هائوس اسڪول ۾ استاد ٿيو. بعد ۾ 1866ع ۾ ”سومرسٽ شاير“ ڪاليج ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. ان کانسواءِ لنڊن ۾ ٻوڙن جي اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. ان دوران لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي تعليم کي پڻ جاري رکيائين. 1870ع ۾ والدين سان گڏ ڪئناڊا ويو ۽ 24 سالن جي عمر ۾ 1873ع ۾ بوسٽن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، جتي ميبل هبارڊ (Mabel Hubbard) سان سندس پهرين ملاقات ٿي. ان دؤران هو ”هارمونڪ ٽيليفون“ جا تجربا ڪندو رهيو ۽ نيٺ 1875ع ۾، ٽيليفون ايجاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. 10 مارچ 1876ع تي هن دنيا جو پهريون ٽيليفون پيغام موڪليو ۽ ساڳئي ئي سال 25 جون تي فلاڊيلفيا (Philadelphia) ۾ ٽيليفون جي نمائش جو اعلان ڪيائين. 9 جولاءِ 1877ع تي ”بيل ٽيليفون ڪمپنيءَ“ جو بنياد وڌو ويو. اليگزينڊر 11 جولاءِ 1877ع تي ”ميبل هبارڊ“ (Mabel Hubbard) سان شادي ڪئي. 1879ع ۾ ”بيل ٽيليفون ڪمپنيءَ“ مان استعيفيٰ ڏئي، اسڪاٽلئنڊ جي ”گريناڪ“ شهر ۾ ٻوڙن ٻارڙن لاءِ اسڪول قائم ڪيائين. ان کان پوءِ هن 1883ع ۾ واشنگٽن ۾ ٻوڙن جي لاءِ هڪ الڳ اسڪول کوليو. هن 1886ع ۾ ”باديڪ بي“ شهر ۾ ذاتي جڳھ خريد ڪري، هڪ لئبارٽري قائم ڪئي. آمريڪا ۾ ٻوڙن کي ڳالهائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ لاءِ هڪ تنظيم جو بنياد پڻ وڌائين، جنهن جو پهريون صدر پاڻ ٿيو. ان کان سواءِ ”نئشنل جاگرافڪ سوسائٽيءَ“ ۾ ”سمٿ سونين“ اداري جو صدر پڻ ٿيو. ٽيليفون ذريعي، دنيا کي ”گلوبل نيٽ“ (Globel net) بڻائيندڙ هن عظيم سائنسدان، 75 سالن جي عمر ۾ 2 آگسٽ 1922ع ۾ وفات ڪئي.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=اليگزينڊر%D820گراهم%A7%D9%84%D9%8A%DA%AF%D8%B2%D9%8A%D9%86%DA%8A%D8%B1%20%DA%AF%D8%B1%D8%A7%D9%87%D9%85%20%D8%A8%D9%8A%D9%8420بيل اليگزينڊر گراھم بيل] انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، پاران [[سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو]]، حيدرآباد، سنڌ.</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
[[زمرو:1922ع جون فوتگيون]]